Monday, 15 June 2015

چار سال لنگھيا چار پھر لاء به نه آئين...

#June16th  #DeathAnniversary  #HassanDars
چار سال لنگھيا چار پھر لاء به نه آئين...

اوھان مُرڪي کلي آخر ھليا ويا شھر پنھنجي ڏي،
اسان جي ڳالھ جي ڳل تان اڃا ڳوڙھو ڳڙي ٿو پيو.

16 جون 2011 جو رات جي پوئين پھر ۾،جڏھن گھڙي جو ڪانٽو 3 جو ڏاڪو پار ڪري چڪو ھو،صبح ٿيڻ ۾ اڃا مس ڪي 2 ڪلاڪ ھئا.روڊ رستا جڏھن خالي ۽ خاموش ھئا،اچانڪ سان ھڪ ڏک ڪنھن ڪاري بادل جيان آسمان تي ڇائنجي ويو.ڪنھن کي ڪھڙي ڪل ته اچڻ وارو وقت ڪو ايڏو به ڏکوئيندڙ ھوندو.سُتل حيدرآباد واسين کي خبر ئي نه ھئي ته ھيلوڪي سانوڻي وڇوڙي ۽ جدائي جا گيت ڳائيندي گزرندي.ھي جون جي گرمي جي رات بلڪل ائين ئي گرم ٿي وئي ڄڻ ڪو تازو ڳوڙھو پلڪن جي ھيٺيان بند ٽوڙي اچي ڳلن کي پسائي گرم ڪندو آھي.
حيدرآباد جي  دل قاسم آباد جي ھوش محمد فلائي اوور تان محبوب شخصيت حسن درس جو ايڪسيڊنٽ ٿيو.جيڪو ھڪ انسان سميت ھڪ ڪتاب کي ھميشه لاء بند ڪري ويو.چاھيندڙن جي ڏنل لقب “شيخ اياز بعد بھترين شاعر“ کي پاڻ سان گڏ کڻي ويندڙ 43 سالن جي گھٽ عمر ۾ حسن درس کي نه چاھيندي به سنڌ ۽ حيدرآباد ڇڏڻو پيو.پوء ته جيستائين بري خبر پھچندي ويئي اداسي جا پاڇا ڇڏيندي ويئي،حسن درس جي 3 ٻارن ،ھڪ بيواھ ارم محبوب جيان ،ھر ان جو چاھيندڙ ان جي وڇوڙي تي اوڇنگارون ڏئي ته ،ڪٿي ڪنڊ ۾ لڪي سڏڪا ڀريا.
رومانوي شاعري سبب مشھور ھي البيلو شاعر ڄڻ ته سڀني جو دادلو ھو.ان جا دوست رشتيدار ۽ گھر وارا سڀ ان جي ويجھڙا ھوندا ھئا.
سال 2013 ۾  24 فيبروري تي ڪراچي ۾ لڳل ادبي فيسٽيول ۾ ھن جي شاعري جو مجموعو “حسن درس جو رسالو“ سان ڇپائي افتتاح ڪيو ويو.مستقبل جو بھترين ۽ اڀرندڙ شاعر سمجھيو ويندڙ حسن درس جو جياپو ھڪ حادثي مختصر ڪري ڇڏيو.
سيپٽمبر 1968 ۾ جنم وٺندڙ حسن درس پنھنجي گريجوئيشن سنڌ يونيورسٽي مان حاصل ڪئي.9 سالن جي عمر کان شاعري لکڻ ۽ پڙھڻ ۾ دلچسپي وٺندڙ حسن درس پاڻ ھڪ رومانٽڪ مزاج شخص ھو.1985 کان سنڌي اخبار سوال لاء پنج سال ايڊيٽر طور ڪم پڻ ڪيائين.پاڻ ويندي ويندي پنھنجون انيڪ يادون سنڌ واسين جي حوالي ڪري ويو.

ماھم سنڌي.

No comments:

Post a Comment