Thursday, 2 July 2015

سرمست جي مستي طاري...

#Annual194thUrs   #SachalSarmast  #DarazanSharif

سرمست جي مستي طاري...

جنھن دل پيتا عشق دا جام
سا دل مستئو مست مدام
حق موجود سدا موجود.

“ڪوئي ڪئين چوي ڪوئي ڪئين چوي،آئون جوئي آھيان سوئي آھيان“.
سچو،سچل،سچيڏنو،سرمست جي نالي سان سڃاتو ويندڙ  عبدالوھاب فاروقي جيڪو سنڌ جو سچل سرمست رحه آھي،اڄ 14 رمضان کان ان جو 194ھون 3 روزه  عرس مبارڪ ضلعي  خيرپور جي درازن شريف ۾ شروع ٿي رھيو آھي.ڪلھوڙن ۽ ٽالپرن جي دور جو مشھور شاعر ،صوفي بزرگ جيڪو ايترو ته عشق الاھي ۾ گم ٿي ويندو ھو جو ماڻھو انکي سرمست چوڻ لڳا،ان وٽ  اڄ ھلي حاضر ٿيون.سرمست جو مطلب ئي اھو آھي ھوش وڃائي ڪنھن خاص جذبي تحت پاڻ کي گم ڪري مست ٿي وڃڻ.عربي ،سنڌي ،سرائيڪي ،پنجابي ،فارسي ،اردو ۽ بلوچي يعني ست زبانن ۾ ڪيل شاعري موجب انکي ھفته زبان شاعر پڻ چوندا آھن.انسانيت جي علمبردار سچل انسانيت جي خدمت جو ئي درس ڏنو آھي.سنڌ جي امن پسند ڌرتي جي مٽيء مان وجود وٺندڙ ھي سنڌو جو وارث صوفي ازم جي راھ تي پاڻ سان گڏ ھڪ وڏي تعداد کي شامل ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آھي.
ھر مذھبي مونجھ ۽ فرقن کان آزاد سچل پاڻ لاء چوي ٿو ته:

“نه مي مُلان نه مين قاضي نه مي شور شراب
ذات سچل دي کھين پُڇدا اين نالي تان ناياب“.

عشق کي معتبر سمجھندڙ سچل عشق کي سرمستي پڻ چيو آھي.ان جي لکيل شعرن ۾ صاف چٽو ظاھر آھي ته ھو عشق جي مستي ۾ پوري طرح سرمست ٿي چڪو ھيو.
“يون ھی تو عشق مین سرمست نھین ھوا می
اک روح ميری روح مي تحليل ھوئی ھے“.

سچل عشق کي پنھنجو امام پڻ چيو آھي:

“عشق ھي امام ميرا ديگر امام کيا ھي.
ميخانه مي ھوا جرعه يا جام کيا ھي.
بغير عشق دي ڏوجھا کوئي کمال نھين
نھي جو عشق ته  اي دوست تيڏا حال نھين“.

“عشق ڪرامت عشق امانت
عشق ھي رنگ رچيندا
عشق سمجھين سمنڊ ديان ڇوليان
عشق آڙاھ مچيندا
سولي تي ڀي چڙھ ڪر عاشق
انا الحق اليندا
سچل عشق دي ذات نرالي
عشق الله نال مليندا“.

“نينھن واري نماز جو عشق ٿيو امام
نڪو اٿڻ ويھڻ ٿئي نه ڪو آھي قيام
سجدو ۽ سلام پنھنجو ڪيوسين پاڻ کي“.

سچل جو ئي ھڪ سچو قول آھي ته:
“جيڪڏھن تون وجود وڃائڻ جي رمز نه سکي آھي ته پوء عشق ۾ ھجت ھلائڻ به ڇڏي ڏي.“
وري مذھب کان مٿانھون عشق کي ڪري چئي ٿو ته
“ڏسو عشق جو انصاف
سڀئي مذھب ڪيائين معاف“.

“قافيا ڪھڙي مسئلي ڏسيندائين عشق شرع ڪيا لڳي لڳي
مئين رانجھڻ دي رانجھڻ ميڏا،روز ازل ڪنون اڳي اڳي“.

سچل تي نگاھ پوندي ئي شاھ عبدالطيف چيو ھيو ته “جيڪو  ڪُنو اسان چاڙھيو آھي ان جو ڍڪڻ ھي نينگر لاھيندو“.

مزار جو سجاده  نشين پير خواجه عبدالحق  مزار کي خوشبودار پاڻي سان غسل ڏياري ڪنوار جيان سينگاريندو. صبح جو سنڌ جو وزيراعلي سيد قائم علي شاھ چادر چاڙھي ميلي جو افتتاح ڪندو.پھرين رات سچل  يادگار ڪميٽي ۽ آرٽ ڪائونسل پاران سچل ڪامپليڪس َ سگھڙ ڪانفرنس ٿيندي  ۽ سچل ايوارڊ تقسيم ڪيا ويندا.صوفياڻي راڳ جي محفل ،ملاکڙو  پڻ ٿيندو.ان موقعي تي خيرپور ضلعي ۾ عام موڪل ھوندي.
اياز شيخ جي ان شعر کي اڳيان رکندي
آءُ درازا ھل،تنھنجا سارا مُلا،منھنجو ھڪ سچل
سچل جي سرمستي ۾ مست ٿي ان جي راڳن کي ٻڌڻ لاء ان جي مزار تي حاضري لاء بنا ڪنھن سوچ جي دير ڪندي گھران نڪري گاڏي پڪڙي خيرپور ڏانھن نڪري پئون ۽ سچو جي ميلو خوب ملھايون.

ماھم سنڌي.


No comments:

Post a Comment