Sunday, 9 August 2015

ڪراچي جي سخي حسن قبرستان جي ھڪ قبر انصاف گُھري ٿي...

#August9th  #MartyrdomAnniversary  #ShaheedNazirAbbasi

ڪراچي جي سخي حسن قبرستان جي ھڪ قبر انصاف گُھري ٿي...

اڄ شھيد نظير عباسي جي 35ھين ورسي آھي.ھو ڪميونسٽ پارٽي پاڪستان جي سينٽرل ڪاميٽي جو نوجوان ميمبر ھيو.
28 سالن جي عمر ۾ شھادت پيئندڙ  نظير عباسي کي 19 جولائي 1980ع ۾ پاڪستاني ايجنسين طرفان گرفتار ڪري ويا ڇو ته ھنن جو مطالبو ھو ته اليڪٽورل  ووٽر لسٽون سنڌي زبان ۾ شايع ڪيون وڃن.
لڳاتار جسماني تشدد کي ڀوڳيندڙ ھي نوجوان جنھن جو روح ته ھار نه مڃي پر جسماني عضوا وڌيڪ برداشت نه ڪري سگھيا ۽ اڄوڪي ڏينھن 9 آگسٽ 1980ع ۾ ھو بي جان ٿي ويو.برگيڊئير امتياز احمد بلا تي حميده گھنگرو پنھنجي بھادر مڙس جي مارجڻ جو ڪيس پڻ داخل ڪرايو پر انصاف جي اميد ته صرف الله مان ئي ڪري.سگھجي ٿي.
سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽ فيڊريشن جو صدر رھندڙ  نظير ٽنڊوالھيار ۾ 10 اپريل 1959ع تي جنم ورتو. سنڌ جو ڪامريڊ پنھنجي جواني ۾ ئي موڪلائي ويو.
اڄ شھيد نظير عباسي کي سُرخ سلام پيش ڪري بس اھا ئي گُھر ڪجي ٿي ته دير ئي سھي انصاف ڏنو وڃي.

مان مورن ملوڪن کي مرندي ڏسان ٿو
مان ڪنگن ۽ ڪانگن کي ڪُڏندي ڏسان ٿو
مان ڌارين کان ڌرتي کي ڌُڏندي ڏسان ٿو
مان ٻيڙي منجھ ٻار ٻُڏندي ڏسان ٿو
سڙان ٿو ڪڙھان ٿو تڏھن ڏسان ٿو
مان پنھنجي ئي ڄڻ ڄاڻ جو ڄار آھيان.
مان غدار آھيان مان غدار آھيان
چيم سچ سوريءَ سزاوار آھيان.
(ابراھيم مُنشي)

ماھم سنڌي.

No comments:

Post a Comment