Wednesday, 3 June 2015

ڪاش اھا لاٽ سدائين ٻرندي رھي آ.../ماھم سنڌي

ڪاش اھا لاٽ سدائين ٻرندي رھي آ.../ماھم سنڌي/ميرپورخاص
mahamsindhi05@gmail.com

جڏھن انڌھيرو پوري طرح حاوي ٿي وڃي،پنھنجي آسپاس موجود ھر بشر توڙي حيوان کي پنھنجي لپيٽ ۾ آڻڻ جي جستجو ۾  سازشي عنصر جي سھاري جا ٽيڪ ڏيندي پنھنجي منفي اثر کي ٻين مٿان غالب ڪرڻ جو چاھ رکي، ته يقينن ھڪ روشن جي لاٽ ان جي رستي جو ڪنڊو ضرور بڻجندي آھي.گھگھ انڌھيري ۾ ٻريل اھا لاٽ جيڪا في الوقت معمولي ئي سمجھي وڃي ٿي ،سا پاڻ کي قائم ۽ دائم رکڻ جي ڀرپور جدوجھد ڪري ٿي.انڌھيري ۽ ڪاري سازش تحت وار لاء ڇڏيل تيز ھوائون ،تيز طوفان ،طوفاني برساتن جا وڏ ڦڙا به جيء جان جي ڪوشش ڪندا آھن ته ڪنھن طرح اھا ٻرندڙ ھلڪي ٿڌي روشني ڦھلائيندڙ لاٽ کي وسايو وڃي.ڇو ته اھا تمام ننڍڙي روشني جي لاٽ آسپاس جي گھگھ انڌھيري کي چند پلن ۾ ختم ڪري پنھنجي چمڪندڙ روشن وجود کي انھن مٿان مصلحت ڪري ڇڏيندي آھي.ڪارو انڌھيرو جنھن جي موجودگي ۾ ڪنھن به سچ، فريب، ايمانداري ،بي ايماني جي خبر رکڻ ممڪن نه آھي اھو پنھنجا مسلسل وار مٿان وار ته ڪندو رھي ٿو پر ننڍڙي ٻريل لاٽ جو سڄو زور ان تي ھوندو آھي ته گھڻي کان گھڻي مفاصلي تائين پنھنجي موجودگي ۾ روشني ۽ چمڪ ظاھر ڪري،  سچ ۽ فريب کي چٽو ڪري.اھڙو ئي ڪجھ وجود ھيو روشنين جي شھر جي ٻرندڙ انوکي ۽ سڪون بخش لاٽ مثل، انسانيت جي ھمدرد، تخريبڪاري ۽ ويڙھن کان ڪيترا ئي ميل ڏور رھندڙ ،سبين محمود جو.سبين جو مطلب ھڪ قبيلو آھي  ۽ واقعي  به ھو پنھنجي شخصيت ۾ ھڪ انسان ۽ ھڪ فرد نه بلڪه قبيلو ھئي.جيڪا ھن قبيلي جي سردار به  ھئي ته ان جي صلاح مشوري واري به ھئي. فريادون کڻي مٿيئن سطح تائين پڻ پھچائڻ واري ھئي ته شڪايتن جو ازالو به ڪندي ھئي ۽ راڳ رنگ جا پروگرام رکرائي ڄڻ تي سڄي.قبيلي کي وندرائيندي ھئي.سبين  جو مطلب صبح سوير جي ٿڌي ھوا به آھي جيڪا انسان کي تازو توانو بڻائي اھڙي ته طاقت بخشي ٿي جو سڄي ڏينھن تائين ھو ڪم ڪار سميت سڀ مصروفيتن کي نبيري سگھي ٿو.

