Friday, 12 June 2015

آريسر کي پسي چاليھ ڏينھن آڻ ٿيا....

مفکر ھو،مدبر ھو، آعلی ا  کردار آریسر.
ھو دانشور ھیو سنڌ"جو
سپھ سالار آریسر.
آريسر کي پسي چاليھ ڏينھن آڻ ٿيا....

جئي سنڌ قومي محاذ(آريسر گروپ) جو چيئرمين ،ڄاتل سڃاتل اسڪالر،جي ايم سيد جو پيروڪار ،محقق، سچو قومپرست ،ليکڪ ۽ ھڪ سٺو ،ھر دل دوست  انسان عبدالواحد آريسر جي فاني دنيا مان لاڏاڻي کي چاليھ ڏينھن ٿي ويا آھن.اڄ سندس چاليھو آھي.

11آڪٽوبر 1949 تي  انڊيا ۾ جنم وٺندڙ ھي انسان ويندي ويندي پاڻ کي مڃائي ويو. ڪراچي  جي اسپتال ۾ علالت ۾ رھڻ بعد  66 سالن جي عمر ۾، 3 مئي 2015 تي نا ختم ٿيندڙ وڇوڙو ڏيندڙ اريسر ھر سنڌي جي دل ۾ پنھنجي سڪ ۽ اُڪير ھميشه لاء رکي ويو آھي.ھن جي ابدي ننڊ سمھڻ جي خبر جئين جئين باھ وانگر ڦھلجندي وئي ،اکين کي نم ۽ دلين کي غمزده ڪندي وئي.
سندس وفات بابت ان جي رھيل لکڻين کي 10 مئي تي سنڌي لينگويج اٿارٽي پاران حيدرآباد ۾ ادبي ميڙاڪو ڪوٺائي  ان جي ڪتاب  ٿر جو ماڻھو(Man from Thar) جي مھورتي تقريب رکي ان جو ڪتاب شايع ڪيو ويو.
آريسر ته پکي جيان اڏاڻو ڪري وڃي ٻي پار نڪتو ،جتان ڪو وري نه آيو آھي ،پر جيڪر ان جي ڪردار کي اسان زنده رکي ان جي ڪيل جدوجھد کي ساراھي ان مان سبق سکندا رھون ته يقينن آريسر جي روح پڻ ريليڪس ٿيندي ته منھنجي سنڌ جي سنڌين مونکي اڄ به وساريو ناھي.
ماھم سنڌي.

No comments:

Post a Comment