#Rajab27th #NightOfAscent
Arash se noor chala or haram tak puhancha,
tere Meraj ke jane tu kaha tak puhancha,
Silasala mere gunaho ka karam tak puhancha,
mere Meraj ke me tere,Qadam tak puhancha.
اڄ شب معراج آھي اڄ ڀاڳن واري مُرادن واري منتن جي رات آھي.ھجرت کان ٻه سال اڳ اڄوڪي رات جڏھن افق تي اونداھ ڇائنجي ويئي، جڏھن ھر ڪو آرامي ھيو ته ٻنھي جھانن جو سردار ،رحمت العالمين، آخري پيغمبر حضرت محمد مصطفي صلي الله عليه واله وسلم جن براق تي سوار ٿي الله سائين سان ملاقاتي ٿيا.پاڻ سڳورا ان ڪائنات جي حسين پرنور سفر تي نڪري پيا ۽ واپس پھتا ته بستر مبارڪ اڃا گرم ھيو.ان رات الله ۽ سندس مٺڙي محمد جي وچ جو مفاصلو صرف ٻن ڪمانن جو ھيو.ان رات ئي محمد دوزخ ،جنت سميت الله جي پيدا ڪيل مخلوقن جا قسم، ستن آسمانن جو سير دوران سفر ڏٺا.ان رات ئي ھزارن نمازن جو ثواب ڏينھن ۾ پنج وقت ادا ڪرڻ ۾ ئي ڏيڻ جو فيصلو ٿيو.ان رات ئي محمد پنھنجي امت جي شفاعت ۽ بخشش جو خاص مطالبو منظور ڪرايو.
اچو ته ان سڀاڳي رات ۾ پنھنجي لاء آسپاس ء عالم انسانيت جي ڀلائي لاء ھٿ بلند ڪيون.فتني ،فساد ،تخريبڪاري ۽ ظالميت کان پناھ وٺون.پنھنجي ڪيل گناھن جي معافي طلبي وري نه دھرائڻ جو وچن ڪيون.اچو ته اڄ کان وٺي ھڪٻئي جا ھمدرد مددگار ۽ سھار بڻجي وڃون.
دعائن جي طلبگار:ماھم سنڌي.
.
No comments:
Post a Comment