Thursday, 18 June 2015

شنو ۽ شبير جي اڻپوري آس...

A short True Story by Maham Sindhi

شنو ۽ شبير جي اڻپوري آس...
(مختصر ڪھاڻي)
ماھم سنڌي

شھنيلا ۽ غلام شبير ھڪٻئي جا پاڙيسري ھئا.سندن مائٽن جو اچ ڪافي ھئي .ذات ٻي ھوندي به انھن جي خاندانن جا پاڻ ۾ گھاٽا لڳاپا ھوندا ھئا.شنو(شھنيلا) جا مائٽ ۽ سندس ڀائر سخت مزاج جا ھئا ۽ ذميندار پڻ ھئا .ھڪٻئي جي گھر ۾ اچڻ وڃڻ سبب  ٻنھي گھرن جون عورتون پڻ پردو نه ڪنديون ھيون.ميل ميلاپ دوران غلام شبير ۽ شنو جي ھڪٻئي ۾ دلچسپي وڌڻ لڳي.اڄ کان 20 سال اڳ پوئين صدي ۾ رابطن جي حوالي سان ڪا خاص سھولت به نه ھئي موبائل انٽرنيٽ جو ته تصور ئي انھي ٻنھي. جي خيالن ۾ ھو ئي ڪونه، نه ئي ڪڏھن ھنن ڪو پيار جو خط يا نينھن نياپا ھڪٻئي ڏانھن موڪلڻ جي ڪوشش ڪئي.غلام شبير کي جيتوڻڪ ھڪ ڇوڪرو ھئڻ  جي حيثيت  ۾ آزادي به ھئي ته ھو اظھار ڪري پر ھو ڄاڻندو ھو ته شنو جا ڀائر ڪيڏا نه سخت آھن خبر پوڻ تي ڪوبه انتھائي قدم کڻندي ويرم نه ڪندا.انھن جي پيار جا پيچ اڻڄائائي ۾ پختا ٿيندا ويا.ھو وجھ وٺي نظرن جي توڙي مختصر زباني گفتگو ڪري وٺندا ھئا.ٻنھي طرفان ڪي فلمي ڊائلاگ نه پر سادا سمجھ ۾ ايندڙ لفظ ٿيندا ھئا.شنو ھن کي  سري ديوي جھڙي لڳندي ھئي.نڪ سنھو ڊگھو منھن ننڍڙو اکيون ڪاريون ۽ دل ڇڪيندڙ نئي جواني جا ڊيرا خوبصورتي ۾ وڌاء آڻيندڙ  مک جي مرڪ ھن جي معصوميت ۽ سچائي کان علاوه به نه ڄاڻ ڪيترين ئي خوبين غلام شبير کي عشق جي مرض ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو.شنو جي اھا ڳالھ به ان کي موھت ڪندي ھئي ته ھو تيز ذھن چالاڪ ۽ عقلمند ھئي.ھن جي لفظن جي ادائگي ماڻھن سان پيش اچڻ جا ڏانء خوب ڄاڻيندي ھئي.شنو به غلام شبير کان ڪافي متاثر ھئي.ڇوته غلام شبير ان کي ڪڏھن ڪوبه نقصان نه پھچايو نا ئي اھا لڪ لڪا واري ڪھاڻي دنيا اڳيان ظاھر ڪيائين.غلام شبير ته ڄڻ قسم ڪاڌي ھئي ته ھن تي ڀلي قيامت ڪڙڪي پر شنو کي ڪوسو واء به نه لڳڻ ڏبو.ھن کي شنو جي عزت ۽ آبرو بي حد عزيز ھئي.ڪڏھن مزاڪ ۾ به ھن کي بليڪ ميل نه ڪيائين نه ڪرڻ جو سوچيائين.شنو به اوتري قدر ئي شايد غلام شبير جي چاھ ۾ وڪوڙجي ويئي ھئي.ھو  به غلام شبير جي ھڪ جھلڪ ڏسڻ لاء ڄڻ ته آتي ھوندي ھئي.غلام شبير کي سامھون ڏسي مرڪ اچي ويندي ھيس ۽ پنھنجي منھن پئي ان مٿان گھور ٿيندي ھئي.
غلام شبير سوچن جو ھڪ الڳ ئي جھان جوڙي چڪو ھو.ھو شنو سان پيار کي قانوني ۽ مذھبي حق ڏئي ھن سان ڌام ڌوم سان شادي ڪري گھر ھميشه وٺي اچڻ جو پڪو پھ ڪري ڇڏيو ھيو.شنو کي به اھا خوشنصيبي پئي سمجھي ته غلام شبير جھڙو انسان جيڪو ھڪ سچو پريمي ھئڻ سان گڏ بھترين انسان پڻ ھو اھو سندس ور ٿيندو ۽ ھن سان ھو سڄي زندگي بسر ڪندي.ھنن جو مختصر رھاڻيون انھن لاء انمول يادون ھونديون ھيون.روحاني طور ھو ھڪٻئي کي ارپي چڪا ھئا.ھڪ جي محبت ۾ دلي طور فدا ٿي چڪا ھئا.

