Monday, 31 August 2015

96th #Birthday #AmritaPritam

#August31st  96th  #Birthday  #AmritaPritam

Amrita pritam was born on 31st august 1919 at Gujranwala,province punjab in Pakistan.She was a writer,novelist,and a punjabi poet.She got married with pritam singh in 1935,later she left  her husband.The love between Sahir Ludhyanvi  and Amrita pritam was become famous,clearly wrote in "Rasidi ticket"  by Amrita.She spent her last days with Amroz.She was expired on 31st october 2005.

Ajj aakhan waaris shah nu,kithon qabraan vichoon bol,
Te aj kitab-e-ishq da koi agla varka phol.
Ik roi si dhee punjab di tuu likh-likh mare vain,
Aj lakhan dhiyan rondiyan tenu waris shah nuu kahan,
Uth darmandan diaa dardia uth tak apna punjab!
Aj bele lashan vichian te lahu di bhari chenaab!
Kise ne panja paaniya vich dittii zehar rala!
Te unhan paniyan dharat nu dittaa pani laa!
Es jarkhej zameen te lon lon phutiaa zehar
Gith gith chadian laliyan, fut fut chadia kehar
Vihon vilissi vaa fir van van vaggi ja
Ohne har ik baans di vanjhli ditti naag bnaa
Nagan keele lok monhh bus fir dang hi dang
Plo pli panjab de neele pai gye ang
Ve gliyo tutte geet fir traklion tutti tand
Trinjhnon tuttiya sahelian charkhde ghookar band
Sne sej de bediyaan ludhan dittian rodh
Sne daliaan peengh ajj piplan diti tod
Jitthe vajdii phuuk pyaar di ve oh vanjhli gayi guaach
Ranjhe de sab veer aj bhul gaye usdi jaach
Dharti te lahu vasiya, qabran payiyan chon
Preet diyan shahzadiyan aj vich mazaraan ron
Ve aj sab ‘qaido’ ban gaye, husn ishq de chor
Aj kithon liaye labh ke waaris shah ik hor
Aj aakhan waaris shah nuu kithon qabran vichon bol!
Te aj kitab-e-ishq da koi agla varka phol!
(Punjabi poetry:Amrita)

۽ انيتا کي ياد آيو ته ھڪ ڏينھن پاڻ صبح جو چانھ پيئندي اخبار پڙھي رھي ھئي ته جڏھن ان ڏينھن جي تاريخ  تي نظر پئي 8 مارچ…… ته پاڻ سوچ ۾ ٻڏي وئي کيس محسوس ٿيو ته ھو ان تاريخ سان لاڳو ڪا ڳالھ ھئي جيڪا کيس ياد نه پئي آچي.پاڻ چانھ جي ٻي پيالي ٺاھي ھئائين ۽ پوء اخبار جي خبرن بدران ھوء ان ڏينھن جي تاريخ ڏانھن مسلسل تڪيندي رھي ھئي.ڄڻ ھو ڪنھن جو چھرو سڃاڻندي  ھجي پر ان جو نانءُ وسري ويو ھجيس ۽ پوء اوچتو  سندس ساھ ڄڻ بيھي ويو کيس ان تاريخ سان لاڳو ڳالھ ياد اچي وئي ھئي “ساگر جو جنم_ڏينھن 8 مارچ ساگر جو جنم ڏينھن“.
۽ کيس سڄي ڳالھ ياد اچي ويئي ھئي اُھا دعوت ياد اچي ويئي جتي ساگر کي پھريون ڀيرو ڏٺو ھئائين “اتي ماني کانپوء ڪافي پيئندي ابجد جي علم جون ڳالھيون نڪري پيون ھيون ڳالھيون  ڊيگھ وٺنديون ويون ھيون ۽ ابجد سان لاڳاپيل اثرن جون ڳالھيون ڪندي ڪندي اتي ويٺل ماڻھو ھڪٻئي جي جنم تاريخ پڇڻ لڳا ھئا ۽ پوء جڏھن ڪنھن ائين چيو ھيو ته “چئن ۽ اٺن جا انگ سڀن کان سخت ٿين ٿا ته ساگر کلندي چيو ھيو ته سندس جنم ڏينھن جي تاريخ 8 مارچ آھي“.
پوء اٽڪل نوين وڳي جو وقت ھو. ھو(انيتا) سڀني کي چانھ پياري جڏھن واندي ٿي ته رڌڻي ۾ وڃي ھڪڙو ڪيڪ تياي ڪرڻ لڳي.ڪيڪ پاڻ ڪونه پئي تيار ڪيائين پر ڪيڪ خود سندس ھٿن ۾ تيار ٿي رھيو ھيو.
ڪيڪ کي پليٽ ۾ رکي انيتا پنھنجي ڪمري ۾ کڻي آئي ھئي.ڪمري جو دروازو اندران بند ڪري پاڻ ميز اڳيان ٻ ڪرسيون رکيون ھئائين ۽ پوء ھڪ ڪرسي تي ويھي ھڪڙو سگريٽ دکايو ھئائين .پاڻ ڪيڪ منجھان ٻه ننڍا ٽڪرا ڪٽيا ھئائين ۽ انھن پليٽن ۾ رکي نه ڄاڻ ڪيترو وقت ويٺي ھئي.ان ڏينھن پاڻ به ھڪڙو نه انيڪ سگريٽ ڇڪيا ھئائين ۽ آھستي آھستي پليٽن مان ڪيڪ جا ٻيئي ٽڪرا کائي ڇڏيا ھئائين.

