Friday, 26 June 2015

مدھوش جي مري وڃي ته ھوش کي سنڀالجو

#June26th  5th #DeathAnniversary  #AhmedKhanMadhosh

مدھوش جي مري وڃي،ھوش کي سنڀالجو
مھڪندي سينگارجؤ مرڪندي سنوارجؤ.
مان پکي ھان پيار جو،پيار جي اظھار جو
مونکي نا مارجو نا ڌارجو.

دل وارن جي شھر دادو جي ڳوٺ سلطان چانڊيو تعلقه  خيرپورناٿن شاھ ۾ جنم وٺندڙ  ڀلوڙ محبتي شاعر،احمد خان مدھوش جي اڄ پنجين ورسي آھي.ڪيئنسر جھڙي موذي مرض سان جھيڙيندڙ مدھوش جي ساھ جو پرديسي پکيئڙو  79 سالن جي ڄمار ۾ 26 جون 2010ع تي ھميشه لاء اڏاڻا ڪري ھليو ويو.
رومانوي شاعري ڪري محبتون ميڙيندڙ ان ئي شاعر جا لفظ ھئا جنھن ۾ ھڪ نظر بعد ٿيل پيار ۽ ان جي من اندر وڌندڙ جذبن جي عڪاسي ھئي.پل کن جي ملندڙ نظر سڄوئي وقت ڪئين  بيتاب ٿي ڪري ان ھن ريت قلم سان سرجيو آھي.
“جڏھن کان اک لڳي توسان تڏھن کان اک لڳي ناھي،
جڏھن کان چڪ ڪئي دل تو تڏھن کان چاڪ ٿي ناھي.“
ٻي ھنڌ سندس پياري محبوب جي  ڪجلي اکين جي خوبصورتي ھٿان دل ھارائيندڙ مدھوش ھن طرح سان لکي ٿو.
“اکين جي آر ۾ آھي مزو ئي مزو
دلين جي پيار ۾ آھي مزو ئي مزو.
ڪسڻ جي ويل شھيدن به ھي ڏني فتوا
ڪجل جي ڌار ۾ آھي مزو ئي مزو“

انسانن جي مرتبي کي ھر مذھبي مونجھ کان مٿي سمجھي مدھوش ھي سٽون پڻ لکيو ھيون.
“مذھب جي ڇيڙڇاڙ وڃي ڪنھن ٻي سان ڪر،
مونسان ڪرين ته عظمت انسان جي ڳالھ ڪر.“

ھن جي منتخب ٿيل ٻن شاعرين جا مجموعا“دل جون ڳالھيون“ ۽ “نظر ۾ نظربند“ ڇاپيون ويون ۽ ٽي اڃا اڻ ڇپيل آھن.

يادگيريون اوريندڙ/ماھم سنڌي.

Thursday, 25 June 2015

اڻپوري آس /ماھم سنڌي/ميرپورخاص

25/06/2015
Today my First Story published in Daily Kawish Newspaper.
اڄ منھنجي پھرين لکيل ڪھاڻي روزانه ڪاوش ۾ ڇپي آھي.
http://www.thekawish.com/beta/epaper-details.php?details=2015/June/25-06-2015/Page5/P5-3.jpg#sthash.XUt8JoNG.uxfs

