Thursday, 30 July 2015

ڪھاڻي:صدوري/ماھم سنڌي/ميرپورخاص

30/07/2015
ڪھاڻي:صدوري/ماھم سنڌي/ميرپورخاص

صدوري ھڪ فرمانبدار نياڻي ھئي.ڳوٺاڻي زندگي ۾ رھندڙ ھو صرف پنج درجا ئي ريگيولر پڙھي سگھي باقي مڊل اسڪول ۾ ڇھين کان اٺين درجي جا صرف امتحان ڏنائين.پنھنجن ڀينرن ڀائرن سان مائٽن سان بيپناھ محبت ڪندڙ صدوري ڪڏھن ڪا ضد آنگل يا اجائي خواھش نه ڪئي  يا ته شايد ايتري اجازت  ئي نه ھيس ھو ته ضرورتون به لڪائي ويندي ھئي.سڄي گھر جي ڪم ڪار ۾ ماءُ جو ھٿ ونڊائيندي ھئي ۽ ڪڏھن شڪايت نه ڪيائين.ھي خوبصورت گل جھڙي ڇوڪري کي علم جي تيز روشني ۽ شعور جو نامناسب پاڻي ملڻ سبب ھي پنھنجي وڻ نما شخصيت ۾ ايترو نکار نه آڻي سگھي.رنگين دنيا جي رنگنين کان پري ھي ڪنھن بليڪ ۽ وائٽ ٽي وي جيان زندگي گزاري رھي ھئي.ان جو پيءُ  الله وسايو سخت مزاج ۽ مذھبي ھئڻ سبب گھر تي تمام گھڻو رعب رکندو ھو جنھن ڪري سڄي ڳوٺ ۾ مُلا جي نالي سان مشھور ھيو.ھو نياڻين کي اعلي تعليم ڏيارڻ جي بنھ مخالف ھو آسپاس ۾ به جيڪو نياڻي کي پڙھائيندو ھو ته ھو سمجھندو ته شايد ڪو غلط ڪم ڪندو ھجي.ھو نياڻين جي ڄمڻ تي به خدا کان خفا ٿيو ھيو.پر ان جون نياڻيون ان جي ھر حڪم جون پابند ھيون.ان جون نياڻيون نه ڪي عيد برات تي شاپنگن لاء بازار وينديون ھيون نا ئي پڪنڪ تي انھن ساھيڙين سان گڏ ڪڏھن کان پارٽي يا دعوت ته ڪئي ئي ڪونه ھئي.سندن پيء ئي ڪپڙا وٺي ايندو ھو ۽ جوتا وغيره ٻيو ميڪپ جو سامان وغيره صدوري ۽ ان جي ڀيڻين کي ميسر ئي نه ھيو.اڄڪلھ ڏسبو تي نياڻيون پنھنجن مائٽن کي ايڏيون دادليون آھن جو سڄي پگھار انھن جي فرمائشن ئي تعليمي خرچ تي ئي خوشي خوشي سان پورو ڪريو ڇڏين پر صدوري کي انھي ماحول بابت ان جي دل ۾ اميد جو باقي ڪو ڪرڻو نظر ئي نه پئي آيو. ھن کي خبر ئي ڪونه ھئي ته ڇوڪريون به ڪو ايترو ميڪ اپ ھار سينگار ڪن ٿيون.جڏھن ھو 15سالن جي ٿي ته سندن پيء ھن جي منڱڻي سندس ئي سوءٽ سان ڪرائي.صدوري جي دل ۾ ته پھرين ڪو ھيو ئي ڪونه سو پنھنجي ھم عمر سوٽ کي ھن دل سان قبوليو ھيس.جيتوڻڪ انھن جا گھر ڀر ۾ ئي ھيا.صدوري سخت مزاج پيء کان لڪندي  لڪائيندي پنھنجي مڱينتر شاھد سان ٿورو ڳالھائي وٺندي  ھئي  ۽ ان جو مڱينتر به ان رشتي سان خوش ھيو .صدوري سان ھن کي پيار ٿيڻ لڳو ۽ ٻئي شادي جا سھانا خواب ڏسڻ لڳا.صدوري جي زندگي ھاڻ پھرين کان وڌيڪ خوبصورت ھئي جيتوڻڪ گھر جو ماحول ته ساڳيو ئي ھيو ٿوري غلطي ۽ ديري تي دڙڪا جھڙٻون پر ھو عادي ھئڻ سبب اھو سڀ دل ۾ نه ڪندي ھئي ۽ ھو ھر وقت شاھد جا رستا ڏسندي ھئي ٻئي ڄڻ ھڪ ٻي لاء آتا نظر ايندا ھئا.