رحمت کي زحمت بڻائيندڙ انتظامي نا اھلي/ماھم سنڌي/ميرپورخاص
گرميء جي موسم سنڌ واسين جا اھنج ڪنھن قراقرام جي چوٽي جيان ھميشه وڌائي ڇڏيندي آھي.بجلي جي طويل لوڊشيڊنگ ھجي،جنھن سبب پاڻي جي اڻ ھوند ،پاڻي جي وارا بندي سبب پڇڙي جي شاخن ۾ پاڻي نه پھچڻ سبب فصلن جو سوکڙو ،جنھن سبب گھڻي حد تائين غريب طبقو آزار ۾ اچي وڃي ٿو.ھڪ طرف رب پاڪ پاران افق تي اڀو ڪري ويجھو ڪيل تتل سج ٻيو مٿئين طبقي جون ڏاڍيون مڪمل طور تي پوئتي پيل قوم کي ڪنھن گھاڻي جيان پيھي پيھي ساڻو ٿيون ڪري ڇڏين.ھن دفعي گرمي جي شدت سڀ ريڪارڊ ته ٽوڙي ڇڏيا اتي موت به پنھنجا نوان رڪارڊ ٺاھيندي وئي. 29 جون کان سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ جئين ئي سج ڪاوڙ ڪئي ته جسماني طور ڪمزور،غريب طبقي جا فوٽ پاٿ تي رھندڙ انسان مرڻ لڳا.جسم ۾ پاڻي جي کوٽ ،ڏينھن لڳڻ ،بلڊ پريشر ھيٺ ڪرڻ سبب ۽ ٻيا ڪيترائي سبب ھئا جن ڪري انسان مرڻ لڳا.ڪراچي ۾ ھوئين ئي ٽارگٽ ڪلنگ ۽ ٻين واقعن ۾ ماڻھو مرڻ معمول بڻيل آھي پر افسوس جي ڳالھ گرمي وگھي ٻه ھزار کان کان وڌيڪ ماڻھو مري ويا. مٿان وري انتظامي نا اھلي اھڙي شرمناڪ جو نا ئي سرد خانن ۾ انھن جي رکڻ لاء جڳھ ئي نا ئي ڪراچي جي قبرستان پئي انھن کي جاء ڏني.انھي باھ جي گرمي کان پناھون گھرندي ليلائيندي نماز استسقا جي ادائيگين بعد نيٺ سانوڻ سنڌ ڏانھن منھن ڪيو.لڳو ته ائين پئي ته ڄڻ سانوڻ به ڪو سنڌ واسين کان خفا آھي پر الله جي رحم سان ان جي رحمت باب الاسلام جي حدن اندر داخل ٿي.جٿي ماھرن جي اڳٿي ٿي چڪي ھئي ته ٻيو لاڳيتو سال ٿر ۾ ڏڪار رھڻ جا چٽا امڪان آھن.پوين سال جتي سوين معصوم ٻارڙا بک جي بيماري ،نامناسب غذا سبب وڏي وزير جي چواڻي داين کان ويم ڪرائڻ موجب مري، مائرن جون جھوليون خالي ڪري چڪا ھئا ھن ڀيري به ٿري مائرون انھي خوف ۾ گرمي ايندي ئي مبتلا ٿي ويون ھيون ۽ رب پاڪ کان پيون عرض ڪنديون پيون رھن مولا جيڪا جھولي ٻچڙن سان ڀري ڏني اٿئي اھا ٻيھر خالي نه ڪجان.سانوڻي جي مند پنجاب صوبي کان شروع ٿي ۽ ان کي جل ٿل ڪري ڇڏيائين.عيدالفطر کان شروع ٿيندڙ تيز برساتن پنجاب ۾ سيلاب آڻي ڇڏيو.دريائن ۾ چاڙھ سبب ۽ گليشئيرز تي ڄميل برف پگھرجڻ سبب ندي نالين ۽ دريائن ۾ ايترو پاڻي چڙھڻ لڳو جو ان آبادي طرف رخ ڪري ڏنو.پنجاب بعد جڏھن سنڌ ۾ آچر کان ٽن ڏينھن جي تيز برسات جي اڳڪٿي بعد جڏھن ان جي شروعات ٿي تي واقعي زوردار شروعات ٿي.