سڄو ڏينھن ساگر جو جنم ڏينھن ملھائڻ جو ڄڻ خمار چڙھيل ھو.سندس مٿو آڪاش کي ڇھي رھيو ھو.سندس ھٿ اڳيان وڌي  ستارن کي جھلي رھيا ھئا.
(ھڪ اداس ڇوڪري،امرتا پريتم)

Maham Sindhi.

Friday, 28 August 2015

چل بلھیا چل اوتھے چلئے جتھے سارے انے نہ کوئی ذات پچھے نہ کوئی سانوں منے

#Annual258thUrs #BabaBullehShah  Started in #Qasur  #Punjab

چل بلھیا چل اوتھے چلئے جتھے سارے انے
نہ کوئی ذات پچھے نہ کوئی سانوں منے

بلھا کی جاناں میں کون؟
نا میں مومن وچ مسیتاں،
نا میں وچ کفر دی ریت آں ،
نہ میں پاکاں وچ پلیت آں ،
نہ میں موسی نا فرعون
بلھا کی جاناں میں کون ؟
نہ میں وچ پلیتی پاکی،
نہ وچ شادی نہ غمناکی ،
نہ میں آبی نہ میں خاکی ،
نہ میں آتش نہ میں پون
بلھا کی جاناں میں کون ؟

ﺑﻠﮭﮯ ﺷﺎﮦ ﭘﻨﺠﺎﺑﯽ ﺩﮮ ﺍﮎ ﻣﺸﮩﻮﺭ ﺷﺎﻋﺮ ﻧﮯ۔ ﺑﻠﮭﮯ ﺷﺎﮦ ﺿﻠﻊ ﻗﺼﻮﺭ
ﺩﮮ ﺍﮎ ﭘﻨﮉ ﭘﺎﻧﮉﻭ ﮐﮯ ﻭﭺ ﺳﺎﻝ 1680 ﻭﭺ ﺟﻤﮯ۔ ﺍﻭﻧﮩﺎﮞ ﺳﮯ ﭘﯿﻮ
ﺩﺍ ﻧﺎﮞ ﺷﺎﮦ ﻣﺤﻤﺪ ﺩﺭﻭﯾﺶ ﺳﯽ۔ ﺑﻠﮭﮯ ﺷﺎﮦ ﻧﻮﮞ ﺍﭘﻨﮯ ﭨﺒﺮ ﻭﭼﻮﮞ
ﺍﭘﻨﯽ ﺑﮭﯿﻦ ﻧﺎﻝ ﺑﮍﺍ ﭘﯿﺎﺭ ﺳﯽ۔ ﺑﻠﮭﮯ ﺷﺎﮦ ﻧﮯ ﺍﺑﺘﺪﺍﺋﯽ ﺗﻌﻠﯿﻢ ﺍﭘﻨﮯ ﭘﯿﻮ
ﮐﻮﻟﻮﮞ ﺣﺎﺻﻞ ﮐﯿﺘﯽ ﺗﮯ ﺟﮩﺪﮮ ﻣﮕﺮﻭﮞ ﺍﮔﮯ ﻭﺩﮪ ﭘﮍﮬﻦ ﺧﺎﻃﺮ
ﺍﻭﻧﮭﺎﮞ ﻧﻮﮞ ﻗﺼﻮﺭ ﮔﮭﻠﯿﺎ ﮔﯿﺎ ﺟﺘﮭﮯ ﺍﻭﻧﮩﺎﮞ ﺩﮮ ﺍﺳﺘﺎﺩ ﻏﻼﻡ
ﻣﺮﺗﻀﯽ ﺗﮯ ﻣﺤﯽ ﺍﻟﺪﯾﻦ ﺳﻦ۔ ﺷﺎﮦ ﻋﻨﺎﯾﺎﺕ ﺑﻠﮭﮯ ﺷﺎﮦ ﺩﮮ ﻣﺮﺷﺪ
ﮐﺎﻣﻞ ﺳﻦ۔ ﺁﭖ1785ﺀ ﻭﭺ ﻓﻮﺕ ﮬﻮﮰ۔

رانجھا رانجھا کردی ہن میں آپے رانجھا ہوئی ،
سد ومینوں "دھید ورانجھا" ہیر نہ آکھو کوئی.
رانجھا میں وچ میں رانجھے وچ غیر خیال نہ کوئی،
میں نہیں اوہ آپ ہے، اپنی آپ کرے دل جوئی.
ہتھ کہونڈی تے اگے منگو موڈ ھے بھوری لوئی،
بلھا ہیر سلیٹی دیکھو کتھے جا کھلوئی .
رانجھا رانجھا کردی ہن میں آپ ہی رانجھا ہوئی .
بلھا سبھ مزاجی پوڑھیا تو حال حقیقت ویکھ ،
جو کوئی اوتھے پہنچیا بھل جائے سلام الیک .

