Friday, 31 July 2015

جيڪو ماڻھو ڪونه وڪاڻو،سو ئي ماڻھو موتي داڻو

#July31st  #DeathAnniversary   #IbrahimMunshi
جيڪو ماڻھو ڪونه وڪاڻو،سو ئي ماڻھو موتي داڻو......

سنڌ جي  ڏاکڻي حصي ۾ واقع،تاريخي ۽ محبتي شھر ٽنڊو محمد خان  جيڪو  مير محمد خان تعمير ڪرايو ھيو جتان ڦليلي واھ ۽ اڪرم ڪئنال جو پاڻي ھن شھر کي سرسبز بنائي ٿو.ان جي ئي تعلقي بلڙي شاھ ڪريم جي ڳوٺ جنھاڻ سومرو ۾ اسحاق سومرو جي گھر 1934ع تي جنم وٺندڙ ابراھيم منشي ھڪ اھڙو شاعر ۽ املھ انسان ھيو جنھن تي سنڌ واسي اڄ به فخر ڪن ٿا.ننڍپڻ کان ذھين ۽ چالاڪ رھندڙ ابراھيم تي ھڪ ٺيڪيدار وٽ منشي ٿي بيھڻ جي ڪري ھرڪو ھن کي منشي سڏيندو رھيو جنھن سبب ھو ابراھيم منشي سڏجڻ لڳو.ابراھيم منشي ننڍي عمر ۾ ئي شاعري جي شروعات ڪئي.. 1949ع ۾ شاعري جي شروعات ڪندڙ ، قومپرست سياست ۾ سرگرم رھندڙ ھن شاعر مارشلا جي ڪاري دور ۾ جيل جي سختين سميت جسم تي ڦٽڪا پڻ کاڌا.ھو ھڪ عام نه پر مزاحمتي  شاعر ھو.پنھنجي شاعري ذريعي سنڌ جي حقن جي ٿيندڙ خلاف ورزي خلاف کوڙ مزاحمت ڪندو ھيو.جنھن سبب ھن کي مزاحمتي شاعر پڻ چيو وڃي ٿو.ھن پنھنجي حياتي ۾ 9 ڪتاب لکيا ۽ ان جي شاعري آڊيو وڊيو ۾ پڻ ريڪارڊ ڪري محفوظ ڪيل آھي.ھن 31 جولاء 2003ع تي ھن دنيا ۾ لاڏاڻو ڪيو.
اڄ سندس 12ھين ورسي  تي ان کي ياد ڪري ڀيٽا ڏجي ٿي.
شاعري جا ڇپيل  مجموعا
1:پيغام مظلوم 1970ع
2:وڳھ جا وريام 1971ع
3:گوندر ويندا گزري
4:ڌرتي دين ڌرم 1991ع
5:ڌونئري ڏينھن ڌارا 1995ع
6:اکر اکر اک 2006ع

ڪنھن جي ٿي ھت ذات وڪامي،
ڪنھن جي ٿي ھت ڏات وڪامي.
ڪنھن جي ٿي ھت بات وڪامي ،
ڪنھن جي ٿي ھت رات وڪامي.
ھيڏي وھڪري ۾ جو نه وڪاڻو،
تنھن کي مليو جيل ۽ ٿاڻو.
جھڙو ماڻھو تھڙو ناڻو،
ھر ڪو پنھنجي اگھ وڪاڻو.
جيڪو ماڻھو ڪونه وڪاڻو،
سو ئي ماڻھو موتي داڻو.
(ابراھيم منشي)

پاران:ماھم سنڌي.

No comments:

Post a Comment