Friday, 21 August 2015

صوفي جي سوز ساز کي سمجھڻ ته ڏکيو آ...

#Annual404thUrs  #ShahAbdulKarimBulri  #TandoMohammedKhan

صوفي جي سوز ساز کي سمجھڻ ته ڏکيو آ...

سنڌ جي صوفي شاعر،فقيراڻي طبيعت جي مالڪ،انسانيت سان محبت جي درس کي سرعام پکيڙيندڙ،لاکيڻي لطيف جي ڏاڏي جي، سنڌ جي ڏاکڻي طرف موجود  مير محمد ٽالپر جي جوڙايل شھر ٽنڊومحمدخان جي تعلقي بلڙي شاھ ۾ اڄ کان حضرت شاھ عبدالڪريم بلڙي واري جو   404ھون ساليانو ميلو صوفياڻين راڳن ۽ وجد طاري ڪندڙ ڌمالن سان شروع ٿي رھيو آھي.ماڻھن جي وڏي تعداد جي حاضري سان گڏ درگاھ جو گادي نشين سيد پير اسد شاھ ڪاظمي ،اوقاف کاتي جو صوبائي صلاحاڪار عبدالقيوم سومرو،ضلعي عملدار ڳاڙھي چادر چاڙھي  سڄي سفيد گنبذ سان ٺھيل روضي کي رنگ برنگي ڪري ڇڏيندا.ڪنھن ھولي جيان پکڙيل رنگ بلڙي شاھ جي درگاھ جي احاطي تي گيڙو ڪلر جي ڪپڙن ۽  گلي ۾ ڳاڙھن فقيري ڌاڳن سان اتي موجود صوفيت ۽ بلڙي شاھ جي پيغام کي ڦھلاء ڏيندڙ ،ھن درگاھ تي ڪريمي ڌمالن ۽ نعرن کي سڄي درگاھ ۽ ٽنڊي محمد خان کي گونجائي ڦليلي واھ جي واٽ وٺندي آسمانن تائين پھچائڻ جي ازم کي حقيقي روپ ڏيڻ جي ڪوششن ۾ رڌل رھندا.سندس فخر سنڌ پوٽي شاھ عبدالطيف جي درگاھ جو گادي نشين سيد وقار حسين پڻ خصوصي طور ميلي ۾ شرڪت ڪندو.اڄوڪي ڏينھن تي سڄي ضلعي ۾ عام موڪل پڻ آھي.

1536ع تي مٽياري جي سيد خاندان ۾ جنم وٺندڙ ۽ بيان العارفين جو ليکڪ ھي عبدالڪريم  دنياوي دلچسپين کي بيگانو ٿي ڪري گھڻي کان گھڻو وقت اڪيلائپ ۽ گھري سوچ ۾ گزارڻ لڳو. ھي صوفي ماڻھو پنھنجو گھڻو وقت بلڙي نالي جڳھ تي گزارڻ باوجود ان تي بلڙي وارو جو نالو پيو.ان ھن فاني جھان مان لاڏاڻو  1623ع ۾ ڪيو پر پنھنجو پيام شاعري ذريعي ۽ پنھنجي فڪر ۽ سمجھاڻين ذريعي اسان وٽ ھميشه لاء ڇڏي ويو.

الله جي ھيڪڙائي ۽ ان جي برابري ۽ ڀائيواري ڪوبه ڪين ٿو ڪري سگھي بس اھائي سچائي آھي ۽ ان کي دھرائي دھرائي من اندر لکندو وڃ.
الله جي تعريف ڪندي ان جي سچائي کي ساراھيندي ھن ريت
ريت عبداالڪريم بلڙي چئي ٿو،
تون چئو الله ھيڪڙو وائي ٻي ته سک
سچو اکر من ۾ سو ئي لکيو لک.

ٿر جي مارئي جنھن عمر سومري جون سڀ آرائشون ٺڪرايون ان تي سندس ھي چونڊ سٽون مان ھتي لکان ٿي.جنھن ۾ مارئي جي دل جي بياني ڪري چوي ٿو ته عمر مان صرف ظاھري طور ھت تو وٽ قيد آھيان پر منھنجي دل ودماغ انھن اوطاقن انھن ھنڌن انھن ماروئن  ۾ آھي جيڪي ٿر جي واري تي موجود آھن.
صورت ليکي ھت  معنيٰ ليکي ماروئين
عمر مون جي چت اوطاقون ٿرن ۾.