جتي اڄ ھر ڇوڪري جي ھٿ ۾ مھانگو موبائيل سيٽ آھي جنھن ۾ نيٽ جي سھولتن سميت ھر شيء ميسر آھي اتي صدوري جي ماءُ پنھنجن مائٽن سان ڳالھائڻ لاء وڏي ڪوشش بعد مڙس کي راضي ڪري ھڪ سادو موبائل سيٽ ورتو جنھن ۾ نيٽ جي سھولت ئي نه ھئي.اھو صرف انھن فون تي ڳالھائي حال چال وٺڻ لاء ورتو ھيو.ان ھوندي به الله وسايو وڏي گھري نظر رکندو ھيو موبائل تي.صدوري به آھسته آھسته پاڻمرادو موبائل ھلائڻ سکي ۽ ھاڻ ھو پنھنجي مڱينتر سان ميسيج چينٽنگ ڪندي ھئي ۽ موقعو ڏسي شاھد ان سان فون تي به ڳالھائيندو ھيو.صدوري شاھد سان تمام گھڻو خوش ھئي .ان کي سڀني شھزادن ۽ راجڪمارن کان وڌيڪ شاھد لڳندو ھيو.رشتو ته برابرمائٽن جي مرضي سان ھو پر ذھني ھم آھنگي سبب ھو ھڪ ٻئي کي ڳالھين بعد سمجھي ويا ھئا  تنھنڪري پيار جي ڪڙي انھن منجھ جڙي چڪي ھئي.صدوري فرمائشون  به ڪندي ھئي ڪڏھن چوڙين جو سيٽ ڪڏھن سرخي ته ڪڏھن بيسڪٽن جي پڙي ته ڪڏھن ڪنن جا جھمڪا وغيره  ۽ شاھد ان جو پابند ٿي جلد ئي ان کي اھي شيون آڻي ڏيندو ھيو.صدوري شاھد سان ڳنڍجڻ بعد بي حد خوش  ھئي ۽ شاھد به پنھنجي ماء جي اڳيان پيو صدوري جا ڳڻ ڳائيندو ھو ڇوته اھو رشتو ٻنھي طرف جي رضامندي بعد ٿيو ھيو.ھڪٻئي جا گھر پاسي ۾ ھجڻ ۽ سڳا سوٽ ھجڻ باوجود صدوري ۽ شاھد کا ھڪٻئي جي سٺائي جي ھاڻي خبر پئي ڇوته ھو ته ھڪٻئي کان پردو ڪري ويندا ھئا پر تنھن ھوندي به انھن ٻالڪپڻ ۾ گڏ رانديون رھيون ھيون.پر ڪجھ وڏي ٿيڻ بعد  صدوري گھر ۾ محدود ھئي ڪنھن قريبي دعوت ۾ به پنھنجي ماء ۽ ڀيڻين سان ويندي ھئي منھن سميت ان جي اکين ته بي پردو ھوندو ھيو ھن ۾ ايتري ھمت نه ھوندي ھئي جو نظر ڦيرائي سامھون وارا باغ ۽ ٻنيون ڏسي.دراصل ان ۾ ان جو ڏوھ نه ھيو پيء جي ڪاوڙ ۽ دھشت سبب ھو اندروني طور ھر وقت خوفزده ھوندي ھئي.
ھڪ ڏينھن الله وسائي ڪنھن ذاتي ڳالھ تي اٽڪاء سبب اھو فيصلو ڪيو ته ھاڻي مان صدوري جو رشتو ٽوڙيان ٿو.صدوري جا ماء ۽ ٻين گھر ڀاتين جي احتجاج بعد به ھو نه مڙيو ۽  سرعام اعلان ڪيائين ته  رشتو ٽوڙيان ٿو
شاھد جو دل ته پرزا ٿيو پر اصل قيامت صدوري مٿان ڪڙڪي پئي.سوچيندي رھي اي منھنجا مالڪ ھي تو ڇا ڪيو دل ۽ روح جي ويجھو رھندڙ شاھد جنھنڪي مان دلي طور پنھنجو ڪري چڪي آھيان تون اھو به مو کان کسين ٿو.يا الله رحم ڪر منھنجو شاھد مونکان جدا نه ڪر ھن جنم ته ڇا ايندڙ ھر جنم ۾ مونکي شاھد ئي پنھنجو ور کپي.صدوري جي نا الله ٻڌي نا ئي پيء ۽ جلد ئي ان جي شادي ٻي پاسي ڪرڻ بابت سوچڻ لڳو.شاھد صدوري کي چيو مان توسان ٻڌل آھيان ھمت ڪرين ته ھلي نڪاح ڪيون منھنجا ماء پيء به راضي آھن پنھنجي نڪاح سان.