1975 ۾ جنم وٺندڙ سبين انسان دوست فطرت پنھنجي جنم ڏينھن کان کڻي آئي ھئي.دردن جو درمان ڪرڻ، مريضن جي دارو دوا  لاء جوڳا قدم کڻڻ ،عورتن سان ٿيل نا انصافين جي خلاف آواز اٿارڻ ۽ پريمي جوڙن کي ملائڻ (جن کي وقت جا رھزن جئيڻ جو حق کسي وٺن ٿا) انھن جي مدد ڪرڻ ،ھر اھم موضوع تي مقالا رکرائي ان جا ڳالھين ذريعي حل ڳولڻ ئي سندن پيشو ھو.ھاڻي ھو 40 سالن جي ٿي چڪي ھئي.ڪلھي تائين وار ڪٽيل ،معصوميت ۽ خلوص واري مرڪ سندن چھري تي ميزبان جيان ھر وقت آڌرڀاءُ ڪندي ھئي.سندس شخصيت پراثر ۽ پرڪشش ھئڻ سبب ماڻھن کي پاڻ طرف ڇڪيندي ھئي.اکين تي پاتل چشمو به ان جي اکين جي پيار ڀرين نياپن تي پردو نه وجھي سگھندو ھو.ھو ھڪ گھڻي رخي شخصيت ھئي.ھو نرم طبيعت به ھئي ته سختي سان پنھنجا ڪم انجام تائين پھچائڻ به خوب ڄاڻندي ھئي.جئين صبح جي باک ڦٽندي ھئي ھي طلسماتي قوتن واري عورت تازي تواني ٿي پوئين ڏينھن جون سڀ ناڪاميون ۽ مايوسيون وساري ھڪ نيئن صبح سان ڄڻ ته نئون جنم وٺي نئين سر ڪوششن ۾ لڳي ويندي ھئي.ھن کي پاڻ کي  خبر ئي نه پوندي ھئي ته سج لاڙ پويان لاڙي وڃي جبلن پويان لڪيو آھي ۽ رات جا پھر شروع ٿي چڪا آھن.