اڻپوري آس...
ماھم سنڌي

شھنيلا ۽ غلام شبير ھڪٻئي جا پاڙيسري ھئا.سندن مائٽن جو اچ ڪافي ھئي .ذات ٻي ھوندي به انھن جي خاندانن جا پاڻ ۾ گھاٽا لڳاپا ھوندا ھئا.شنو(شھنيلا) جا مائٽ ۽ سندس ڀائر سخت مزاج جا ھئا ۽ ذميندار پڻ ھئا .ھڪٻئي جي گھر ۾ اچڻ وڃڻ سبب  ٻنھي گھرن جون عورتون پڻ پردو نه ڪنديون ھيون.ميل ميلاپ دوران غلام شبير ۽ شنو جي ھڪٻئي ۾ دلچسپي وڌڻ لڳي.اڄ کان 20 سال اڳ پوئين صدي ۾ رابطن جي حوالي سان ڪا خاص سھولت به نه ھئي موبائل انٽرنيٽ جو ته تصور ئي انھي ٻنھي. جي خيالن ۾ ھو ئي ڪونه، نه ئي ڪڏھن ھنن ڪو پيار جو خط يا نينھن نياپا ھڪٻئي ڏانھن موڪلڻ جي ڪوشش ڪئي.غلام شبير کي جيتوڻڪ ھڪ ڇوڪرو ھئڻ  جي حيثيت  ۾ آزادي به ھئي ته ھو اظھار ڪري پر ھو ڄاڻندو ھو ته شنو جا ڀائر ڪيڏا نه سخت آھن خبر پوڻ تي ڪوبه انتھائي قدم کڻندي ويرم نه ڪندا.انھن جي پيار جا پيچ اڻڄائائي ۾ پختا ٿيندا ويا.ھو وجھ وٺي نظرن جي توڙي مختصر زباني گفتگو ڪري وٺندا ھئا.ٻنھي طرفان ڪي فلمي ڊائلاگ نه پر سادا سمجھ ۾ ايندڙ لفظ ٿيندا ھئا.شنو ھن کي  سري ديوي جھڙي لڳندي ھئي.نڪ سنھو ڊگھو منھن ننڍڙو اکيون ڪاريون ۽ دل ڇڪيندڙ نئي جواني جا ڊيرا خوبصورتي ۾ وڌاء آڻيندڙ  مک جي مرڪ ھن جي معصوميت ۽ سچائي کان علاوه به نه ڄاڻ ڪيترين ئي خوبين غلام شبير کي عشق جي مرض ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو.شنو جي اھا ڳالھ به ان کي موھت ڪندي ھئي ته ھو تيز ذھن چالاڪ ۽ عقلمند ھئي.ھن جي لفظن جي ادائگي ماڻھن سان پيش اچڻ جا ڏانء خوب ڄاڻيندي ھئي.شنو به غلام شبير کان ڪافي متاثر ھئي.ڇوته غلام شبير ان کي ڪڏھن ڪوبه نقصان نه پھچايو نا ئي اھا لڪ لڪا واري ڪھاڻي دنيا اڳيان ظاھر ڪيائين.غلام شبير ته ڄڻ قسم ڪاڌي ھئي ته ھن تي ڀلي قيامت ڪڙڪي پر شنو کي ڪوسو واء به نه لڳڻ ڏبو.ھن کي شنو جي عزت ۽ آبرو بي حد عزيز ھئي.ڪڏھن مزاڪ ۾ به ھن کي بليڪ ميل نه ڪيائين نه ڪرڻ جو سوچيائين.شنو به اوتري قدر ئي شايد غلام شبير جي چاھ ۾ وڪوڙجي ويئي ھئي.ھو  به غلام شبير جي ھڪ جھلڪ ڏسڻ لاء ڄڻ ته آتي ھوندي ھئي.غلام شبير کي سامھون ڏسي مرڪ اچي ويندي ھيس ۽ پنھنجي منھن پئي ان مٿان گھور ٿيندي ھئي.
غلام شبير سوچن جو ھڪ الڳ ئي جھان جوڙي چڪو ھو.ھو شنو سان پيار کي قانوني ۽ مذھبي حق ڏئي ھن سان ڌام ڌوم سان شادي ڪري گھر ھميشه وٺي اچڻ جو پڪو پھ ڪري ڇڏيو ھيو.شنو کي به اھا خوشنصيبي پئي سمجھي ته غلام شبير جھڙو انسان جيڪو ھڪ سچو پريمي ھئڻ سان گڏ بھترين انسان پڻ ھو اھو سندس ور ٿيندو ۽ ھن سان ھو سڄي زندگي بسر ڪندي.ھنن جو مختصر رھاڻيون انھن لاء انمول يادون ھونديون ھيون.روحاني طور ھو ھڪٻئي کي ارپي چڪا ھئا.ھڪ جي محبت ۾ دلي طور فدا ٿي چڪا ھئا.

