Friday, 26 June 2015

مدھوش جي مري وڃي ته ھوش کي سنڀالجو

#June26th  5th #DeathAnniversary  #AhmedKhanMadhosh

مدھوش جي مري وڃي،ھوش کي سنڀالجو
مھڪندي سينگارجؤ مرڪندي سنوارجؤ.
مان پکي ھان پيار جو،پيار جي اظھار جو
مونکي نا مارجو نا ڌارجو.

دل وارن جي شھر دادو جي ڳوٺ سلطان چانڊيو تعلقه  خيرپورناٿن شاھ ۾ جنم وٺندڙ  ڀلوڙ محبتي شاعر،احمد خان مدھوش جي اڄ پنجين ورسي آھي.ڪيئنسر جھڙي موذي مرض سان جھيڙيندڙ مدھوش جي ساھ جو پرديسي پکيئڙو  79 سالن جي ڄمار ۾ 26 جون 2010ع تي ھميشه لاء اڏاڻا ڪري ھليو ويو.
رومانوي شاعري ڪري محبتون ميڙيندڙ ان ئي شاعر جا لفظ ھئا جنھن ۾ ھڪ نظر بعد ٿيل پيار ۽ ان جي من اندر وڌندڙ جذبن جي عڪاسي ھئي.پل کن جي ملندڙ نظر سڄوئي وقت ڪئين  بيتاب ٿي ڪري ان ھن ريت قلم سان سرجيو آھي.
“جڏھن کان اک لڳي توسان تڏھن کان اک لڳي ناھي،
جڏھن کان چڪ ڪئي دل تو تڏھن کان چاڪ ٿي ناھي.“
ٻي ھنڌ سندس پياري محبوب جي  ڪجلي اکين جي خوبصورتي ھٿان دل ھارائيندڙ مدھوش ھن طرح سان لکي ٿو.
“اکين جي آر ۾ آھي مزو ئي مزو
دلين جي پيار ۾ آھي مزو ئي مزو.
ڪسڻ جي ويل شھيدن به ھي ڏني فتوا
ڪجل جي ڌار ۾ آھي مزو ئي مزو“

انسانن جي مرتبي کي ھر مذھبي مونجھ کان مٿي سمجھي مدھوش ھي سٽون پڻ لکيو ھيون.
“مذھب جي ڇيڙڇاڙ وڃي ڪنھن ٻي سان ڪر،
مونسان ڪرين ته عظمت انسان جي ڳالھ ڪر.“

ھن جي منتخب ٿيل ٻن شاعرين جا مجموعا“دل جون ڳالھيون“ ۽ “نظر ۾ نظربند“ ڇاپيون ويون ۽ ٽي اڃا اڻ ڇپيل آھن.

يادگيريون اوريندڙ/ماھم سنڌي.

No comments:

Post a Comment