ذات ٻي ھجڻ سبب شنو جا ڀاء انھن جي شادي جي حق ۾ ڪڏھن نه پئي آيڻ چاھيا.جيتوڻڪ ھو غلام شبير جي نيڪ نيتي کان واقف ھئا ء يقين ھئن ته انھن جي  ڀيڻ شنو جي مٿي  مٿان ذري ڏک جي لڪير به غلام شبير جي ھوندي نه ايندي.پر ھو شنو جو رشتو ڏيڻ کان انڪاري ھئا.ڪجھ سال ئي مس گزريا ته شنو جي لاء رشتا اچڻ شروع ٿي ويا .غلام شبير ته شنو کي چوندو ھو تو جئين چوندي تئين ڪندس.ڪورٽ ميريج لاء چوين ڪٿي ڏور پري نڪري وڃڻ لاء چوين يا جيڪر چوين تنھنجي ٻي ڪنھن سان شادي تي ڪنوارئتو ٿي گھوٽائيتن کي ھار پارايان تب تنھنجيون ڳالھيون اکين تي.تون منھنجو پھريون ۽ آخري سچو پيار آھين مون توکي دل سان چاھيو آھي ء دل سان حاصل ڪرڻ جي به حد کان وڌيڪ طلب اٿم.منتون باسون دعائون سڀ الله جي درٻار ۾ شروع کان ئي لکرائي چڪو آھيان.شنو تون رڳو نازڪ چپ چور چوندي ته جان ڏيڻ کان به نه ڪيٻائيندس.
پر شنو ھڪ ڇوڪري ھئڻ جي حيثيت ۾ ڪمزور ھئي ان نه پئي چاھيو ته ان جي ڪري ان جي ڀائرن تي ڪا آڱر کڄي.
شنو به ڏکائتي ھئي ء ھن نه پئي چاھيو ته غلام شبير کان علاوه ھن جي نالي سان ٻي ڪنھن مرد جو نالو جڙجي.شنو جي ڀائرن ايندڙ رشتن مان ھڪ قبول ڪري ورتو جيڪو شنو کان عمر ۾ ننڍو گھٽ عقلمند ھو.شنو جو دل بلڪل راضي نه ھو باقي غلام شبير ته فقيرن جو روپ ڌاري  ھٿ ٻڌي ويھي رھيو ۽ جيئڻ تڪ ڇڏي ڏنو ھو پر شنو ئي ھن کان واعدو ورتو ھو ته ھو ڪجھ به نه ڪري سو ھو خاموشي جي چادر اوڙھي ڇڏي ھئي. نيٺ شنو  پاڻ  ڀائرن اڳيان ڪمزور پئجي وئي ھئي انھن جي ڪيل فيصلي کي نٽائي نه پئي سگھي.آخر شنو پنھنجي ڀائرن جي ڪرايل رشتي تحت پرڻجي ويئي ء ڪنھن ٻي ماڻھو سان جڙجي وڃي نئين دنيا وسايس.ان جي شادي بعد غلام شبير جيڪو اداسين جي سخت گھيري ۾ ھو تنھن جي به ماء ۽ ڀينرن زوري ھڪ ٻي ذات واري عورت سان پرڻو ڪيو.دل ۾ سانڍيل شنو جي ته ڪوئي جاء وٺي نه پئي سگھيو تنھن ھوندي به ھن پنھنجي شادي شده زندگي جي ھر ذميداري کي دل سان نڀايو.
اڄ شنو 2 ڌيئرن جي ماء آھي ء غلام شبير  4 ٻارن جو پيء آھي .ھڪٻئي جي ٿيڻ جي خواھش کي دل اندر قبر ٺاھي ھئيشه لا۽ دفنائيندڙ ھي پريمي جوڙو ،شنو ء غلام شبير جڏھن به پنھنجن گھرن ۾ واندا ٿي اڪيلا ويھن ٿا ته يادن جو طوفان دل اندر دفن ڪيل خواھشن مٿان پيل مٽي کي اڏارين ٿا ء ھو ٻئي ڄڻا  ساڳي سوچ رکي سوچن ٿا ڪاش اسانجو پيار به مڪمل ٿئي ھا.ڪاش اسان به ھڪٻئي جا ھجون ھا.ته دنيا وڌيڪ سھاني ھجي ھا.اڌورين خواھشن ۽ اميدن تي اکيون نم ڪري ھي خدا کان به شڪايت ڪن ٿا.۽ وري ساڳيون خواھشون ۽ پيار دل َ ٺھيل قبر اندر ٻيھر دفن ڪري دنياوي ڪمن ۾ صروف ٿي وڃن ٿا.

No comments:

Post a Comment