ذات ٻي ھجڻ سبب شنو جا ڀاء انھن جي شادي جي حق ۾ ڪڏھن نه پئي آيڻ چاھيا.جيتوڻڪ ھو غلام شبير جي نيڪ نيتي کان واقف ھئا ء يقين ھئن ته انھن جي  ڀيڻ شنو جي مٿي  مٿان ذري ڏک جي لڪير به غلام شبير جي ھوندي نه ايندي.پر ھو شنو جو رشتو ڏيڻ کان انڪاري ھئا.ڪجھ سال ئي مس گزريا ته شنو جي لاء رشتا اچڻ شروع ٿي ويا .غلام شبير ته شنو کي چوندو ھو تو جئين چوندي تئين ڪندس.ڪورٽ ميريج لاء چوين ڪٿي ڏور پري نڪري وڃڻ لاء چوين يا جيڪر چوين تنھنجي ٻي ڪنھن سان شادي تي ڪنوارئتو ٿي گھوٽائيتن کي ھار پارايان تب تنھنجيون ڳالھيون اکين تي.تون منھنجو پھريون ۽ آخري سچو پيار آھين مون توکي دل سان چاھيو آھي ء دل سان حاصل ڪرڻ جي به حد کان وڌيڪ طلب اٿم.منتون باسون دعائون سڀ الله جي درٻار ۾ شروع کان ئي لکرائي چڪو آھيان.شنو تون رڳو نازڪ چپ چور چوندي ته جان ڏيڻ کان به نه ڪيٻائيندس.
پر شنو ھڪ ڇوڪري ھئڻ جي حيثيت ۾ ڪمزور ھئي ان نه پئي چاھيو ته ان جي ڪري ان جي ڀائرن تي ڪا آڱر کڄي.
شنو به ڏکائتي ھئي ء ھن نه پئي چاھيو ته غلام شبير کان علاوه ھن جي نالي سان ٻي ڪنھن مرد جو نالو جڙجي.شنو جي ڀائرن ايندڙ رشتن مان ھڪ قبول ڪري ورتو جيڪو شنو کان عمر ۾ ننڍو گھٽ عقلمند ھو.شنو جو دل بلڪل راضي نه ھو باقي غلام شبير ته فقيرن جو روپ ڌاري  ھٿ ٻڌي ويھي رھيو ۽ جيئڻ تڪ ڇڏي ڏنو ھو پر شنو ئي ھن کان واعدو ورتو ھو ته ھو ڪجھ به نه ڪري سو ھو خاموشي جي چادر اوڙھي ڇڏي ھئي. نيٺ شنو  پاڻ  ڀائرن اڳيان ڪمزور پئجي وئي ھئي انھن جي ڪيل فيصلي کي نٽائي نه پئي سگھي.آخر شنو پنھنجي ڀائرن جي ڪرايل رشتي تحت پرڻجي ويئي ء ڪنھن ٻي ماڻھو سان جڙجي وڃي نئين دنيا وسايس.ان جي شادي بعد غلام شبير جيڪو اداسين جي سخت گھيري ۾ ھو تنھن جي به ماء ۽ ڀينرن زوري ھڪ ٻي ذات واري عورت سان پرڻو ڪيو.دل ۾ سانڍيل شنو جي ته ڪوئي جاء وٺي نه پئي سگھيو تنھن ھوندي به ھن پنھنجي شادي شده زندگي جي ھر ذميداري کي دل سان نڀايو.
اڄ شنو 2 ڌيئرن جي ماء آھي ء غلام شبير  4 ٻارن جو پيء آھي .ھڪٻئي جي ٿيڻ جي خواھش کي دل اندر قبر ٺاھي ھئيشه لا۽ دفنائيندڙ ھي پريمي جوڙو ،شنو ء غلام شبير جڏھن به پنھنجن گھرن ۾ واندا ٿي اڪيلا ويھن ٿا ته يادن جو طوفان دل اندر دفن ڪيل خواھشن مٿان پيل مٽي کي اڏارين ٿا ء ھو ٻئي ڄڻا  ساڳي سوچ رکي سوچن ٿا ڪاش اسانجو پيار به مڪمل ٿئي ھا.ڪاش اسان به ھڪٻئي جا ھجون ھا.ته دنيا وڌيڪ سھاني ھجي ھا.اڌورين خواھشن ۽ اميدن تي اکيون نم ڪري ھي خدا کان به شڪايت ڪن ٿا.۽ وري ساڳيون خواھشون ۽ پيار دل َ ٺھيل قبر اندر ٻيھر دفن ڪري دنياوي ڪمن ۾ صروف ٿي وڃن ٿا.

