Monday, 10 August 2015

ھڪڙو شمشير هو هزارن ۾،سو به دنيا مان اڄ گذاري ويو...

3rd  #DeathAnniversary  #ShamsherUlHyderi  #RenowedPoet

ھڪڙو شمشير هو هزارن ۾،سو به دنيا مان اڄ گذاري ويو...

نامور سنڌي شاعر،صحافي، ڊراما نگار ،نقاد ڪالم نگار،فارسي ۽ انگريزي ٻولي ۾ مھارت رکندڙ، ڪھاڻيڪار ۽ ايڊيٽر شمشير الحيدري جي اڄ ٽين ورسي آھي.لڳاتار بيماري جي بستري تي رھڻ بعد 79 سالن جي عمر ۾ ڪراچي ۾ وفات ڪيائين.
ھن حياتي دوران  سنڌي ادبي سنگت،سنڌي ٻولي بچايو تحريڪ ڀرپور طريقي سان ھلائي.ان جو جنم 15 سيپٽمبر 1932ع ۾ ضلعي بدين ۾ ٿيو.

تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو
ڄڻ ته سنڌوء جي ٻئي ڪناري ويو
تنهنجي وارن جو واس جنهن ورتو
وقت جي سينڌ کي سنواري ويو
تنهنجي چپڙن جي چوس جنهن کي پئي
جام امرت جا ڪيئي هاري ويو
اهڙو مفلس نه ڪنهن ڏٺو هوندو
هڪڙي دل سا به ڪٿ وساري ويو
هڪڙو شمشير هو هزارن ۾
سو به دنيا مان اڄ گذاري ويو.

ماھم سنڌي.

No comments:

Post a Comment