ڪراچي جي ڊفينس علائقي جي فيز 2 ۾ موجود ٽي ٽو ايف (T2F,the second floor) جو بنياد وجھندڙ ،(جيڪو ھڪ ڪافي شاپ به ھو)  ھتي ڳالھين جي ٽيبل ھميشه سجيل ھوندي ھئي.جنھن ۾ ھر مڪتب فڪر جي ماڻھو لاء بحث مباحثي ۽ مسئلن جي حل لاء دروازا کليل ھوندا ھئا.سبين ھڪ انٽرويو ۾ پڻ اظھار ڪيو ھو  ته ،ھو گھڻي وقت کان  اھڙي پليٽ فارم کولڻ جي سوچ ۾ ھئي جتي مختلف ماڻھو مختلف مسئلن کي بحث ھيٺ آڻي حل جي تلاش ڪن، پر ھن وٽ مالي طور تي ايڏي سگھ نه ھئي جو ھو اڪيلي سر ڪجھ ڪري سگھي. ھن جي لنڊن ۾ رھندڙ چاچي 4,900  ڊالر جي رقم ھن جي ڏاڏي جي علاج لاء موڪلي .ھن پنھنجي ڏاڏي اڳيان پنھنجي خواھش رکي ۽ واعدو ڪيائين ته ھن جي مڪمل سنڀال ۽ بيماري ۾ خرچ ايندڙ پئسو ھو ان اداري مان ڀريندي.ھن جي ڏاڏي راضي ٿي وئي ۽ 8 سال اڳ 2007 ۾ ھن  ٽي 2 ايف جو بنياد وڌو.جنھن ۾ مختلف ادبي مشاعره ،سياسي سماجي تبصرا ،ڳائڻ جا پروگرام رکيا ويندا ھئا.ڪافي شاپ ۾ پريمي ٽولا توڙي ٻيا ماڻھو اچي ريليڪس ٿي رھاڻيون ڪندا ھئا.
سماجي ۽ انساني حقن لاء ايڪٽو رھندڙ سبين پرائيوٽ اين جي او ۾ پڻ ڪم ڪندي ھئي.ھن جو وڏو خواب اھو  به ھو ته دنيا کي نيٽ جي تعاون ۽ سھولت سان وڌ ۾ وڌ بھتر بڻائجي. سندس خوف بابت اھا راء ھئي ته اھا صرف دماغ جي حالت  آھي جنھن کي ماڻھو اصل حقيقت کان وڌيڪ وڏي سمجھي ٿو.
تقريبن 21 ھزار گم ڪيل بلوچن ۽ انھن  جي حقن  بابت ڳڻتي ۾ رھندڙ سبين انھن بابت پروگرام رکڻ لاء گھڻي وقت کان پلاننگ ۾ ھئي.جنوري مھيني ۾ ايجنسين طرفان جاري ڪيل ھٽ لسٽ ۾ ان جو نالو ٽاپ تي ھيو.ڌمڪيون ھروقت خطن توڙي، اي ميل يا ٻين طريقن سان وصول ٿينديون رھنديون ھيون .ھن لاء اھو پروگرام ڪرڻ ھڪ وڏي خطري کان گھٽ نه ھو پر ھو ھر پيش ايندڙ واردات لاء ڄڻ ته بلڪل تيار ھئي.ھي بھادر عورت انھن  ڌمڪين تي خاص ڌيان نه ڏيندي ھئي .2013 ۾ جڏھن ھن ويلينٽائين  ڊي تي ريلي ڪڍي ھئي ته به ڪجھ مذھبي ملا ان وقت ئي ان  جي خلاف ڀڙڪي اٿيا ھئا.عبدالقادر بلوچ جيڪو ماما قدير طور سڃاڻپ  رکي آھي.تنھن بلوچن جي گمشدگين خلاف آڪٽوبر 2013  ملڪي ميڊيا جي ۽ حڪومت جي نظر ڇڪائيندي ڪوئيٽا کان اسلام آباد پنج سئو ڪلوميٽر سٺ ميلن جي پنڌ جو  مارچ پڻ ڪيو ھيو جيڪو پاڻ پنھنجي پٽ جي لاش  2011 وصول ڪري چڪو ھو.گمشده بلوچن  ۽ ناحق سلوڪ برداشت ڪندڙن جي لاء سبين  بلوچ اڳواڻن جو ساٿ ڏيندي دل سان جنگ جوٽي ھئي.T2F  ۾ 24 اپريل تي (Un-silencing Balochistan) جي موضوع سان پروگرام منقعد ڪرايو ويو جيڪو ھڪ وڏو خطرو ھيو.جنھن ۾ ماما قدير ،فرزانه بلوچ  ،ڪالم نگار وسعت الله خان ۽ محمد علي ٽالپر شريڪ ٿيا ھئا.پھرين ھڪ مختصر ڊاڪيومينٽري ھلائي ويئي.بعد ۾ سوالن جوابن جو سيشن شروع ٿيو.ان تي بلوچن جا مختلف مسئلا بحث ھيٺ آندا ويا.عوامي سطح  تائين بلوچن جون محروميون ۽ نظر انداز ٿيل معاملن کي اٿاريو ويو جنھن جي اھميت ھوندي به ڏني نٿي وئي.جڏھن پروگرام جو وقت پورو ٿيو ته سبين مھمانن کان موڪلائي بلڊنگ کان ٻاھر نڪري پاڻ سفيد سوئيفٽ سوزوڪي  جي  ڊرائيونگ سيٽ تي ويٺي ،سامھون واري سيٽ تي سندس ماءُ مھناز محمود ويٺي ۽ پويان ڊرائيور غلام عباس ويٺو.ھي پنھنجي منزل يعني پنھنجي گھر طرف روانا ٿيا.ھتان نڪرندي جڏھن ھي ڊفينس ۾ سينٽرل لائبريري جي ويجھو ٽريفڪ سگنل وٽ پھتا ته تعاقب ۾ ويٺل بزدل بگھڙ صفت انسان سبين جي گاڏي کي  موٽر سائيڪلن سان گھيري ۾ آڻي ڇڏيو.