#Shubaan15th #ShabEBaraat
اڄ شب برات آھي...
اڄ دعائن جي قبوليت،حاجتن کي خدا اڳيان ظاھر ڪرڻ جي رات آھي.اھا رات جنھن ۾ آسن اُميدن جي پورائي ٿئي.اڄوڪي سڄي رات عبادت ڪري خدا کي راضي رکڻ جي رات آھي.خوشنصيب آھن اھي مسلمان جن کي اھا رات ھڪ دفعو ٻيھر جيئري نصيب ٿي آھي.
اڄوڪي تاريخ 15 شعبان تي آخري امام مھدي عليه سلام جو جنم مبارڪ پڻ ٿيو.اچو ته امام جيڪو غيب جي پردي ۾ لڪل آھي ان جي ظھور جي دعا ڪريون.اڄوڪي رات بخشش جي رات آھي.اڄوڪي رات اعمال ناما تبديل ڪيا ويندا.اڄ مسلمان مسجدن تي چراغان ڪري خدا جي آڏو سر جھڪائي گناھن جي بخشش ۽ جائز حاجتن جي پورائي لاء منتون ڪندا.ھڪ چواڻي موجب ھن رات رب پاڪ پاڻ آواز ڏئي چوندو آھي،آھي ڪو مونکان مغفرت ڪرڻ وارو؟آھي ڪوئي سوالي،آھي ڪوئي طلبگار؟
اڄوڪي رات عبادت ڪري پوء صبح جو روزو رکڻ جو پڻ چيل آھي.اڄوڪي رات مٺا کاڌا پچائي پاڙيسرين ۽ غريبن ۾ ورھائڻ لاء پڻ تاڪيد ڪيل آھي.
اچو ته اڄوڪي رات جو ڀرپور فائدو وٺي رب کي مڃايون ۽ ھن کي پنھنجي جائز حاجتن جي پورائي لاء راضي ڪيو.ڪھڙي خبر ٻي سال تائين حياتي ھجي به يا نه؟
ڪا غلطي گستاخي ٿي وئي ھجي ته معافي طلبيان ٿي.
ماھم سنڌي.
No comments:
Post a Comment