ھو سھڻي کي وائکو ڪندي اھو به چوي ٿو ته گھڙو کڻي پاڻي ڀرڻ جو مقصد سڀ ڪنھن جو ساڳيو ناھي.چيلھ ۽ مٿي تي گھڙو کڻي پاڻي لاء ايندڙ عورتون ته اڻ ڳڻپ آھن جن مان ڪي پورھئي سبب ته ڪي ضرورت سبب اچن ٿيو پر پرين جي ديدار جي سڪ ۽ اڪير کڻي گرمي ته ٺھيو سرد ۽ يخ راتين ۾ جڏھن پاڻي تمام گھڻو ٿڌو ٿو ٿي وڃي ان دوران پاڻي جي اڃ جي طلب نه ھوندي به بھاني سان گھڙو کڻي محبت ۾ مگن ٿي نڪرڻ وارن جو ئي روپ تاحيات ڳائجي ٿو.
پاڻياري سڀ ڪا جا سر گھڙو ڌري
ڪا لئي سندي سڄڻين ڪا پورھئي ڪاڻ ڀري.

ھو سسئي جي لاء بي چوي ٿو ته سسئي ته ھوند جلد جاڳي ۽ ھٿ ۽ وکون ٻئي وڌائي ته من سج به آھستي ٿي پئي ۽ پنھون ۾ به سجاڳي اچي.
جاڳي جاڳي سسئي  جا ھيجان ھٿ وڌاءُ
نا سُڃي سج پرين ري پنھو پٽر ناء
نڪرندي چياءِ گھوڙا ڪر نه سپرين.

ٻي جڳھ تي به پرين کان غافل عاشقن تي تنقيد پڻ ڪئي اٿس ۽ چئي پيو جن جو دل ھوش حاضر ناظر ناھي جنن جي اکين ۾ پرين جو عڪس ناھي ۽ انھن جي اکين مان انھن جي پنھنجي محبت لاء پيار ظاھر نٿو ٿئي انھن جو جئيڻ بيڪار ۽ بي مقصد آھي.
ھنيون نه حاضر جن ،پرين نه اکڙين
ٺلا ڍينڌا سکڻا ھونئن جار جين.

وڌيڪ چوي ٿو ته پرين جي پرک ۽ ان سان سچي محبت جي ثابتي اوھانکي ڏيڻي آھي ته نظرون صرف انھي ۾ ڄمائي رکو آسپاس ڏانھن اوھان تڏھن ئي ورندا جڏھن اوھانجي پيار ۾ گھٽتائي ٿيندي ۽ اکين ۾ فريب اچي ويندو ۽ اوھان ھڪ کان وڌيڪ وجود اکين ۾ سمائڻ شروع ڪندا.ھو انھن کي اٻوجھ ۽ چريو چوي ٿو ۽ اھو ظاھر ڪري ٿو ته اھڙا چريا ڪڏھن سڌرندا ئي ڪونه.

مورک مور نه ٻجھڻا  ھيڏانھن ھوڏانھن ڪن
ڪٽر جني اکين ۾ سي ڪئين پرين پسن.

اڄ منھنجي دل به زور پئي ڀري تي ٽنڊي محمد خان پھچي ڦليلي واھ جي ڪپ تي ويھي ان جي پاڻي جي وھندڙ تيزي کي محسوس ڪري ۽  پوء شاھ عبداالڪريم جي مزار تي حاضري ڀري  فاتح خواني ڪري  سنڌ ۾ امن ۽ سلامتي  جي دعا گھران ۽ ان بعد  ڪجھ ساعتن  لاء خودغرض ٿي وڃان منت جو ڌاڳو ڳاڙھي چادر جي ڪُنڊ تي سوگھي ڳنڍون ٻڌي ، ضريع تي سر رکي ٻئي اکيون بند ڪري ڪا اھڙي انمول ۽ ساھ کان وڌيڪ پياري شيء گھري وٺان جيڪا جئيري توڙي مرڻ بعد به سڪون بخشيندي رھي.آمين.

ماھم سنڌي.

No comments:

Post a Comment