ھو سامھون ويٺل سبين تي فائرنگ ڪرڻ لڳا.انھن جي  ھٿيارن مان نڪتل  4 گولين وڃي سبين جي جسم اندر منزل ڪئي.2 گوليون ھن جي سيني تي ،ھڪ ڳچي ۽ ھڪ ھن جي ڳلن کان ٿيندي وڃي ٻي پاسي نڪتي.گولين ساڻ رت ھاڻو جسم ڪٿي ٿو ساھ جي سٽ جھلي سگھي.سندس انسانيت سان محبت رکندڙ دل ۾ دھشت ڀريون گوليون داخل ٿي چڪيون ھيون، ان کي پوء ڪٿي اجازت ڏينديون ته ھو  پنھنجي  انسان دوست فطرت ۽ مرڪ قائم ڪري سگھي.سبين جو ساھ ھاڻي باقي نه رھيو ھو.ڌڙڪنون ماٺ ۽ جسم چرپر ڇڏي ڏني ھئي ۽ خون جاري ھيو .ھن جي باڊي کي نيشنل ميڊيڪل  سينٽر آندو ويو بلڪه ان جو مرده جسم آڻي تصديق ڪئي ويئي ته سبين جيڪا روشنين جي شھر جي لاٽ ھئي.جيڪا اکين ۾ چمڪ کڻي آسپاس کي چمڪائيندي ھئي ،سا گولين جو کاڄ ٿي ويئي ھئي. سبين ۾ ساھ ھاڻي باقي نه ھو.اھا تند ئي ٽٽي چڪي ھئي جنھن سبب سبين جي  جسم ۽ روح جو ڳنڍاپو ھيو.سبين جي ساھ جو پکيئڙو اڏامي  چند لمحن جو سفر ڪندي وڃي ٻي پار پھتو ھو.خبر ڪراچي سميت ملڪ مان ٿيندي سرحد پار تائين ائين ته پکڙجي ويئي ھئي  ڄڻ ڪنھن باھ جي ٻريل چڻنگ سڄي جھنگ کي پنھنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو ھجي.جھڙي رات پھرين پھر ۾ ڪاري ھئي سوڳ به اوترو شديد ھو.سوشل ويب سائيٽس کان وٺي ميڊيا تائين جٿي ڪٿي سبين سبين جي آواز  ٻڌڻ ۾ آئي.ٽي وي اسڪرينن کان ٿيندي ھر ڪمپيوٽر تي سبين جون دل لبھائيندڙ ڪيتريون ئي تصويرون ماڻھن طرفان رکيون ويون.سول سوسائٽي ۽ ٻين طبقن ان تي سخت غم ۽ غصي جو اظھار ڪيو.غير ملڪي ميڊيا پڻ ان جي ڪيل خدمتن جون رپورٽون ھلائي ان جي زندگي جا احوال اوريا.
ٽارگيٽ ڪلنگ جو ڪيس دھشتگردي جي ايڪٽ تحت سيڪشن 302 ،۽  سيڪشن  324 لڳائي ڊفينس وٽ ٿاڻي ۾  داخل ڪيو ويو.ڇنڇر ڏينھن اسلام آباد ۾ جاري ادبي فيسٽيول ۾ ٻنپھرن جو سبين کي ياد ڪندي ان کي خراج عقيدت پيش ڪئي ويئي.
اھا ٻرندڙ لاٽ جنھن ٿوري عرصي ۾ گھڻي روشني بخشي ھئي سا جلد ئي وسائي وئي ھئي.اھا جيڪا دردن جو درمان ڪرڻ لاء ڪوشان ھئي سا اڄ اھڙي ته اگھور ننڊ سمھاري ويئي ھئي جيڪا جڳائڻ سان به جاڳي نٿي.ھو نه وسرڻ جھڙي ھئي نه وسري  سگھي پئي.پر شديد ڏک اھو ھميشه رھندو ته ھن کي ماريو ويو ھن تي گولين جو مينھن وسائي رتوڇاڻو ڪيو ويو.
اھا بدقسمتي رھي آھي ته اسانجي ملڪ ۾ انصاف جي اميد رکڻ ئي شايد ڏوھ آھي.خون جا داخل ڪيل ڪيس ھفتي کن تائين تازا رھڻ کان پوء انھن جي انويسٽيگيشن ۾ ڪيئن روڪاوتون ۽ رنڊڪون اچي وڃن ٿيون جيڪي پوليس جي ڊپارٽمينٽ ۽ آفيسرن کان مٿانھون ھجن ٿيون.سنگين جرمن جا ڪيس به سرد خاني حوالي ڪيا وڃن ٿا.حڪومتي سطح تي به پھرين روايتي بيان ضرور ھلندو ته ملزمن کي پڪڙيو ويندو پوء اھي پنھنجي ڪمن ۾ مصروف ٿي ڪري انصاف ڏيڻ لاء ڪو قدم نٿا کڻن.سياسي پارٽيون به مذمتي بيان ضرور آن دي ريڪارڊ رکرائينديون ،پر ھو سڀ ڪجھ ٻه يا ٽن ڏينھن تائين وڌيڪ نه.
انھي سڀ وچ ۾ نقصان ته مھناز محمود جھڙن مائرن جو ٿئي ٿو،جيڪي پنھنجو اولاد پيڙھي ۾ وڃائي ويھن ٿيون يا وري اھي ماڻھو جن کي.سبين جي قائم ڪيل  ادارن ٽي 2 ايف مان گھڻيون ئي اميدون ۽ آسرا ھجن ٿا.اپريل گزري ويو مئي مھينو به اڌ کان مٿي پار ٿي ويو پر اڄ به دل کي ان وساميل لاٽ جو شديد افسوس آھي.اکيون ته برابر خشڪ آھن پر دل غمزده آھي.سبين وچ ۾ نه ھوندي به موجودگي جو احساس ڏياري پئي.ڪاش سبين جي روپ۾  لاٽ روشنين جي شھر ۾ سدائين ٻرندي رھي ھا.!!!!

No comments:

Post a Comment