#Annual763rdUrs #LalShahbazQalander
قلندر لال جو 763ھون عرس..
او لال ميري پت رکھيو ڀلا جھولي لالڻ
سنڌڙي دا
سيوھڻ دا
سخي شھباز قلندر
دمادم مست قلندر سخي شھباز قلندر
علي دا پھلا نمبر
قلندر لال قلندر سيوھاڻي لال قلندر
او لال ميري او لال ميري...
18 شعبان کان شروع ٿيندڙ ٽي ڏينھن وارو عرس مبارڪ قلندر جي نگري ۾ شروع ٿي چڪو آھي.عرس جو تقريبون باقاعدگي سان شروع ٿي چڪيون آھن.قلندر جون ڌمالون انھن تي بي ھوشي وارو رقص روحاني عشق کي ظاھر ڪري ٿو جيڪو جسماني ڪيفيت ۽ شعور کان لاتعالق ھجي ٿي.
سيد محمد عثمان مروندي سخي لال شھباز قلندر جي نعرن ۽ وجداني ڪيفيت طاري ڪندڙ ڌمالن سان سيوھڻ سميت سڄو سنڌ گونجي اٿيو آھي.
سنڌ سميت سڄي پاڪستان مان ۽ ٻين ملڪن مان لکن جي تعداد ۾ قلندر جا پانڌئيڙا سڪ ۽ حب وچان اچي سنڌ لٿا آھن. سخت گرمي ۽ پاڻي توڙي بنيادي سھولتن جي کوٽ کي اڻ لکو ڪندي لال کي مڃيندر لال وٽ حاضري ڏيڻ لاء ھن جي شھر ۾ ترسيل آھن.سيوھڻ ۽ سنڌ جي والي مرشد لال قلندر جي مقدس ذريع تي ڳاڙھيون چادرون چاڙھي گلابن جي ورکا ڪري، اکين مان آب ھاري ڀيٽا به ڏيندا ۽ پنھنجا ڏکڙا قلندر سان اوھري پوري عقيدي سان دعائن لاء جھوليون پڻ ڦھلائيندا.
بي اولاد جوڙا سندن خالي ھنج ڀرجڻ جو دعائون ڪندا، بي روزگار عزت واري روزگاري لاء ،بيمارين جي ڄار ۾ وڪوڙيل شفايابي جي لاء قلندر جي درگاھ تي التجائون ڪندا.قلندر جي نگري ۾ وڃبو ته خالي ھٿين آھي پر ھو خالي ھٿين موٽائيندو ھرگز ناھي.
ھڪ سوال ذھن ۾ گردش پيو ڪري جنھن جي ڳولڻ جي مون ۾ ذھني طور سگھ به ناھي
پھرين امام مولا علي مشڪل ڪشا حضرت علي عليه السلام جي در جي ھن ادني غلام جي حيثيت ايڏي اعلي ۽ معتبر آھي ته والي نجف پاڻ ڇا ھوندو؟
اڄ منھنجي به دل زور ڀري پئي ته قلندر جي نگري ۾ وڃي دل کولي سڀ سور سلي پنھنجون حاجتون رکان.قلندر لال مونکي به گھرائي وٺ پنھنجي نگري منجھ...
قلندر جي مريدياڻي:ماھم سنڌي.
No comments:
Post a Comment