ماھم سندھی.

Monday, 24 August 2015

نظم دلہن تھی تیری غزل تیری محبوبہ ، الوداع احمد فراز! جا تجھکو خدا کو سونپا

#August25th  7th #DeathAnniversary  #AhmedFaraz #UrduPoet
نظم دلہن تھی تیری غزل تیری محبوبہ ،
الوداع احمد فراز! جا تجھکو خدا کو سونپا۔

اردو زبان کے معروف و مشہور شاعر احمد فراز کو بچہڑے ہوئے آج 7 برس بیت گئے۔ان کا اصلی نام احمد شاہ تھا۔پچیس آگسٹ 2008 کو انتقال کرنےوالے اس شاعر نے اپنے قابل تعریف شاعری سے آج تک خود کو لوگون کی دلون مین زندہ رکھا ھوئا ھے.ان کا انتقال گڑدے کے فیل ہونے کی وجہہ سے ہوئا۔وہ اسلام آباد مین مدفون ہین۔ان کا جنم 12 جنوری 1931 کو کوہاٹ مین ہوئا .ان کو حکومت پاکستان کی طرف سے حلال امتیاز ،ستارہ امتیاز اور ان کے انتقال کے بعد حلال پاکستان کے ایوارڈ سے نوازا گیا تہا۔


یہ کیا کے سب سے بیان دل کی حالتین کرنی ،
فراز تجھکو نہ آئین محبتین کرنی۔
یہ قرب کیا ھے کہ تو سامنے ہین اور ہمین  ،
شمار ابھی سے خدائی کی ساعتین کرنی۔
کوئی خدا ہوکہ پتھر جسے بهى ہم ،
چاہین تمام عمر اسکی عبادتین کرنی۔
سب اپنے اپنے کرینے سے منتظر اس کے،
کسی کو شکر کسے کو شکایتین کرنی۔
ہم اپنے دل سے ہی مجبور اور لوگون کو،
ذرا سی بات پہ برپا قیامتین کرنی.
ملین جب ان سے تو مبہم سی گفتگو کرنا ،
پھر اپنے آپ سے سؤ سؤ دفعا حماقتین کرنی.
یہ لوگ کیسے مگر دشمنی نبہاتے ہین ،
ہمین تو راس نہ آئی محبتین کرنی۔
کبہی فراز نئی موسمون مین رو دینا ،
کبہی تلاش پرانی رفاقتین کرنی۔

Friday, 21 August 2015

صوفي جي سوز ساز کي سمجھڻ ته ڏکيو آ...

#Annual404thUrs  #ShahAbdulKarimBulri  #TandoMohammedKhan

صوفي جي سوز ساز کي سمجھڻ ته ڏکيو آ...

سنڌ جي صوفي شاعر،فقيراڻي طبيعت جي مالڪ،انسانيت سان محبت جي درس کي سرعام پکيڙيندڙ،لاکيڻي لطيف جي ڏاڏي جي، سنڌ جي ڏاکڻي طرف موجود  مير محمد ٽالپر جي جوڙايل شھر ٽنڊومحمدخان جي تعلقي بلڙي شاھ ۾ اڄ کان حضرت شاھ عبدالڪريم بلڙي واري جو   404ھون ساليانو ميلو صوفياڻين راڳن ۽ وجد طاري ڪندڙ ڌمالن سان شروع ٿي رھيو آھي.ماڻھن جي وڏي تعداد جي حاضري سان گڏ درگاھ جو گادي نشين سيد پير اسد شاھ ڪاظمي ،اوقاف کاتي جو صوبائي صلاحاڪار عبدالقيوم سومرو،ضلعي عملدار ڳاڙھي چادر چاڙھي  سڄي سفيد گنبذ سان ٺھيل روضي کي رنگ برنگي ڪري ڇڏيندا.ڪنھن ھولي جيان پکڙيل رنگ بلڙي شاھ جي درگاھ جي احاطي تي گيڙو ڪلر جي ڪپڙن ۽  گلي ۾ ڳاڙھن فقيري ڌاڳن سان اتي موجود صوفيت ۽ بلڙي شاھ جي پيغام کي ڦھلاء ڏيندڙ ،ھن درگاھ تي ڪريمي ڌمالن ۽ نعرن کي سڄي درگاھ ۽ ٽنڊي محمد خان کي گونجائي ڦليلي واھ جي واٽ وٺندي آسمانن تائين پھچائڻ جي ازم کي حقيقي روپ ڏيڻ جي ڪوششن ۾ رڌل رھندا.سندس فخر سنڌ پوٽي شاھ عبدالطيف جي درگاھ جو گادي نشين سيد وقار حسين پڻ خصوصي طور ميلي ۾ شرڪت ڪندو.اڄوڪي ڏينھن تي سڄي ضلعي ۾ عام موڪل پڻ آھي.

