#August14th 68th #IndependenceDay
ڇا واقعي اسان آزاد آھيون...؟؟؟
ننڍپڻ ۾ جشن آزادي 14 آگسٽ جو تمام گھڻو انتظار ھوندو ھيو.انھي ڏينھن اسڪول ۾ خاص تيار ٿي پاڪستاني جھنڊي جو بيج لڳائي،پلاسٽڪ جي ڏنڊي ۾ ھنيل جھنڊي کڻي اسڪول وڃڻ جو مزو ئي پنھنجو ھوندو ھيو.ھڪ عجيب اڻ ڄاتل خوشي محسوس ٿيندي ھئي ته اسانجي آزادي جي جشن جو ڏينھن آھي.اڄوڪي ڏينھن اسان مڪمل طرح سان آزاد ٿيا ھئاسين ۽ ائين لڳندو ھو ھاڻي اسان تي ڪا پابندي نه ھوندي.ھندن ۽ انگريزن جي گڏيل حڪومتي پاليسين جتي اسان کي ھر شعبي ۾ پوئتي ڌڪيو ھيو،انھن راھن تي وري نئي سر گامزن ٿينداسين.صبح سوير اٿي تقرير ذھن ۾ دھرائيندا ھئاسين جنھن ۾ باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح جون ڪوششون ۽ تعريفون ھونديون ھيون.علام اقبال توڙي سر سيد احمد خان تي به ڪجھ جملا ھوندا ھئا.ٻالڪپڻ واري ذھن ۾ جٿي گھريلو پريشانين جو شعور به نه ھوندو ھو اتي مظبوط احساس ھوندا ھئا ته اسين مڪمل آزاد آھيون.سوچون جئين ته سمنڊ جيان گھريون ۽ خاموشي سان لڪل نه ھيون جيڪي ذھن دل ودماغ ۾ آيو سو چئي ڇڏڻ ۽اظھار ڪرڻ جي عجيب عادت ھئي اتي اھو به يقين ھوندو ھيو ته ھتي ڪو به بغض ڪينو ۽ لالچ دل ۾ نه لڪائيندو.دل جي آئيني ۾ سڀ عڪس پنھنجي چھري جيان خوشحال ٻار لڳندا ھئا.ھيڊ مسٽريس ۽ ٻين ٽيچرن جا لفظ ٻڌي حب الوطني جو جذبو وڌيڪ پختو ٿيڻ لڳندو ھو.ائين لڳندو ھو ھاڻي مذھبي۽ سماجي، آزادي ملي وئي آھي ھاڻي ڪو به بنا سبب جي اسانجي آواز دٻائي نه سگھندو.وطن عزيز ۾ اسان سان ڪا نا انصافي نه ٿيندي.معياري تعليم سميت بازار مان ملندڙ کاڌي پيتي جو شيون،ڪپڙا لٽا آفيسر ۽ ڪامورا منسٽر ۽ ٻيا عملدار وڪيل ۽ جج سڀ معياري ھوندا.اسان ھر وقت امن جا گيت ڳائي جھڳڙن کي خدا حافظ ڪنداسين.اھو تلاء جنھن کي الڳ ڪيو ويو آھي ان ۾ گدلو پاڻي يا گندي مڇي اچڻ جي جرت ئي نه جوٽي سگھندي.ھن پاڪستان جي گلشن جا گل سدائين ساوا ۽ خوشبو سان مھڪيل ھوندا.ڪچي ذھن جون پوزيٽو سوچون ايتريون ته ايڊوانس ھيون جو ٽي وي تان ڪا مار ڌار جي خبر يا نا انصافي جي رپورٽ ڏسي ڱ دل چوندو ھو پڪ سان ٻي پاسي جي خبر آھي. ڇوته اسانجي ٽيچر ته آزادي واري ڏينھن چيو ھيو ته ھتي سک ۽ سلامتي ئي ھوندي.وطن آزادي بعد خوشحال ھوندو.اڄ جڏھن خاموشي سان دٻيل پيرن سان پنھنجي ٻالڪپڻ واري ماضي ۾ داخل ٿيس ته مان ته حيران رھجي ويس.اھي ڏينھن ڪيڏي نه مزي وارا ھئا.جيڪو ڪجھ غلط ٿيندو ھو ته به خبر نه پوندي ھئي.اڄ سنڌ سميت سڄي ملڪ تي نظر ڦيرايان ٿي ته ھر پاڪستاني کان چند سوال پڇڻ تي دل ٿو ڪري جن جا جواب ڳولھڻ جي باوجود نٿا ملن.
ڇا اسين واقعي آزاد آھيون؟
ڇا اسين پرامن آھيون؟
ڇا اسين انصاف پسند آھيون؟
Ye dagh Dagh Ujala,Ye Shaab Gaezda Sahr,
Wo intezar tha Jiska,ye wo Sahr tu nahi,
Ye Wo sahr tu nahi Jiski aarzoo lekar,
Chale the yaar ke mil jaege kahin na kahin,
Falak ki dasht me,taaro ki Aakhir manzil,
Kahin tu hoga,Shab e Susat ka Mauj ka sahil,
Kahin tu jaake rukega,Safeena Gham-e-dil.
Jawan laho ki Pur israr Shahraoo se,
Chale jo yaar tu,daamin pe kitne hath pare,
Dayr-e-Husaan ki Besabar khawab gaho se,
Pukarti rahin baheen,badan bulate rahe,
Bohat aziz thi lekin Rakh-e-sahr ki lagan,
Bohat qareen tha Haseen naan-e-noor ka daman,
Sibak sibak thi tamana,dabi dabi thi thakan.
Suna he ho bhi chuka he Firaq-e-zulmat wa noor,
Suna he ho bhi chuka he Wisaal-e-manzil wa gaam,
Badal chuka he bohat Ahl-e-dard ja dastoor,
Nishat-e-wisl hilal wa Azaab-e-hijar haram.
Jigar ki aag,nazar ki umaang,dil ki jalan,
Kisi pe chara-e-hijraan ka kuch aasar hi nahi,
Kahan se ai nigar-e-saaba,kidhar ko gai,
Abhi Chirag-e-sar rah ko kuch khabr hi nahi,
Abhi Girani-e-shab me kami nahi aai,
Nijaat deeda wa dil ki ghaari nahi ai,
Chale chalo ke wo manzil,abhi nahi ai.
#FaizAhmedFaiz
By:Maham Sindhi
No comments:
Post a Comment