#GoldenJubliee #AnnualMangoAndSummerFruitFestival #Mirpurkhas
3 روزه مينگو ۽ سمر فروٽ فيسٽيول پڄاڻي تي پھتو...
4 ،5 ۽ 6 جون تي انبن جي شھر ميرپورخاص ۾ لڳايل ساليانو 50ھون فيسٽيول گولڊن جوبلي طور ملھايو ويو جيڪو ڪالھ رات پڄاڻي تي پھتو.خميس ڏينھن تي سنڌ جي تعليم واري سينئر وزير نثار کھڙو ميرپورخاص پھچي پروگرام جو باقاعدگي سان آغاز ڪيو. فروٽ فارم لڳ بينظير آڊيٽوريم ھال تي 250 انبن جي مختلف جنسن سميت ٻيا موسمي ميوات 50 اسٽالن ۾ نمائش طور رکيا ويا.ماڻھن جو ھڪ وڏو انگ ڏسڻ ۾ آيو.رات جي وقت ماڻھن جي پيھ سبب ھال پڻ ننڍو نظر پئي آيو.
ھوڏانھن پوليس گرائونڊ لڳ عورتن لاء مينا بازار لڳائي ويئي جنھن ۾ کاڌي پيتي جي اسٽالن سميت جھولا ،موت جو کوھ،ڪپڙن جا اسٽال ۽ ٻيا به ڪيترائي دلچسپ ۽ من وندرائيندڙ اسٽال ڏسڻ لائق ھئا.عورتن ۽ ٻارن جو وڏو انگ ڏسڻ ۾ آيو.اتي اسان کي ضلعي انتظاميا کان اھا پڻ شڪايت آھي ته اتي بدنظمي جا به واقعا پيش آيا.عورتن لاءمخصوص لڳايل مينا بازار ۾ مرد زبردستي ۽ چيٽنگ سان اندر وڃي اخلاق جي دائري کي پڻ اوڙنگھيندا رھيا.ان دوران پوليس ۽ ڪجھ بد اخلاق ڇوڪرن جي وچ ۾ جھڙپون پڻ ٿيون ۽ بعد ۾ معاملي تي ضابطو آندو ويو.
ڪرڪيٽ، سائيڪلنگ ،فٽبال ۽ ڪوڏي ڪوڏي جا مقابلا پڻ مختلف گرائونڊس ۾ رکيا ويا.جن کي پڻ شھرين تمام گھڻو انجوائي ڪري ساراھيو.
فيسٽيول جي آخري ڏينھن سنڌ جو وڏو وزير پھتو ان ساڻ علي مردان شاھ ، پير آفتاب شاھ جيلاني، ايم پي اي خير النساء مغل ،مير منور ٽالپر ،مير حيات ٽالپر ،مھيش ڪمار ملاڻي پڻ ھئا.وزير اعلي انعامن جو شيلڊون ورھائي تقريبن جو اختتام ڪيو.
گروپ اي ۾ پھريون انعام نواز آباد فارم ، ٻيون صوفي فارم ،ٽيون انعام صادق ۽ سنز فارم جي حصي ۾ آيو.
گروپ بي ۾ پھرين صف جو انعام الله بچايو راڄڙ فارم حاصل ڪيو ،ٻيو عارف ڀرڳڙي فارم ۽ ٽيون انعام کٽيندڙ محمد علي آرائين فارم ھيو.
گروپ سي ۾ پھريون نمبر رئيس الاھي بخش لاشاري ،ٻيون نمبر صوبدار لاشاري ۽ ٽيون نمبر ولي محمد ڊيشڪ کٽي پنھنجي نالي ڪيو.
جڏھن ته پھريون انعام کڻندڙ کي 20 ھزار ۽ شيلڊ ،ٻي نمبر واري کي 15 ھزار ۽ شيلڊ ، ٽيون نمبر کٽيندڙ کي 10 ھزار ۽ شيلڊ انعام طور ڏني وئي.
ڪالھ رات جيمخانه ۾ ميوزيڪل فيملي شو رکيو ويو جنھن ۾ ميرپورخاص جي نوجوان گلوڪاره خوشبو لغاري سميت ديبا سحر، ثمينه ڪنول ،مھتاب ڪنول ،مارول ۽ سانول گروپ ۽ احمد مغل سنڌي گيتن جي سرن جي ورکا ڪري پروگرام ۾ موجود ماڻھن جو خوب داد حاصل ڪيو ۽ انھن کي جھومڻ تي مجبور ڪريو.
مان ڪمشنر ميرپورخاص شفيق احمد مھيسر ۽ ڊپٽي ڪمشنر رشيد احمد زرداري سميت فيسٽيول جي مينجيمينٽ جي چيئرمين حاجي عمر ٻگھيو جي ھن ڪيل ڪوشش کي ساراھيان ٿي ته ھن شھر واسين جي وندر ۽ تفريح کي سامھون رکندي ھي ميلو لڳرايو پر ھڪ شڪايت به ڪندم ته انتظامي ڍانچو اڃا وڌيڪ مستحڪم ھئڻ جي ضرورت آھي جنھن جي لاء مان اميد ٿي ڪيان ته ايندڙ سال انھي شڪايت جو موقعو نه ملندو.
ماھم سنڌي.
No comments:
Post a Comment