1536ع تي مٽياري جي سيد خاندان ۾ جنم وٺندڙ ۽ بيان العارفين جو ليکڪ ھي عبدالڪريم  دنياوي دلچسپين کي بيگانو ٿي ڪري گھڻي کان گھڻو وقت اڪيلائپ ۽ گھري سوچ ۾ گزارڻ لڳو. ھي صوفي ماڻھو پنھنجو گھڻو وقت بلڙي نالي جڳھ تي گزارڻ باوجود ان تي بلڙي وارو جو نالو پيو.ان ھن فاني جھان مان لاڏاڻو  1623ع ۾ ڪيو پر پنھنجو پيام شاعري ذريعي ۽ پنھنجي فڪر ۽ سمجھاڻين ذريعي اسان وٽ ھميشه لاء ڇڏي ويو.

الله جي ھيڪڙائي ۽ ان جي برابري ۽ ڀائيواري ڪوبه ڪين ٿو ڪري سگھي بس اھائي سچائي آھي ۽ ان کي دھرائي دھرائي من اندر لکندو وڃ.
الله جي تعريف ڪندي ان جي سچائي کي ساراھيندي ھن ريت
ريت عبداالڪريم بلڙي چئي ٿو،
تون چئو الله ھيڪڙو وائي ٻي ته سک
سچو اکر من ۾ سو ئي لکيو لک.

ٿر جي مارئي جنھن عمر سومري جون سڀ آرائشون ٺڪرايون ان تي سندس ھي چونڊ سٽون مان ھتي لکان ٿي.جنھن ۾ مارئي جي دل جي بياني ڪري چوي ٿو ته عمر مان صرف ظاھري طور ھت تو وٽ قيد آھيان پر منھنجي دل ودماغ انھن اوطاقن انھن ھنڌن انھن ماروئن  ۾ آھي جيڪي ٿر جي واري تي موجود آھن.
صورت ليکي ھت  معنيٰ ليکي ماروئين
عمر مون جي چت اوطاقون ٿرن ۾.

ھو سھڻي کي وائکو ڪندي اھو به چوي ٿو ته گھڙو کڻي پاڻي ڀرڻ جو مقصد سڀ ڪنھن جو ساڳيو ناھي.چيلھ ۽ مٿي تي گھڙو کڻي پاڻي لاء ايندڙ عورتون ته اڻ ڳڻپ آھن جن مان ڪي پورھئي سبب ته ڪي ضرورت سبب اچن ٿيو پر پرين جي ديدار جي سڪ ۽ اڪير کڻي گرمي ته ٺھيو سرد ۽ يخ راتين ۾ جڏھن پاڻي تمام گھڻو ٿڌو ٿو ٿي وڃي ان دوران پاڻي جي اڃ جي طلب نه ھوندي به بھاني سان گھڙو کڻي محبت ۾ مگن ٿي نڪرڻ وارن جو ئي روپ تاحيات ڳائجي ٿو.
پاڻياري سڀ ڪا جا سر گھڙو ڌري
ڪا لئي سندي سڄڻين ڪا پورھئي ڪاڻ ڀري.

ھو سسئي جي لاء بي چوي ٿو ته سسئي ته ھوند جلد جاڳي ۽ ھٿ ۽ وکون ٻئي وڌائي ته من سج به آھستي ٿي پئي ۽ پنھون ۾ به سجاڳي اچي.
جاڳي جاڳي سسئي  جا ھيجان ھٿ وڌاءُ
نا سُڃي سج پرين ري پنھو پٽر ناء
نڪرندي چياءِ گھوڙا ڪر نه سپرين.

ٻي جڳھ تي به پرين کان غافل عاشقن تي تنقيد پڻ ڪئي اٿس ۽ چئي پيو جن جو دل ھوش حاضر ناظر ناھي جنن جي اکين ۾ پرين جو عڪس ناھي ۽ انھن جي اکين مان انھن جي پنھنجي محبت لاء پيار ظاھر نٿو ٿئي انھن جو جئيڻ بيڪار ۽ بي مقصد آھي.
ھنيون نه حاضر جن ،پرين نه اکڙين
ٺلا ڍينڌا سکڻا ھونئن جار جين.

وڌيڪ چوي ٿو ته پرين جي پرک ۽ ان سان سچي محبت جي ثابتي اوھانکي ڏيڻي آھي ته نظرون صرف انھي ۾ ڄمائي رکو آسپاس ڏانھن اوھان تڏھن ئي ورندا جڏھن اوھانجي پيار ۾ گھٽتائي ٿيندي ۽ اکين ۾ فريب اچي ويندو ۽ اوھان ھڪ کان وڌيڪ وجود اکين ۾ سمائڻ شروع ڪندا.ھو انھن کي اٻوجھ ۽ چريو چوي ٿو ۽ اھو ظاھر ڪري ٿو ته اھڙا چريا ڪڏھن سڌرندا ئي ڪونه.

مورک مور نه ٻجھڻا  ھيڏانھن ھوڏانھن ڪن
ڪٽر جني اکين ۾ سي ڪئين پرين پسن.