Monday, 22 June 2015

ھيپي برٿ ڊي سنڌ راڻي/ماھم سنڌي

ھيپي ڀرٿ ڊي سنڌ راڻي/ماھم سنڌي
mahamsindhi05@gmail.com

ڪجھ ڪردار ۽ شخصيتون اھڙيون به ھجن ٿيون جيڪي صدين تي پنھنجا پاڇا ۽ ڪارناما ڇڏي ٿيون وڃن.صوفين جي ڌرتي سنڌ ھر دور ۾ عظيم انسانن کي جنم ڏنو آھي جنھن ۾ ڪي صوفي ازم جي اعلي درجي تي پھتا ،ڪن پنھنجي شاعري ذريعي دنيا جي سوچ ۾ نواڻ آندي ۽ ڪجھ ليڊر ٿي پاڻ کي اھڙو ته مڃائي ويا جو دنيا وارا انھن جا ھميشه پئي گيت ڳائي ساراھ ڪندا رھندا.قرآن پاڪ ۾ ارشاد آھي“ ڪُل نفس ذائقته الموت“ يعني ھر نفس کي موت جو ذائقو چکڻو آھي.سو ان مان ظاھر آھي ھر اتي اچڻ وارو انسان توڙي ھر ساھ واري شيء فنا ٿيڻي آھي،پر اھي ماڻھو انوکا ۽ انمول چئبا جن پنھنجي پاڻ کي  ،پنھنجي سيرت کي اھڙو ته سنواريو، اھڙي ته اڳواڻي ڪئي، اھڙي ته جدوجھد ڪئي جو ھو مري وڃڻ بعد به دلين ۾ زنده آھن.انھن جا قول،تقريرون انٽرويوز ،ڪيل تاريخي ڪم، فوٽوز جا البم ماڻھن وٽ محفوظ پيا آھن.سال جي سڀ کان وڏي ۽ گرم ڏينھن 21 جون 1953ع تي پاڪستان جي پھرين چونڊيل وزيراعظم ، آئين جي تخليقار جي پھرين اولاد محترم بينظير ڀٽو جڏھن سنڌ جي دل، روشنين جي شھر ڪراچي جي پنٽو اسپتال ۾ نصرت ڀٽو اصفھاني جي ڪک مان جنم ورتو ته ھيڪر ھي سنڌ سرھي ٿي پئي.ڪراچي ۾ اک کوليندڙ ھي بينظير جنھن کي سندس پيء پنڪي سڏيو ڇوته سندس چھرو ۽ ڳل ايترا ته گلابي ۽روشن ھئا جن ڏيک پئي ڏنو ھي ھڪ عام ٻارڙي جي پيدائش نه پر ھڪ عظيم عورت جي آمد ٿي آھي.ٻن ڀائرن مير مرتضي ڀٽو شھنواز ڀٽو ۽ ھڪ ڀيڻ صنم ڀٽو جي ھي وڏي ڀيڻ ڪنھن گلابي گلاب جيان پنھنجي خوشبو ۽ سڳنڌ ائين ته پکيڙي جو ھو  سنڌ ڄائي ھر دلعزيز شخصيت بڻجي پئي. ڪي ڳجھيون طلسماتي طاقتون ڄڻ ته ھن ساڻ ھر وقت گڏ ھونديون ھيون تڏھن ئي ته ھو زندگي جي ھر ڏاڪي تي پاڻ مڃائي ويندي ھئي.ڪراچي، روالپنڊي ۽ مري مان تعليم حاصل ڪندڙ بينظير او ليول جو امتحان 15 سالن جي عمر ۾ پاس ڪيو.ڪراچي مان اي ليول جي امتحان ۾ ڪاميابي ماڻي ھن وڌيڪ ۽ اعلي تعليم لاء آمريڪا جو رخ ڪيو. ھارورڊ يونيورسٽي جي ريڊ ڪلف ڪاليج ۾ 1969ع کان 1973ع تائين زير تعليم رھي.
1973ع کان 1977ع تائين برطانيه جي ليڊي مارگريٽ آڪسفورڊ ۾ اڪنامڪس ،فلسفه ۽ سياسيات جا مضمون پڙھندي رھي.1976ع ۾
ھي پھرين ايشيائي ۽ پاڪستاني شاگردياڻي ھئي جيڪا آڪسفورڊ يونين جي اڳواڻ چونڊي وئي ھئي.ھو ھڪ سرگرم شاگردياڻي طور ھميشه ايڪٽو رھندي ھئي.سندس پيء جو ٻاجھ ڀريو ۽ نصيحت ڀريو ھٿ ان لاء ڪاميابي جي ڄڻ ته ڪنجي ھئي.ڀٽي صاحب جي اولاد مان ھي سڀ کان لاڏلي ھئي.ڀٽو ڄاڻيندو ھو ته ھي اعتبار جي قابل آھي ۽ ھي وڏي مان وڏي ڏنل ذمينداري کي به بخوبي انداز سان نڀائي ويندي.ذوالفقار علي ڀٽي ھڪ دفعي ڪال ڪوٺڙي تان لکيل خط ۾ پنڪي کي سمجھائيندي چيو ته پياري ڌي، جيل جي ان انڌاري ڪوٺي مان توکي ڪوبه تحفو ڏئي نه سگھندس منھنجو سڀ کان گھرو عشق عوام سان آھي. مان توکي عوام جو ھٿ ۽ اعتماد پنھنجي ھٿن مان ڪڍي توکي سونپيان ٿو مونکي يقين آھي ته تون منھنجي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ويڙھ وڙھي سگھين ٿي.
