Thursday, 20 August 2015

روپلي جو جانثاري وارو روپ...

#August21st  158th #DeathAnniversary  #RoploKolhi #FreedomFighter

روپلي جو جانثاري وارو روپ...

آزادي جي ويڙھاڪ،بھادر،ڌرتي جو سچو عاشق،سچو سپوت،بي خوف روپلي ڪولھي جي اڄ 158ھين ورسي آھي.

سنڌ ڌرتي جي وارياسي  ھاڻوڪي ٿرپارڪر ضلعي ۾ موجود ننگرپارڪر ۽ ان جو روعبدار ڪارونجھر جبل جنھنجي  خوبصورتي جي ھاڪ ڏيھان ڏيھ آھي اتي 1818ع ۾ 15 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي ڳوٺ ڪنڀاري ۾ شانتو ڪولھي جي گھر ۾ جنم وٺندڙ روپلو ڪولھي ڌرتي مٿان مليل پنھنجو ھي جنم قربان ڪري امر ٿي ھليو ويو.1857ع جي آزادي واري جنگ ۾ جتي برطانوي انگريزن ٻين علائقن سميت ننگر جي خوبصورتي کي پنھنجي مُٺ ۾ قابو ڪري اتان جي رھواسين کي باندي بنائڻ جو خواب پئي ڏٺو اھو بدنيتي تي ٻڌل خواب جيتوڻڪ روپلي جُھڙن موڀي پُٽن پورو ته نه ڪرڻ ڏنو پر  جنرل جارج بوٿ تروٽ ساٿين ساڻ روپلي ۽ ان جي ساٿين تي حملي بعد جڏھن انھن جي دليري ڏسي مايوس ٿيو ته ان روپلي ڪولھي کي اغوا ڪري مٿس جسماني ايذاء ڏيندڙ تشدد ڪيو ،پر روپلو جھڪڻ بجاء ڳاٽ اونچو ڪري بيھي رھيو.
22آگسٽ 1859ع تي ننگرپارڪر جي ڀرسان سئي گام جي وھندڙ نئي جي ڀرسان موجود ٻٻر جي وڻ تي شام 8 وڳي ھيٺ جنرل تروٽ جي اڳواڻي ھيٺ روپلي ڪولھي کي ڦاھي گھاٽ تي چاڙھيو ويو.

اڄ روپلي ۽ ان جي 7000 سچين ساٿين  158ھين ورسي آھي.ان موقعي تي اڄ 21ھين آگسٽ تي آل ڪولھي ايسوسيئشن سنڌ طرفان شام جو 7 وڳي ننگرپارڪر ۾ تقريب ڪوٺائي وئي آھي.اچو ته ھن ۾ شامل ٿيڻ سان گڏ ان جي ڪردار کي پرکڻ ۽ ان جي ڌرتي سان محبت واري جذبي کي مان ۽ خراج عقيدت پيش ڪندي پاڻ منجھ وڌ ۾ وڌ سنڌ ڌرتي سان عشق کي پروان چاڙھيون.

سُوري آھ سينگار اڳھين عاشقن جو
مڙڻ موٽڻ ميھڻو  ٿيا نظاري نروار
ڪُسڻ جو قرار اصل عاشقن  کي.

(سُر ڪلياڻ،شاھ لطيف ڀٽائي)

ماھم سنڌي.

No comments:

Post a Comment