پنھنجو رشتو ٽوڙڻ وارو  فقط چاچو آھي خبر ناھي ڪنھن ۽ ڇو ورغلايو اٿس.صدوري جيڪا ساھ به پنھنجي مرضي سان نا کڻي سگھندي ھئي ان ۾ ايتري ھمت جو سوال ئي نا ھيو.ھو چپ چاپ پنھنجي اجڙيل خوابن ۽  خوشين جو تماشو پاڻ ئي ڏسڻ لڳي.ھڪ ڏينھن اچانڪ سان ان جي پيء چيو تنھنجي اڄ شادي آھي تيار ٿي ڪجھ دير ۾ نڪاح آھي.صدوري ۽ انجون ڀيڻيون ۽ ڀائرن مان ڪوبه خوش نه ھيو ۽ ھڪ شادي شده  3 ٻارن جي پيء چاليھ سالن جي رجب علي سان ان جي شادي ڪرائي وئي جنھنجا ٽئي ٻار ميٽرڪ پاس ڪري وڌيڪ تعليم ڪاليجن مان حاصل ڪري رھيا ھئا ۽ عمر ۾ صدوري کان به وڏا ھئا.جئين ھو ان جھنم نما گھر ۾ پھتي ته ان کي مڙس جي اڳوڻي زال طرفان مھڻا ملڻ شروع ٿيا ۽ ھو ان سان بدسلوڪي ڪندي رھي ان جا ٻار به اخلاقي رويو نه رکندا ھئا محض ھڪ نوڪراياڻي جي حيثيت ھئي.رجب علي کي به پنھنجي پھرين زال سان محبت ھئي ڇو جو ھو پڙھيل لکيل ۽ ان جي ھم عمر ھئي.ھو صدوري کي صرف ظلمن لاء وٺي آيو ھيو.پر ان ۾ انجو قصور نا پر الله وسائي جو ھيو ڪجھ مھينا غيرن جي ستم ھيٺ رھندڙ صدوري جو امتحان اڃا به ڪو باقي ھيو.ھو پڙھيل ليکيک ته خاص ھئي ڪونه جو تعليم جي زور تي حوصلا بلند ڪري پنھنجي ڪا وڪالت ڪري ملندڙ مھڻن جو ڪو جواب ڏئي سگھي پاڻ سان ڪيل نا انصافين کي لفظي ويس ڍڪائي سگھي.رجب اھا شادي پنھنجي زال کان لڪائي ڪئي ھئي جنھن سبب ھو ۽ ان جا جوان ٻار ان تي خفا ھئا ۽ آخر پرزور مطالبو ڪيائين ته انکي ھميشه لاء نيڪالي ڏي يا اسان مان ھٿ ڪڍ.رجب علي کي ته اھي ئي عزيز ھئا.۽ انھن جو چيو مڃيندي رجب صدوري کي سندن پيء جي گھر ڇڏي طلاق ڏئي ھليو ويو.صدوري جي دل ته ڀورا ڀورا ھئي ھو ته الائي ڪيترا سور اندر ۾ سانڍي چڪي ھئي.پر اھو صدمو سڀن لاء ھيو.الله وسائي چاھيو پئي ته جٿ ڏني اٿم سڄي عمر اتي رھي پر ڌي جي واپسي تي ھو شرمسار ته ھيو پر ڪيل غلطي جو اعتراف ھڪ ڀيرو به نه  ڪيائين ۽ ھفتو گزرڻ بعد پنھنجي زال کي چوڻ لڳو جلد ئي صدوري لاء ٻيو رشتو ھٿ ڪري ان کي پرڻايان ٿو.الله وسائي ڪا صلااح نه پئي ورتي پر فيصلو پئي ٻڌايائين.انھي مھل ئي ڪنڊ کان لڪي اھي ڳالھيون ٻڌندڙ صدوري جنھن جي ھٿ ۾ اسٽيل جو وڏو ٿالھ ھيو سو ھٿ مان ڇڏائيندي ھيٺ ڪرندي وڏا ٺرڪا ڪندو ويو  ۽ اتي ئي زمين ۾ ڄڻ لرزش پيدا ڪندو ويو ۽  شاھ لطيف جي بيتن کان اڻڄاڻ صدوري جي دل ۾ لفظن جي تبدلين سان ھي سٽون دھرائجڻ لڳيو.
سرجيس ته سور سامائي ته سک ويا
اھي ٻئي پور مون نماڻي نصيب ٿيا.
http://www.thekawish.com/beta/epaper-details.php?details=2015/July/30-07-2015/Page5/P5-3.jpg

No comments:

Post a Comment