کنوڻين جي چمڪاٽ ،گوڙن جي گجگوڙ سان سانوڻي جي مند سنڌ ۾ پير وڌايا.سڄي ٿرپارڪر ،ننگرپارڪر ،ڇاڇري جي سڪل تتل واري تي آسمان رحم جون ڪڻيون موڪلي ٿر واسين جي منھن تي شادماني واري خوشي آڻي ڇڏي.جيتوڻڪ ته گھرن جي ڊھڻ جو خبرون به آيون پر ان ھوندي انھن جي خوشي جو ڪو ماپ تول نه ھو.ميرپورخاص ضلعي طرف ڪاھي آيل مالوند ماڻھن پڻ پنھنجي مال سان گڏ واپسي ڪئي.ڍڳين ،مينھن ،رڍن توڙي اٺن جا ڌڻ مون پاڻ ٿر طرف ٽولن جي صورت ۾ واپسي ڪندي ڏٺا.بنجر زمين سائي ٿيڻ جي پڪي آس ۾ اھي ٿري جيڪي پنھنجو ديس ڇڏي ٻين ھنڌن تي مال جي چاري سبب ڪاھي آيا ھيا ھاڻ انھن وٽ پنھنجو چارو گاھ ھوندو.بارش بعد سڄي سنڌ مان گھمڻ ويل ٿر جو اوھڙيل ڪنھن ڪنوار جيان سائو ويس ڏسڻ لاء ماڻھو پڻ ٿر واسين پاران کوليل مقامي ھُوٽل تي چانھ پاڻي توڙي ماني لا ترسڻ به ھڪ ٿر واسين لاء خوشي جي آمد آھي ڇوته سانوڻي جي ئي مند ۾ انھن جي ڪاروبار ۾ اضافو ٿئي ٿو.کنڀين ۽ ٻين ٿر جي منفرد شين جو مينھن بعد ڦٽڻ ۽ ان جي واھپري ۾ اضافو ٿئي ٿو.روڊن تي بيٺل ٻار توڙي وڏا ايندڙ ويندڙن کي وڪري لاء اشارو ڏين ٿا.اھا ته ٿي سنڌ جي ٿرپارڪر جي ڳالھ جن لاء عيد عيد جي چنڊ ڏسڻ سان نه بلڪه مينھن جي بوندن بعد ٺھيل آسماني انڊلٽ سان ٿئي ٿي.پر اھا ته وارياسي حصي جي ڳالھ ٿي ان سان گڏ جٿان به سنڌو بادشاھ گزري ٿو اتان جا ماڻھو امڪاني ٻوڏ سبب پريشان رھن ٿا.ھنئير سنڌو دريا تي ٻڌل گڊو بئراج وٽ پاڻي جو وڏو وھڪرو پوڻا 6 لک ڪيوسڪ جو گزري رھيو آھي.اتي سپر فلڊ جو پڻ امڪان آھي اھي وھڪرا پھرين ڪشمور ضلعي کي ھٽ ڪندا تنھن سبب ڪمشنر ۽ ڊي سي ڪشمور موجب فوج پڻ طلب ڪئي وئي آھي.آبپاشي کاتي جي آفيسرن ڪنڌڪوٽ ضلعي ۽ گھوٽڪي لاء پڻ فوج طلب ڪندي پڻ تصديق ڪئي آھي ته گڊو بئراج جي ڪمانڊ ايريا ۾ دريا جي ٻنھي ڪپن تي 85 سيڪڙو کان وڌيڪ علائقو پاڻي ھيٺ اچي ويو آھي.ڪمشنر ڪشمور پاران نيو ٽوڙي بند جي سطح کي به 4 فوٽ مٿي ڪرڻ جو ڪم جاري ڪيو ويو آھي.گھوٽڪي جي شينڪ بند تي پيل دٻاء سبب 50 فوٽ جو گھارو لڳو.ڪمشنر موجب 4 ڪلوميٽرن تائين دٻاء شينڪ بند تي وڌي ويو آھي.پر جس ھجي فوجن کي جن پون عاقل ڇانوڻي مان ايمرجنسي تحت پھچي وڻ وڍي ٻورين ۾ مٽي ڀري پٿر ڀري شينڪ بند تص ويل کاڌ کي بچائي وڏي تباھي کان بچائي ڇڏيو. تنھن ھوندي به گڊو جو 60 سڪيڙو ڪمانڊ ايريا ۽ سکر جو 80 سيڪڙو پاڻي ھيٺ آھي.اھو به چيو وڃي پيو ته آگسٽ جي پھرين ھفتي ۾ اتي گڊو وھڪرا 7 لک ڪيوسڪ تائين وڃي پھچندا.