اڄ منھنجي دل به زور پئي ڀري تي ٽنڊي محمد خان پھچي ڦليلي واھ جي ڪپ تي ويھي ان جي پاڻي جي وھندڙ تيزي کي محسوس ڪري ۽  پوء شاھ عبداالڪريم جي مزار تي حاضري ڀري  فاتح خواني ڪري  سنڌ ۾ امن ۽ سلامتي  جي دعا گھران ۽ ان بعد  ڪجھ ساعتن  لاء خودغرض ٿي وڃان منت جو ڌاڳو ڳاڙھي چادر جي ڪُنڊ تي سوگھي ڳنڍون ٻڌي ، ضريع تي سر رکي ٻئي اکيون بند ڪري ڪا اھڙي انمول ۽ ساھ کان وڌيڪ پياري شيء گھري وٺان جيڪا جئيري توڙي مرڻ بعد به سڪون بخشيندي رھي.آمين.

ماھم سنڌي.

Thursday, 20 August 2015

روپلي جو جانثاري وارو روپ...

#August21st  158th #DeathAnniversary  #RoploKolhi #FreedomFighter

روپلي جو جانثاري وارو روپ...

آزادي جي ويڙھاڪ،بھادر،ڌرتي جو سچو عاشق،سچو سپوت،بي خوف روپلي ڪولھي جي اڄ 158ھين ورسي آھي.

سنڌ ڌرتي جي وارياسي  ھاڻوڪي ٿرپارڪر ضلعي ۾ موجود ننگرپارڪر ۽ ان جو روعبدار ڪارونجھر جبل جنھنجي  خوبصورتي جي ھاڪ ڏيھان ڏيھ آھي اتي 1818ع ۾ 15 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي ڳوٺ ڪنڀاري ۾ شانتو ڪولھي جي گھر ۾ جنم وٺندڙ روپلو ڪولھي ڌرتي مٿان مليل پنھنجو ھي جنم قربان ڪري امر ٿي ھليو ويو.1857ع جي آزادي واري جنگ ۾ جتي برطانوي انگريزن ٻين علائقن سميت ننگر جي خوبصورتي کي پنھنجي مُٺ ۾ قابو ڪري اتان جي رھواسين کي باندي بنائڻ جو خواب پئي ڏٺو اھو بدنيتي تي ٻڌل خواب جيتوڻڪ روپلي جُھڙن موڀي پُٽن پورو ته نه ڪرڻ ڏنو پر  جنرل جارج بوٿ تروٽ ساٿين ساڻ روپلي ۽ ان جي ساٿين تي حملي بعد جڏھن انھن جي دليري ڏسي مايوس ٿيو ته ان روپلي ڪولھي کي اغوا ڪري مٿس جسماني ايذاء ڏيندڙ تشدد ڪيو ،پر روپلو جھڪڻ بجاء ڳاٽ اونچو ڪري بيھي رھيو.
22آگسٽ 1859ع تي ننگرپارڪر جي ڀرسان سئي گام جي وھندڙ نئي جي ڀرسان موجود ٻٻر جي وڻ تي شام 8 وڳي ھيٺ جنرل تروٽ جي اڳواڻي ھيٺ روپلي ڪولھي کي ڦاھي گھاٽ تي چاڙھيو ويو.

اڄ روپلي ۽ ان جي 7000 سچين ساٿين  158ھين ورسي آھي.ان موقعي تي اڄ 21ھين آگسٽ تي آل ڪولھي ايسوسيئشن سنڌ طرفان شام جو 7 وڳي ننگرپارڪر ۾ تقريب ڪوٺائي وئي آھي.اچو ته ھن ۾ شامل ٿيڻ سان گڏ ان جي ڪردار کي پرکڻ ۽ ان جي ڌرتي سان محبت واري جذبي کي مان ۽ خراج عقيدت پيش ڪندي پاڻ منجھ وڌ ۾ وڌ سنڌ ڌرتي سان عشق کي پروان چاڙھيون.

سُوري آھ سينگار اڳھين عاشقن جو
مڙڻ موٽڻ ميھڻو  ٿيا نظاري نروار
ڪُسڻ جو قرار اصل عاشقن  کي.

(سُر ڪلياڻ،شاھ لطيف ڀٽائي)

ماھم سنڌي.

