Tuesday, 7 July 2015

ڪوئل جھڙي راڳي مائي ڀاڳي.

#July7th  29th #DeathAnniversary #MaiBhaagi #FolkSinger

ڪوئل جھڙي راڳي مائي ڀاڳي.

کھڑی نیم کے نیچی ہوں تو ھیکلی،
جا توڑو پتوڑو مارا چھانی مانی دیکھ لے.
جھر مر جھر مر مولہ برسے پون ہے ڈولا گائے ،
مور پپیا میٹھا بولے کوئل شور مچائے،
ہون تہون نہ پچھا  چھیل بھبریہ ھیکلی
جا توڑو پتوڑو مارا چھانی مانی دیکھ لے...

وارياسي ڀٽن سان گھيريل سنڌ جي اوڀر طرف واقع رڻ ٿرپارڪر  ۾ جنم وٺندڙ ڀاڳ ڀري جنھن جي سُريلي آواز ۽ سُريلي گائڪي کيس سنڌ جي ڪوئل راڳي جو لقب ڏياريو.1920ع تي جنم وٺندڙ ھن لوڪ ڳائڻي جيڪا ڏيھ پرڏيھ ۾ پنھنجي آواز سبب شھرت جي بلندين تائين پھتي ان جو موت فالج جي مرض ۾ 7 جولائي1986ع ۾ ٿرپارڪر جي نئوڪوٽ ۾ ٿيو.ھن جي آخري آرامگاھ پڻ ھتي ئي آھي.16 سالن جي عمر ۾ سندس وھانء ٿيو کيس ٽن پٽن ٽن نياڻين جو اولاد ٿيو.انڊيا جي ناليواري مشھور ڳائڻي لتا منگيشڪر پڻ اھو چيو ته مائي ڀاڳي کي ھو شوق سان ٻڌي ٿي ان جي گيتن جو ڪيسٽون ان وٽ محفوظ پيل آھن.

اڄ سندس 29ھين ورسي آھي.ايترا سال گزرڻ باوجود اڄ به سندس گيت ھر ھنڌ جھونگارجن ٿا.ٿر جي رڻ ۾ جتي ڏڪار سبب واري ۽ واري تي رھڻ وارا اڃارا رھن ٿا اتي مائي ڀاڳي جا گيت روحن جي ڏڪار کي تازگي ۽ توانائي پڻ ڏين ٿا.
ماھم سنڌي.

No comments:

Post a Comment