Sunday, 9 August 2015

ابوجھاد جي آمد......

#August10th  #HappyBirthday #BashirKhanQureshi
ابوجھاد جي آمد......

سونھاري ۽ ڀلاري صوفياڻي ڌرتي سنڌ تي 10 آگسٽ 1959ع جو سج
رات جا سڀ ليڪا لتاڙي پنھنجي پر اُميد ۽ حوصله بخش ڪرڻن سان اوڀر طرف جي جبلن جي سينن کي چيريندي اچي نيري افق  تي اُڀو ٿي سڄي دنيا سميت سنڌ کي روشن ڪرڻ لڳو.جئين ئي سج جا تيز ڪرڻا سنڌو جي پاڻي سان ٽڪرائيندا ويا ھڪ تيز روشني آسپاس ڦھلجندي وئي.اھي ڪرڻا شاھ لطيف جي درگاھ کان وٺي سيوھڻ جي سرڪار قلندر تائين ھر وستي واھڻ کي انڌيري مان بچائيندا ويا.انھي ئي سڀاڳي صبح جو موٽڻ پور محلي،رتيديري،ضلعي لاڙڪاڻي ۾  غلام مرتضيٰ جي گھر ان جي زوجه گلشن قريشي پنھنجي ڪُک مان ٻار کي جنم ڏنو.جنھن جو نالو بشير خان قريشي رکيو ويو.ان بشير رتيديري مان تعليم حاصل ڪري 1976ع ۾  زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ داخلا ورتي جتي شاگرد سياست ۾ ڀرپور طريقي سان ايڪٽو رھيو.جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن ۾ حصو وٺڻ ان جي سياست طرف اچڻ جا پھريان قدم ھئا.سائين جي ايم سيد کان نظرياتي طور متاثر بشير خان ان جي فلسفي کي اڳتي کڻي نڪري پيو.ٺوڙي ڦاٽڪ  مانجھند ضلعي ڄامشوري ويجھي 5 جيئي سنڌ جو ڪارڪنن کي سيڪيورٽي فورسز پاران مارڻ وارو واقعو جيڪو  17 آگسٽ 1984ع ۾ پيش آيو ان ۾ به بشير  شديد احتجاج ڪيا ۽ انصاف طلبي ڪئي جنھن سبب ھڪ نا پر ڪئي دفعا جيل ۽ جيل جا ٽاچر برداشت ڪيائين.ضياء الحق جي ظلمن  خلاف آواز اٿارڻ سبب به ھي جيلن جي اونداھين ۾ اميد جي آس ۾ وقت گزاريندو رھيو.نيٺ1996ع تي جيئي سنڌ قومي محاذ جو چيئرمين چونڊجي قيادت سنڀالڻ لڳو.1999ع ۾ جيل ۾ قيد دوران ھن ھڪ ڪتاب  “جاڳيا جوڳي جوان “سنڌي ٻولي ۾ لکيو  جنھن ۾ ھن پنھنجي ڪيل مختلف تقريرن جا احوال لکيا ان تي 1997ع تي ان کي جي ايم سيد نيشينل ايوارڊ پڻ ڏنو ويو ھو.بشير ھڪ سچو قومپرست ھيو جنھن جو وڏو ڪارنامو اھو ھيو ته ھن سڀني سنڌين قومپرست ۽ ڪارڪنن کي ھڪ جھنڊي جسقم جي سڏ تي جمع ڪيو.23 مارچ 2012ع  تي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ ڪيل فريڊم مارچ  جنھن ۾ وڏي تعداد ۾ ماڻھو شامل ٿيا.انھي ڏينھن بشير جي تقرير حقيقتن تي ٻڌل ۽ مڪمل پرجوش ھئي.ھن جي معتبر قيادت سڀني کي مطمئن ڪندي ھئي.سندن چاھيندڙن ھن کي “وڏا“ ،“وڏو“ يا ابو جھاد (جدوجھد جو ابو) “پڻ سڏيندا آھن .
7 اپريل 2012ع تي رات جو 2:45 بجي ان جو پراسرار موت واقع ٿيو جنھن جو ظاھري سبب کاڌي ۾ پوائزن ڄاڻيو ويو جيڪو اڄ تائين مشڪوڪ بڻيل آھي.

اڄ سنڌ جي وڏي جي 56ھين  سالگرھ تي کوڙ ساريون دعائون ۽ مبارڪون پيش ڪجن ٿيو.

ماھم سنڌي.

No comments:

Post a Comment