پر 1977ع جو  سال ان لاء زندگي جو ڪڙو سال ثابت ٿيو.5 جولاء تي ظالم ڊڪٽيٽر ۽ انھي وقت جي آرمي چيف ضياالحق پاران ذوالفقار ڀٽي جو تختو اوندھو ڪري احمد رضا قصوري جي متنازع بڻيل قتل جي ڏوھ ۾ جيل موڪلڻ ۽ بي بي جو پنھنجي ماء نصرت ڀٽو سان گڏجي پارٽي سميت مختلف ڪيسن کي منھن ڏيڻ اھو سڀ ھڪ ڪڙي امتحان جي گھڙي ھئي.جيلن جي ڪال ڪوٺڙين ۾ سختيون سھندڙ ھي نازڪ صفت بينظير رڪ وانگر سخت ٿي پئي ھئي.پيء سان آخري ملاقات ۾ پيء جي ڏنل نصيحت  جنھن ۾ ھن چيو ته" تون جيڪر سياست ۾ اچين ته اھو ذھن ۾ رکي ڇڏ سياست گلن جي نه پر سياست ڪنڊن جي سيج آھي. سياست عوام جي خدمت آھي.طاقت جو سرچشمو عوام آھي.تون منھنجي وڏي ۽ بھادر ڌي آھين مونکي توتي ڀروسو آھي.تو ۾ اھا جرئت ۽ءطاقت آھي جيڪا ھڪ ليڊر جي گھرج ھوندي آھي“.
4 اپريل 1979ع تي پنھنجي پيء جي ڦاھي جو صدمو انکي اندران ٽوڙي رھيو ھو پر ھو پوئتي ھٽجڻ بجائي وکون اڳتي وڌائيندي آئي.ضيالحق جي لاڳايل مارشلا ۾ 9 ڀيرا گرفتار ٿيندڙ ۽ 5 سالن کان مٿي قيد وبند جو صعوبتون سر تي سھندڙ ھي بينظير ھر طرح سان مظبوط بڻجندي وئي.
1982ع ۾ 29 سالن جي پنڪي پيپلز پارٽي جي چيئر پرسن طور عھدو سنڀاليو.پاڪستان جي ننڍي عمر واري پھرين ڇوڪري جنھن ھڪ وڏي سياسي پارٽي جون واڳون پنھنجن ھٿن ۾ مظبوطي سان جھليون.1984ع ۾ برطانيه ڏانھن جلاوطني ڪري ڇڏي ۽ اتان ئي پارٽي کي ليڊ ڪندي رھي.
18 جولاء 1985 ۾ پنھنجي ننڍي ۽ لاڏلي  ،26 سالا جوان ڀاء شھنواز جي موت جي بري خبر جڏھن سندس ڪنن تي پئي ته فرانس ۾  ان جي ڀاء جو لاش مليو آھي جنھن جا سبب اڃا ڳجھارت بڻيل آھن.ان وقت به ھي زاروقطار روئندي رھي ۽ ھڪ ڀيڻ جي حيثيت ۾ ان لاء ڀاء وڃائڻ جو صدمو ڪو ھلڪو نه ھو پر ھو ڪنھن جھوني ۽ پراڻي وڻ وانگر ڪيترن ۽ طوفانن ۽ آفتن باوجود پنھنجي جاء نه ڇڏي.
10 اپريل 1988تي جڏھن پاڻمرادو جلاوطني ختم ڪري لاھور ايئرپورٽ پھتي ته عوام جو تاريخي سمنڊ ڀٽي جي پنڪي جي آڌرڀاء لاء اٿلي پيو.ان جي تاريخي استقبال ڏسي ملڪي توڙي بين الاقومي ميڊيا حيرت زده ٿي وئي ھئي.
جڏھن شادي جو وقت آيو ته ھڪ عام ۽ سادي ڇوڪري وانگر پنھنجي ماء جي پسند کي مان ڏيندي ھن پنھنجي ماسي جي ۽ نوابشاھ جي حاڪم زرداري جي پٽ آصف علي زرداري سان  18 ڊسمبر 1987ع تي وھانء رچايو جنھن مان  ٽن ٻارن جو اولاد بلاول ،بختاور ۽ آصفه ٿيا.
