#August13th 100th #HappyBirthday #MohammadIbrahimJoyo
سنڌي جو سنڌ ۾ سوء سالن کان پيل ساھ...
سنڌي ٻولي جي مھا ليکڪ،مترجم،مصنف،برک ڏاھو،ساڃاھ وند،سنڌ جي حقن جو جاکوڙي،اسڪالر ،استاد، سنڌي سچو قومپرست ،شعوري سجاڳي جو ڦھلاء ڪندڙ ، محمد ابراھيم جويو جي زندگي کي صديء مڪمل ٿيڻ تي کوڙ ساريون وڌايون ۽ دعائون ڏجن ٿيون.دعا آھي ته سندن زندگي اڃا به وڏي ۽ تندرست ھجي.
سرھا ڏٺم سي، جن ساڃاء سراڻ سين
تيغ جنين جي کي، ڪٽُ نه لڳي ڪڏھن.(شاھ لطيف)
13 آگسٽ 1915ع تي جڏھن پاڪ ھند جو اڃا ورھاڱو نه ٿيو ھيو،ته ڳوٺ آباد ۾ جيڪو پراڻي دادو ھاڻوڪي ڄامشوري ضلعي ۾ آھي اتي ھڪ ھاري محمد خان جويو جي گھر ۾ محمد ابراھيم جويو جو مبارڪ جنم ٿيو.پيءُ جو ٽي سالن جي بعد گزاري وڃڻ،غربت جي مجبوري ۽ ننڍي عمر جي بي سھارا زندگي باوجود به ابراھيم جويو صاحب ھڪ رُڪ وانگر سخت ٿي پنھنجو پاڻ سان ڄڻ ۽ مجبورين سان جدوجھد ڪرڻ جو اٽل فيصلو ڪري ڇڏيو.شروعاتي تعليم مقامي اسڪول مان حاصل ڪرڻ بعد ان 1934ع ۾ ميٽرڪ سنڌ مدرسته السلام مان ڪئي.1938ع ۾ ھن بي اي ڊي جي سنڌ ڪاليج مان حاصل ڪئي.سنڌ مدرسته السلام ۾ ھن کي.استاد طور 1941ع ۾ مقرر ڪيو ويو.ھن ليکڪ طور پنھنجي زندگي ۾ پھريون مضمون پڃري جا پکي 14 سالن جي عمر ۾ لکيو.1947ع ۾ نوڪري دوران ان ھڪ ڪتاب سنڌ بچايو کنڊ بچايو(Save Sindh,Save Continent) لکيو جنھن ۾ ھن کي نوڪري مان فارغ ڪيو ويو.
اسان تي الزام آندا جڳ جئيڻ جا
جن جي جواب ۾ جرڪيا منھنجا جام
اَلا ڪڏھن عام رسندا منھنجي روح ۾.(شيخ اياز)
ان کانسواء ڪيترن ئي ڪتابن،مضمونن جو ليکڪ ۽ ترجمو ڪندڙ جويو صاحب سڄي عمر جاکوڙيندي گزاري.سنڌي ٻولي جي مسئلي ون يونٽ جي خاتمي سنڌي جي مڙني مسئلن سنڌي ھندن جو تحفظ ادب سياست شاھ لطيف نصابي ڪتاب توڙي اڻ ڳڻت مسئلن لاء قلم ۽آواز بلند ڪندڙ اڄ سوء سالن جو سفر مڪمل ڪري ورتو آھي.صحافي ڪالوني حيدرآباد ۾ رھندڙ جويو صاحب کي چئن پٽن ۽ ٻن نياڻين جو اولاد ٿيو.
سڄي زندگي سنڌ ۽ سنڌين لاء جاکوڙيندڙ ابراھيم جويو کي اڄ وڏي عمر جي دعا دل وچان ڏيان ٿي.
سليا ڪنھن نه سوال سانڍيا جي مون ساھ ۾
ڏاھپ ساري ڏيھ جي سونجھيم صديون سال
خلوت منجھ خيال جلن روز جواب ليءَ.(شيخ اياز)
By: Maham Sindhi.
No comments:
Post a Comment