Thursday, 13 August 2015

ڇا واقعي اسان آزاد آھيون...؟؟؟

#August14th  68th #IndependenceDay
ڇا واقعي اسان آزاد آھيون...؟؟؟

ننڍپڻ ۾ جشن آزادي 14 آگسٽ جو تمام گھڻو انتظار ھوندو ھيو.انھي ڏينھن اسڪول ۾ خاص تيار ٿي پاڪستاني جھنڊي جو بيج لڳائي،پلاسٽڪ جي ڏنڊي ۾ ھنيل جھنڊي کڻي اسڪول وڃڻ جو مزو ئي پنھنجو ھوندو ھيو.ھڪ عجيب اڻ ڄاتل خوشي محسوس ٿيندي ھئي ته اسانجي آزادي جي جشن جو ڏينھن آھي.اڄوڪي ڏينھن اسان مڪمل طرح سان آزاد ٿيا ھئاسين ۽ ائين لڳندو ھو ھاڻي اسان تي ڪا پابندي نه ھوندي.ھندن ۽ انگريزن جي گڏيل حڪومتي پاليسين جتي اسان کي ھر شعبي ۾ پوئتي ڌڪيو ھيو،انھن راھن تي وري نئي سر گامزن ٿينداسين.صبح سوير اٿي تقرير ذھن ۾ دھرائيندا ھئاسين جنھن ۾ باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح جون ڪوششون ۽ تعريفون ھونديون ھيون.علام اقبال توڙي سر سيد احمد خان تي به ڪجھ جملا ھوندا ھئا.ٻالڪپڻ واري ذھن ۾ جٿي گھريلو پريشانين جو شعور به نه ھوندو ھو اتي مظبوط احساس ھوندا ھئا ته اسين مڪمل آزاد آھيون.سوچون جئين ته سمنڊ جيان گھريون ۽ خاموشي سان لڪل نه ھيون جيڪي ذھن دل ودماغ ۾ آيو سو چئي ڇڏڻ ۽اظھار ڪرڻ جي عجيب عادت ھئي اتي اھو به يقين ھوندو ھيو ته ھتي ڪو به بغض ڪينو ۽ لالچ دل ۾ نه لڪائيندو.دل جي آئيني ۾ سڀ عڪس پنھنجي چھري جيان خوشحال ٻار لڳندا ھئا.ھيڊ مسٽريس ۽ ٻين ٽيچرن جا لفظ ٻڌي حب الوطني جو جذبو وڌيڪ پختو ٿيڻ لڳندو ھو.ائين لڳندو ھو ھاڻي مذھبي۽ سماجي، آزادي ملي وئي آھي ھاڻي ڪو به بنا سبب جي اسانجي آواز دٻائي نه سگھندو.وطن عزيز ۾ اسان سان ڪا نا انصافي نه ٿيندي.معياري تعليم سميت بازار مان ملندڙ کاڌي پيتي جو شيون،ڪپڙا لٽا آفيسر ۽ ڪامورا منسٽر ۽ ٻيا عملدار وڪيل ۽ جج سڀ معياري ھوندا.اسان ھر وقت امن جا گيت ڳائي جھڳڙن کي خدا حافظ ڪنداسين.اھو تلاء جنھن کي الڳ ڪيو ويو آھي ان ۾ گدلو پاڻي  يا  گندي مڇي اچڻ جي جرت ئي نه جوٽي  سگھندي.ھن پاڪستان جي گلشن جا گل سدائين ساوا ۽ خوشبو سان مھڪيل ھوندا.ڪچي ذھن جون پوزيٽو سوچون ايتريون ته  ايڊوانس ھيون جو ٽي وي تان ڪا مار ڌار جي خبر يا نا انصافي جي رپورٽ ڏسي  ڱ دل چوندو ھو پڪ سان ٻي پاسي جي خبر آھي. ڇوته اسانجي ٽيچر ته آزادي واري ڏينھن چيو ھيو ته ھتي سک ۽ سلامتي ئي ھوندي.وطن آزادي بعد خوشحال ھوندو.اڄ جڏھن خاموشي سان دٻيل پيرن سان پنھنجي ٻالڪپڻ واري ماضي ۾ داخل ٿيس ته مان ته حيران رھجي ويس.اھي ڏينھن ڪيڏي نه مزي وارا ھئا.جيڪو ڪجھ غلط ٿيندو ھو ته به خبر نه پوندي ھئي.اڄ سنڌ سميت سڄي ملڪ تي نظر ڦيرايان ٿي ته ھر پاڪستاني کان چند سوال پڇڻ تي دل ٿو ڪري جن جا جواب ڳولھڻ جي باوجود نٿا ملن.
ڇا اسين واقعي آزاد آھيون؟
ڇا اسين پرامن آھيون؟
ڇا اسين انصاف پسند آھيون؟

Ye dagh Dagh Ujala,Ye Shaab Gaezda Sahr,
Wo intezar tha Jiska,ye wo Sahr tu nahi,
Ye Wo sahr tu nahi Jiski aarzoo lekar,
Chale the yaar ke mil jaege kahin na kahin,
Falak ki dasht me,taaro ki Aakhir manzil,
Kahin tu hoga,Shab e Susat ka Mauj ka sahil,
Kahin tu jaake rukega,Safeena Gham-e-dil.

Jawan laho ki Pur israr Shahraoo se,
Chale jo yaar tu,daamin pe kitne hath pare,
Dayr-e-Husaan ki Besabar khawab gaho se,
Pukarti rahin baheen,badan bulate rahe,
Bohat aziz thi lekin Rakh-e-sahr ki lagan,
Bohat qareen tha Haseen naan-e-noor ka daman,
Sibak sibak thi tamana,dabi dabi thi thakan.

Suna he ho bhi chuka he Firaq-e-zulmat wa noor,
Suna he ho bhi chuka he Wisaal-e-manzil wa gaam,
Badal chuka he bohat Ahl-e-dard ja dastoor,
Nishat-e-wisl hilal wa Azaab-e-hijar haram.

Jigar ki aag,nazar ki umaang,dil ki jalan,
Kisi pe chara-e-hijraan ka kuch aasar hi nahi,
Kahan se ai nigar-e-saaba,kidhar ko gai,
Abhi Chirag-e-sar rah ko kuch khabr hi nahi,
Abhi Girani-e-shab me kami nahi aai,
Nijaat deeda wa dil ki ghaari nahi ai,
Chale chalo ke wo manzil,abhi nahi ai.