17 آگسٽ 1988ع تي ضياالحق جي موت بعد ملڪ ۾ ڊسمبر ۾ ٿيل عام چونڊن ۾ پيپلز پارٽي بينظير ڀٽو جي اڳواڻي ۾ وڏي اڪثريت سان کٽي آئي ۽ محترمه بينظير ڀٽو  2 ڊسمبر  1998ع تي ملڪ جي  وزيراعظم، عالم اسلام جي پھرين ڪمسن عورت وزيراعظم چونڊجڻ جو اعزاز حاصل ڪيو.پر پوء به سازشي قوتن ماٺ نه ڪئي ۽ ان جو اقتدار 6 آگسٽ 1990ع تي ٻيھر کسيو ويو.پر ھو ھڪ دفعو ٻيھر مات ڏيندي 19 آڪٽوبر 1993ع تي وزيراعظم جي تخت تي ويٺي پر ھن دفعي به ان پنھنجو 5 سالا مدو پورو نه ڪيو ۽ ان کي 5 نومبر 1996ع تي برطرف ڪيو ويو.پر ان جي حڪومت دوران ئي 20 سيپٽمبر 1996ع تي ھن تي ھڪ ٻي قيامت ٽٽي پئي.مير مرتضي ھائوس ڪلفٽن ايريا ڪراچي ۾ ھن جي وڏي موڀي بھادر ڀاء مير مرتضي ڀٽو کي پوليس انڪاونٽر ۾ فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو.ھو  ھڪ دفعو ٻيھر اھو صدمو پنھنجي ھماليه جيڏي حوصلي ۾ جذب ڪري وئي.ٻن ڀائرن کي ،بھادر پيء کي وڃائڻ جو  ڏک جيتوڻڪ ھن کي ڪمزور بڻائڻ لاء گھٽ نه ھو پر وري ھن ھمت جوٽي.
ھو پاڻمرادو 1999ع تي جلاوطن ٿي دبئي ھلي وئي ۽ ان دوران نه صرف ان ملڪي سياست تي گھري نظر رکي بلڪه يونيورسٽين ۾ ليڪچر ڏيڻ ٿوڙي ٻين ڪمن ۾ مصروف رھڻ لڳي.
9 سالن بعد  ھي وري پاڪستان آئي ته اميد وري اٻوجھ چھرن تي ٻھڪڻ لڳي.
18 آڪٽوبر 2007ع۾ جڏھن ڪراچي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي پھتي ته عوامي سمنڊ ھڪ دفعو ٻيھر اٿلجي آيو.ڪاڇي کان ڪارونجھر توڙي خيبر کان ڪشمير ۾ ھن جا ڪارڪن جيالا ايتري تائين جو عام ماڻھن ۽ ٻين سياسي پارٽين سان وابسته ڪارڪنن جو به وڏو انگ بينظير جي چمڪندڙ چھري کي ھڪ جھلڪ ڏسڻ لاء اچي ڪراچي پھتو.پر ان آمد کان اڳ جڏھن بينظير کان ھڪ صحافي انٽرويو دوران اھو سوال ڪيو ته ميڊم اوھان ته تمام گھڻا پرجوش آھيو وڃڻ لاء پر جي اوھانجي ويلڪم لاء اوترا ماڻھو نه اچن ته اوھان جا احساسات ڪھڙا  ھوندا؟جواب ڏيندي چيائين جيڪر مان ڪراچي ايئرپورٽ تي لھان صرف ھڪ ماڻھو پي پي جو ٽي رنگو جھنڊو کڻي بيٺل ھجي ۽ مونکي ڏسي جئي ڀٽو جو نعرو ھڻي ته مان سمجھينديس ته منھنجي ڪوشش ڪامياب ٿي ۽ شڪرانا ادا ڪنديس.
ملازمن توڙي پارٽي ورڪرن کان وٺي ڪارڪنن تائين سڀن کي ھو دل سان ڀائيندي ھئي.زندگي ۾ اڻ ڳڻيا ڏک ۽ مشڪلاتون ان جي جبل جيڏي حوصلن کي لوڏو به ڏئي نه سگھيا.ھر وقت مسڪراھٽ ته ائين سجائي رکندي ھئي جو ڄڻ مرڪ به ھن کان مرڪون اوڌر تي وٺندي ھجي.شينھڻ واري گجگوڙ ۽ عوام دشمن قوتن کي للڪار واريون ان جي تقريرون ايئرڪنڊيشنز روم ۾ ويٺل گدڙ صفت دشمنن  جا پگھر ڪڍي ڇڏيندا ھئا.ھن جي روب دار شخصيت جي اڳيان ڪير ھمت ئي نه جھلي سگھندو ھو ته ڪجھ گھٽ وڌ جملا ڳالھائي سگھي.