پر آبپاشي عملدار رڳو گزريل ڏينھن کان ڪئمپون قائم ڪرڻ ۽ ميڊيا بريفنگ کان اڳتي نا وڌيا آھن.ان بعد سکر بئراج تان گزرندڙ ساڍا 5 لک ڪيوسڪ جو وھڪرو خميس تائين وڌي وڃي پوڻا 6 لک تائين پھچندو يا ان کان به وڌيڪ ٿي سگھي ٿو.ڪوٽڙي بئراج وٽان ڏيڍ لک جو وھڪرو گزري پيو ايندڙ وقت ۾ 3 لک تائين پھچڻ جا امڪان ظاھر ٿي ويا آھن.وڏي وزير جي بيان موجب بچاءُ بند ٽوڙي بند، تي پاڻي جو دٻاءُ مسلسل وڌي رھيو آھي.پر ان جي مظبوطي جو ڪم به تيزي سان جاري آھي جئين آبادي واري طرف کي نقصان کان بچائي سگھجي.ڪي ڪي بند جي به مظبوطي لاء ڪم جاري آھي پٿر وغيره گھرايا ويا آھن جئين وقت سر بچاءُ ڪري سگھجي.ڪجھ ڏينھن پھرين آبپاشي کاتي جو قلمدان سنڀاليندڙ نثار کھڙو به ڪجھ اھڙي ئي مطمئن ڪندڙ ميڊيا بريفنگ ڏني جنھن موجب اھي ماڻھو جيڪي ميڊيا جي خبرن تحت ھلن ٿا سي شايد خوش ھجن باقي پاڻ وڃي معائنو ڪندڙ ماڻھو آخر ڪئين مطمئن ٿي سگھندا جن جي دماغ ۾ 2011ع جي مھا ٻوڏ جون يادون تازيون آھن.نثار کھڙو چئي پيو ته 2010ع ۾ ته اسان سکر بئراج وٽان 13لک ڪيوسڪ پاڻي گزاريو ھو ھيل ان جي اڌ جيترو پاڻي گزارڻ ڪا مشڪل ڳالھ ناھي پر لڳي ٿو گزريل تباھي به انھن کي ڪنھن ننڍي ٻار جيان ذھن مان لھي وئي آھي.سنڌ ۾ ھيل ٻين تباھين سبب برسات جي ڪري 15 کان وڌيڪ ماڻھو جانيون وڃائي ويٺا آھن. جتي گھر جون ڇتيون ڪرڻ ،وڄ جي ڪرڻ ۽ ٻين مختلف واقعن جي ڪري اھي حياتي تان ھٿ ڌوئي ويٺا آھن.ڇا اسين 2011ع جي ٻوڏ ۽ ان جي تباھي مان ھڪ اکر ناھيون سکيا.چوڻي آھي اھي قومون ترقي ڪنديون آھن جيڪي تاريخ مان سبق سکي رھنمائي حاصل ڪن ٿيون. پر گزريل ان مھا ٻوڏ دوران ساڳي پي پي وٽ حڪومتي اختيار ھئا ھنئير به نالن جي تبديلي سان ان جا ئي ماڻھو ڪابينا ۾ وزير آھن رڳو کڻي کاتا بدليا ھوندا.پر انھن وٽ ايترو ٽائيم نه ھيو جو پھرين کان ئي بندن جي مظبوطي لاء اپاءُ وٺن ھا.ھاڻي جڏھن دريا اٿليون کائي بندن کي ٽوڙڻ وارو آھي ته ايمرجنسي تحت ھيوي مشينري گھرائي ڪم تي لڳائي وئي آھي جئين ننڊ مان سجاڳ ئي تڏھن ٿيا ھجن جڏھن مينھن جي بوند سندن منھن تي پوڻ سبب سندن منھن آلو ٿيو ھجي.434 انساني جانيون ڳڙڪائيندڙ، 8.9 ملين ماڻھو متاثر ڪندڙ جنھن ۾ 2.7 ٻار به ھئا،6.79 ايڪڙ آباد زمين کي تباھ ڪري فصل ساڙيندڙ ،1.52 ملين آباد رھائشي گھر کي تباھ ڪري پٽ بڻائينداڙ گزريل مھا ٻوڏ ڇا گھٽ نقصان ڏنو ھو جو ان ڀيري پي پي لاپرواھي ڪري پنھنجا نا مڪمل ٿيل فرض لڪائي رھي آھي.جتي بارش جي رحمت سنڌ واسين جي چھري تي مرڪون آڻي ٿي اتي ئي انتظامي نا اھلي ۽ ذاتي انفرادي مفاد سبب ھڙئي ماڻھن کي لوڙڻو ٿو پوي.وقت سر ورتل اپاء ۽ اڄ جو ڪم سڀاڻي تي نه ڇڏڻ جي چواڻي تي عمل ڪجي ھا ته صورتحال ان جي ابتڙ ۽ اطمعينان بخش ھجي ھا.
http://dailymehran.net/wp-content/uploads/2015/07/editorial-page20.jpg
http://dailymehran.net/wp-content/uploads/2015/07/page-321.jpg
http://www.sindhexpress.com.pk/epaper/PoPupwindow.aspx?newsID=130294789&Issue=NP_HYD&Date=20150729#.Vbf8l_vKWCo.twitter
http://www.dailyappeal.pk/home/
No comments:
Post a Comment