Saturday, 4 July 2015

ضياء جي ظلمت جي ابتدا جو ڏينھن

#July5th   #BlackDay   #MartialLaw

ضياء جي ظلمت جي ابتدا جو ڏينھن.....
اڄوڪو ڏينھن پاڪستان جي تاريخ جو اھو ڪارو ڏينھن آھي جنھن ڏينھن کان ظلمت جي انتھا سان گڏ ملڪ ڪيترائي سال ھڪ ڊڪٽيٽر وٽ يرغمال رھيو جنھن جي سربراھي اولھ ملڪ ڪري رھيا ھيا.ملڪ جي پھرين چونڊيل وزيراعظم  زوالفقار علي ڀٽو جنھن سان عوامي جو جيء جڙيل ھيو ان جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪريان کي ھڪ مشڪوڪ سياسي خون جي الزام ھيٺ جيل موڪلي مقدمو ھلائي 4 اپريل 1979ع تي ڦاھي گھاٽ تي لٽڪايو ويو.انھي سال جي ڊسمبر ۾ افغان جھاد ۾ مداخلت ڪري افغانين کي پناھ ڏئي ملڪ ۾ رھائي ھڪ اھڙي  دھشتگردي جي ٻج کي پاڻي ڏنو ويو جيڪو اڄ تائين عوام لوڙي پيو.آمريت مڙھي ملڪ ۾ سياسي انتقامي ڪاروايون ڪري دھشت ۽ خوف ڦھلائيندڙ ظلمي ضياء ملڪ کي پوئتي ڌڪڻ ۾ ڪابه ڪسر باقي نه ڇڏي.سياسي گرفتاريون ڪري ڪوڙا ھڻڻ جسماني تشدد ڪري اذيتون ڏيڻ آزاد ميڊيا جو منھن بند ڪرڻ عوامي ميڙاڪي ۽ احتجاج تي پابندي سميت اڻ ڳڻيا ظلم ضياء پنھنجي کاتي ۾ لکائي ويو.مذھبي انتھاپسندي ۽ فرقيواريت کي فروغ ڏئي ڪيترن ئي مدرسن جا لائنسس ڏيندڙ ھي آمر ته ناگھاني موت مري ويو پر اڄ به انھن جي ڪيل بدڪارين کي بري طرح سان لوڙي رھيا آھيون.جيڪر اھو ڪارو ڏينھن نه اچي ھا جيڪر بدترين مارشل لاء نه لڳي ھا ته ممڪن آھي پاڪستان وڌيڪ ترقي پذير ۽ اُسرندڙ ملڪ ئن ۾ شامل ھجي ھا....!

مان جڏھن کان ھوش سنڀاليو آھي امي،ابو توڙي ٻي ڪنھن به شخص يا مائٽ سان ملي آھيان ائين چوڻ صحيح رھندو ته اڄ ڏينھن تائين مونسان ملندڙ ھر انسان جنھن کان به مان ضياء جي باري ۾ پڇيو ھوندو سي ائين تي نه کٽندڙ داستان کوليا ھوندا ايتريون ته لعنتون ۽ ڦٽڪارون ڪيون ھونديون ۽ ان کي وقت جو يزيد جو لقب ڏنو ھوندس. جيترو ظلم ضياء جو ٻڌو آھي ٻيو ڪو اھڙو پاڪستان ۾ ماڻھو ناھي.ھميشه ان درندي جو ذڪر ايندي ئي سڀ دل کولي ان جا ظلم بيان ڪرڻ شروع ٿي ويندا آھن ۽ ضياء جي دور کي ڪارو دور سڏين ٿا.

ماھم سنڌي.

No comments:

Post a Comment