اوڀر جي نياڻي، ايشيا جي راڻي ،سنڌ جي راڻي ،پاڪستان جي عالمي اڳواڻ، چئن صوبن جي زنجير بينظير ،اھي سڀ نالا انکي اعزاز طور چيا ويندا ھئا ۽ اڄ به انھن نالن سان سڃاتي وڃي ٿي.ھن جو جنم تيز گرم ۽ وڏي ڏينھن تي ٿيڻ جو شايد مطلب ئي اھو ھو ته ھو ھڪ عام عورت نه پر ڊگھي ويڙھ وڙھندڙ عورت ھئي.جڏھن ھي سنڌ جي نياڻي اجرڪ کي چادر طور اوڍيندي ھئي ته شاھ جي ستن سورمين جي طاقت ان ۾ اچي ويندي ھئي.ان جا چاھيندڙ انکي  شاھ لطيف جي اٺين سورمي به ڪوٺين ٿا ته سياسي قلندر به چوندا آھن.
سندس لکيل ڪتاب اوڀر جي نياڻي (Daughter of East) ۾ پنھنجي گھر جي اندروني ماحول بابت لکي ٿي ته منھنجي گھر ۾ مونکي وڌيڪ توجه ملندي ھئي.منھنجي چمڙي  گلاب جيان ڳاڙھي ھجڻ سبب مون تي پنڪي نالو پيو.منھنجي گھر ۾ تعليم کي اوليت ھئي.بابا چوندو ھوته بس توکان ھڪ ئي سوال آھي پڙھائي تي مڪمل توجه ڏئي سٺي پوزيشن کڻ.اڳتي چوي ٿي منھنجي والده مونکي دين طرف پڻ راغب ڪيو.مان 9 سالن جي ھئس ته امڙ فجر جي نماز لاء اٿاريندي ھئي.منھنجي امڙ ڀلي دنيا جي ڪھڙي خطي ۾ به ھوندي ھئي پر پنج وقت نماز پابندي سان ادا ڪرڻ جي قائل ھئي.انھي ڪتاب ۾ ان پنھنجي ننڍپڻ جا ڏينھن ،شھيد بابا جي ڦاسي ،پنھنجا حڪومتي دور توڙي ملڪ ۽ پرڏيھ ۾ ڪيل ڪوششن تي لکيو اٿس.
پنھنجي ٻي لکيل ڪتاب جنھن جو نالو اسلام جھموريت ۽ اولھ وچ ۾ ٺھراء (Reconciliation :Islam ,Democracy and the West) انھي ۾ ھن ھڪ پل جو ڪردار ادا ڪرڻ پئي چاھيو.اولھ ملڪن تي نائين اليون بعد پيل منفي اثرات جنھن انھن جي نظرن ۾ اسلام جو اصل چھري کي بنھ مختلف ڪيو ھو.محترمه ان کي واضح ۽ اسلام کي امن پسند مذھب ڄاڻائيندي ھن ڪتاب ۾ پنھنجا تجزيا ،تحفظات ۽ اڳڪٿيون لکيون آھن.ھو لکي ٿي ته جھادي گروپ سڏرائيندڙ طالبان ۽ ٻين دھشت زده ڪارواين ۾ ملوث ماڻھن جو اھو چوڻ ته ھو مسلمان آھن اھو سراسر غلط آھي.اسلام امن کي  ۽ ڀائيچاري کي فروغ  ڏيندڙ مذھب آھي.اسلام ۾اڻ برابري  جي بنياد تي کنيل قدمن کي نا انصافي چيو ويوآھي.ھي ذھين عورت پنھنجي وسيع مطالعي ،تجربن ،مشاھدن جي پرک کان پوء پيدا ٿيل الھجنن کي سلجھائڻ جي ھڪ قابل تعريف ڪوشش ڪئي آھي.
ھن پنھنجي آتم ڪٿا تي مشتمل ڪتاب قسمت جي نياڻي (Daughter of Destiny) پڻ لکيو.جنھن ۾ پنھنجي زندگي کي سمائڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس.
روالپنڊي جي لياقت باغ ۾ 27 ڊسمبر 2007ع تي انجي تقرير آخري ٿي.جنھن ۾ ھن چيو ته ھي ڌرتي مونکي پڪاري پئي.ان ڌرتي جي سڏ کي ورنائيندي ھو گولين جو کاڄ ٿي وئي.10 فٽ اونھي قبر ۾ ڳڙھي خدا بخش ۾ ڀٽي جي خانداني قبرستان ۾ شھيد پيء جي ڀرسان دفنايل شھيد نياڻي جسماني طور جدا ٿي پنھنجو روح عوام توڙي سنڌ ۽ پاڪستان سان نه کلندڙ ڳنڍ سان ٻڌي وئي.