#FaizAhmedFaiz

By:Maham Sindhi


سنڌي جو سنڌ ۾ سوء سالن کان پيل ساھ...

#August13th  100th #HappyBirthday #MohammadIbrahimJoyo

سنڌي جو سنڌ ۾ سوء سالن کان پيل ساھ...

سنڌي ٻولي جي مھا ليکڪ،مترجم،مصنف،برک ڏاھو،ساڃاھ وند،سنڌ جي حقن جو جاکوڙي،اسڪالر ،استاد، سنڌي سچو قومپرست ،شعوري سجاڳي جو ڦھلاء ڪندڙ ، محمد ابراھيم جويو جي زندگي کي صديء مڪمل ٿيڻ تي کوڙ ساريون وڌايون ۽ دعائون ڏجن ٿيون.دعا آھي ته سندن زندگي اڃا به وڏي ۽ تندرست ھجي.

سرھا ڏٺم سي، جن ساڃاء سراڻ سين
تيغ جنين جي کي، ڪٽُ نه لڳي ڪڏھن.(شاھ لطيف)

13 آگسٽ 1915ع تي جڏھن پاڪ ھند جو اڃا ورھاڱو نه ٿيو ھيو،ته ڳوٺ آباد ۾ جيڪو پراڻي دادو ھاڻوڪي ڄامشوري ضلعي ۾ آھي  اتي ھڪ ھاري محمد خان جويو جي گھر ۾ محمد ابراھيم جويو جو مبارڪ جنم ٿيو.پيءُ جو ٽي سالن جي بعد گزاري وڃڻ،غربت جي مجبوري ۽ ننڍي عمر جي بي سھارا زندگي باوجود به ابراھيم جويو صاحب ھڪ رُڪ وانگر سخت ٿي پنھنجو پاڻ سان ڄڻ ۽ مجبورين سان جدوجھد ڪرڻ جو اٽل فيصلو ڪري ڇڏيو.شروعاتي تعليم مقامي اسڪول مان حاصل ڪرڻ بعد ان  1934ع ۾ ميٽرڪ سنڌ مدرسته السلام مان ڪئي.1938ع ۾ ھن بي اي ڊي جي سنڌ ڪاليج مان حاصل ڪئي.سنڌ مدرسته السلام ۾ ھن کي.استاد طور 1941ع ۾ مقرر ڪيو ويو.ھن ليکڪ طور پنھنجي زندگي ۾ پھريون مضمون پڃري جا پکي 14 سالن جي عمر ۾ لکيو.1947ع ۾ نوڪري دوران ان ھڪ ڪتاب سنڌ بچايو کنڊ بچايو(Save Sindh,Save Continent) لکيو جنھن ۾ ھن کي نوڪري مان فارغ ڪيو ويو.
اسان تي الزام آندا جڳ جئيڻ جا
جن جي جواب ۾ جرڪيا منھنجا جام
اَلا ڪڏھن عام رسندا منھنجي روح ۾.(شيخ اياز)

ان کانسواء ڪيترن ئي ڪتابن،مضمونن جو ليکڪ ۽ ترجمو ڪندڙ جويو صاحب سڄي عمر جاکوڙيندي گزاري.سنڌي ٻولي جي مسئلي  ون يونٽ جي خاتمي سنڌي جي مڙني مسئلن سنڌي ھندن جو تحفظ  ادب سياست شاھ لطيف نصابي ڪتاب توڙي اڻ ڳڻت مسئلن لاء قلم ۽آواز بلند ڪندڙ اڄ سوء سالن جو سفر مڪمل ڪري ورتو آھي.صحافي ڪالوني حيدرآباد ۾ رھندڙ جويو صاحب کي چئن پٽن ۽ ٻن نياڻين جو اولاد ٿيو.
سڄي زندگي سنڌ ۽ سنڌين لاء جاکوڙيندڙ ابراھيم جويو کي اڄ وڏي عمر جي دعا دل وچان ڏيان ٿي.
سليا ڪنھن نه سوال سانڍيا جي مون  ساھ ۾
ڏاھپ ساري ڏيھ جي سونجھيم صديون سال
خلوت منجھ خيال جلن روز جواب ليءَ.(شيخ اياز)

By: Maham Sindhi.

Monday, 10 August 2015

ھڪڙو شمشير هو هزارن ۾،سو به دنيا مان اڄ گذاري ويو...

3rd  #DeathAnniversary  #ShamsherUlHyderi  #RenowedPoet

ھڪڙو شمشير هو هزارن ۾،سو به دنيا مان اڄ گذاري ويو...

نامور سنڌي شاعر،صحافي، ڊراما نگار ،نقاد ڪالم نگار،فارسي ۽ انگريزي ٻولي ۾ مھارت رکندڙ، ڪھاڻيڪار ۽ ايڊيٽر شمشير الحيدري جي اڄ ٽين ورسي آھي.لڳاتار بيماري جي بستري تي رھڻ بعد 79 سالن جي عمر ۾ ڪراچي ۾ وفات ڪيائين.
ھن حياتي دوران  سنڌي ادبي سنگت،سنڌي ٻولي بچايو تحريڪ ڀرپور طريقي سان ھلائي.ان جو جنم 15 سيپٽمبر 1932ع ۾ ضلعي بدين ۾ ٿيو.

تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو
ڄڻ ته سنڌوء جي ٻئي ڪناري ويو
تنهنجي وارن جو واس جنهن ورتو
وقت جي سينڌ کي سنواري ويو
تنهنجي چپڙن جي چوس جنهن کي پئي
جام امرت جا ڪيئي هاري ويو
اهڙو مفلس نه ڪنهن ڏٺو هوندو
هڪڙي دل سا به ڪٿ وساري ويو
هڪڙو شمشير هو هزارن ۾
سو به دنيا مان اڄ گذاري ويو.

ماھم سنڌي.

Sunday, 9 August 2015

ابوجھاد جي آمد......

#August10th  #HappyBirthday #BashirKhanQureshi
ابوجھاد جي آمد......

سونھاري ۽ ڀلاري صوفياڻي ڌرتي سنڌ تي 10 آگسٽ 1959ع جو سج
رات جا سڀ ليڪا لتاڙي پنھنجي پر اُميد ۽ حوصله بخش ڪرڻن سان اوڀر طرف جي جبلن جي سينن کي چيريندي اچي نيري افق  تي اُڀو ٿي سڄي دنيا سميت سنڌ کي روشن ڪرڻ لڳو.جئين ئي سج جا تيز ڪرڻا سنڌو جي پاڻي سان ٽڪرائيندا ويا ھڪ تيز روشني آسپاس ڦھلجندي وئي.اھي ڪرڻا شاھ لطيف جي درگاھ کان وٺي سيوھڻ جي سرڪار قلندر تائين ھر وستي واھڻ کي انڌيري مان بچائيندا ويا.انھي ئي سڀاڳي صبح جو موٽڻ پور محلي،رتيديري،ضلعي لاڙڪاڻي ۾  غلام مرتضيٰ جي گھر ان جي زوجه گلشن قريشي پنھنجي ڪُک مان ٻار کي جنم ڏنو.جنھن جو نالو بشير خان قريشي رکيو ويو.ان بشير رتيديري مان تعليم حاصل ڪري 1976ع ۾  زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ داخلا ورتي جتي شاگرد سياست ۾ ڀرپور طريقي سان ايڪٽو رھيو.جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن ۾ حصو وٺڻ ان جي سياست طرف اچڻ جا پھريان قدم ھئا.سائين جي ايم سيد کان نظرياتي طور متاثر بشير خان ان جي فلسفي کي اڳتي کڻي نڪري پيو.ٺوڙي ڦاٽڪ  مانجھند ضلعي ڄامشوري ويجھي 5 جيئي سنڌ جو ڪارڪنن کي سيڪيورٽي فورسز پاران مارڻ وارو واقعو جيڪو  17 آگسٽ 1984ع ۾ پيش آيو ان ۾ به بشير  شديد احتجاج ڪيا ۽ انصاف طلبي ڪئي جنھن سبب ھڪ نا پر ڪئي دفعا جيل ۽ جيل جا ٽاچر برداشت ڪيائين.ضياء الحق جي ظلمن  خلاف آواز اٿارڻ سبب به ھي جيلن جي اونداھين ۾ اميد جي آس ۾ وقت گزاريندو رھيو.نيٺ1996ع تي جيئي سنڌ قومي محاذ جو چيئرمين چونڊجي قيادت سنڀالڻ لڳو.1999ع ۾ جيل ۾ قيد دوران ھن ھڪ ڪتاب  “جاڳيا جوڳي جوان “سنڌي ٻولي ۾ لکيو  جنھن ۾ ھن پنھنجي ڪيل مختلف تقريرن جا احوال لکيا ان تي 1997ع تي ان کي جي ايم سيد نيشينل ايوارڊ پڻ ڏنو ويو ھو.بشير ھڪ سچو قومپرست ھيو جنھن جو وڏو ڪارنامو اھو ھيو ته ھن سڀني سنڌين قومپرست ۽ ڪارڪنن کي ھڪ جھنڊي جسقم جي سڏ تي جمع ڪيو.23 مارچ 2012ع  تي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ ڪيل فريڊم مارچ  جنھن ۾ وڏي تعداد ۾ ماڻھو شامل ٿيا.انھي ڏينھن بشير جي تقرير حقيقتن تي ٻڌل ۽ مڪمل پرجوش ھئي.ھن جي معتبر قيادت سڀني کي مطمئن ڪندي ھئي.سندن چاھيندڙن ھن کي “وڏا“ ،“وڏو“ يا ابو جھاد (جدوجھد جو ابو) “پڻ سڏيندا آھن .
7 اپريل 2012ع تي رات جو 2:45 بجي ان جو پراسرار موت واقع ٿيو جنھن جو ظاھري سبب کاڌي ۾ پوائزن ڄاڻيو ويو جيڪو اڄ تائين مشڪوڪ بڻيل آھي.

اڄ سنڌ جي وڏي جي 56ھين  سالگرھ تي کوڙ ساريون دعائون ۽ مبارڪون پيش ڪجن ٿيو.

ماھم سنڌي.