Tuesday, 14 July 2015

ليلة القدر:معافي طلب ڪرڻ جي رات

#Ramzaan27th   #LailatulQadar #NightOfBlessing  #RevelationOfQuranPak
ليلة القدر:معافي طلب ڪرڻ جي رات

حضور محمد صلي الله عليه واله وسلم جن جو فرمان آھي ته اوھان شب قدر جي رات کي رمضان جي آخري عشري جي 21ھين 23ھين 25ھين 27ھين 29ھين جي تاڪ انڌھيري راتين ۾ تلاش ڪيو.سوال ڪيو ويو  ته حضور سائين جيڪر اسانکي ملي وڃي ته اسان ڇا ڪيون جواب فرمايائين ته ھن دعا جو ورد ڪندا رھو
“اي پالڻھار تو معاف ڪرڻ وارو آھين  ۽ معافي پسند ٿو ڪرين مونکي به معاف ڪري بخش ڪر“.

انھي ئي تاڪ راتين ۾ ڪلام پاڪ جو نزول مبارڪ ٿيو.جنھن کي اونچن پھاڙن پاڻ مٿان نازل ٿيڻ کان انڪار ڪندي چيو ته اسا  ته ريزا ريزا ٿي وينداسين اسان ۾ ايتري سگھ ناھي جو قرآن اسان تي نازل ٿئي ۽ پوء الله جي محبوب آخري  نبي جي سيني مبارڪ تي نزول ٿيو ۽ ھن جي سگھ ۽ طاقت قرآن جو نازل ٿيڻ سھي وئي.23 سالن جي عرصي دوران عربي زبان ۾ قرآن پاڪ مڪمل ٿيو.بعد ۾ ان جي ٻين زبانن ۾ نقل اتاري وئي.
قرآن جي سوره الدخان ۾ ارشاد آھي :-
“بيشڪ اسان قرآن کي ھڪ بابرڪت رات ۾ نازل ڪيو ۽ اسان ئي تنبيھ ڪرڻ وارا آھيون“.
قدر واري رات جنھن جي فضليت انتھائي اھميت جي حامل آھي.سج جي لھڻ کان پرھ ڦٽڻ تائين مغفرت جا دروازا کليل رھندا.ان رات جي عبادت ھزار مھينن کان وڌيڪ افضل آھي.ان رات کي راتين جي سردار رات پڻ چوندا آھن.انھي رات فرشتن جو سردار حضرت جبرائيل ۽ ٻيا فرشتا فجر تائين ھيٺ لٿل ھوندا آھن ۽ الله جي مخلوق جي وڌيڪ ويجھا ھوندا آھن.

اڄوڪي بابرڪت رات جيڪا ٿي سگھي ٿي قدر واري رات ھجي ان تي اسان به پنھنجا ويڇا ۽ حسد وساري صاف ۽ پاڪ دل سان پنھنجي رب پاڪ آڏو پنھنجي ڪيل اڻ ڳڻپ گناھن ۽ گستاخين جي معافي طلب ڪريون بيشڪ ھو معاف ۽ رحم ڪرڻ وارو رحمٰن آھي.
ماھم سنڌي.

No comments:

Post a Comment