اڄ 21 جون ھن جون 62ھون جنم ڏينھن آھي.ان اونھاري جي سخت گرمي ۾ جتي اڃا سنڌ کان سانوڻي جون برساتون ڪجھ ڏينھن جي دوري تي آھن اتي بھار جي مند کان گلابي پنڪي لاء گلاب جا ڳاڙھا تازا گل ۽ موتئي جا سفيد چمڪندڙ خوشبودار گل اوڌار وٺي سنڌ جي شھيد نياڻي مٿان نڇاور ڪري ان جي سالگرھ ملھائي ان کي ڀرپور ڀيٽا ڏيون ۽ ان کي اھو ٻڌايون ته وڇڙين آھين پر ھڪ پل به وسري ناھين.موت جي فطري عمل سبب وڇڙيل سنڌ راڻي کي اڄ کوڙ ساريون وڌايون ڏجن ٿيون.جيتوڻڪ اسان انکي وڏي عمر ،سٺي صحت جي دعا ڏيڻ  کان قاصر آھيون.پر تڏھن به ان خوشي جي ڏھاڙي تي محترم بينظير ڀٽو جو اڳيان فوٽو رکي  ان اڳيان ميڻ بتيون ٻاري ڪيڪ ڪٽي چئون ٿا.ھيپي برٿ ڊي شھيد بي بي.ھيپي برٿ ڊي ٽو يو.

[ Sindh Express News Story http://www.sindhexpress.com.pk/epaper/PoPupwindow.aspx?newsID=130282424&Issue=NP_HYD&Date=20150621#.VYaIz9wnMl4.twitter …

http://dailyjhoongar.com/files/21-06-15/Page-edit.jpg

http://dailyjeejal.com/e-paper/2015-06-21/news/page4/­
1%20(3).htm
dailyjeejal.com
dailyjeejal.com ·

Thursday, 18 June 2015

شنو ۽ شبير جي اڻپوري آس...

A short True Story by Maham Sindhi

شنو ۽ شبير جي اڻپوري آس...
(مختصر ڪھاڻي)