#IncompleteEid #IncompleteSmiles #IncompleteLife
A Missing kiss of forehead after sighted moon of Eid
عيد جي چنڊ ڏسڻ بعد وڃايل پيشاني واري چُمي
عيد خوشين جو تھوار جيڪو اسلام مذھب ۾ رمضان المبارڪ جي روزن بعد شوال جو چنڊ ڏسي ملھائي ويندي آھي.
ان چنڊ جو مونکي به بي صبري سان انتظار ھوندو ھيو،نون ڪپڙن جوتن ،ميندي ۽ ميڪ اپ جي ريس مونکي به پنھنجين سھيلين سان ۽ ڪزنس سان مقابلي ۾ اچي بيھارندي ھئي.ننڍپڻ ۾ ته عيد جي ڏينھن پائڻ کان اڳ پنھنجو جوڙو به نه ڏيکاريندي ھيس ڪنھن کي،ھر شيء ڪپڙن جي ميچنگ کان وٺڻ جي به شوقين ھيس.بابا جڏھن شاپنگ تي وٺي ويندو ھو ته چوندي ھيم پھرين ڪپڙن جي شاپ تي ھلي ،اھي وٺبا ڇوته ٻي شاپنگ تي ڪپڙن جي ماتحت ئي ڪرڻي ھوندي ھئي.رمضان ۾ ھڪ جا چار چڪر لڳائيندي ھيس ڪيڏي به رش ۽ پيھ پيھان ڇو نه ھجي ،پر مان ايتري ته پرجوش ھوندي ھيس جو تنگي به نه ٿيندي ھئي.صبح کان ويندي اچي ٽپھري ٿيندي ھئي پر ٿَڪ جو احساس معمولي ۽ غير اھم لڳندو ھيو.شام ٿيندي ئي گھر مان نڪري ٻاھر ڪنھن کلي جڳھ تي يا ڪافي دفعا ڳوٺ واري گھر جي ڇت تي چڙھي به عيد جو چنڊ ڏٺو ھيم.چنڊ ڏسڻ بعد بابا جي پيشاني تي چمي پيار ۽ شفقت ڀريو ڀاڪر مون لاء خاص اھميت رکندو ھيو.اھو به ڄڻ چاند رات جو حصو يا ڪا رسم ھئي مون لاء جيڪا وڏي خوشي سان پوري ڪندي ھيس.اھا چُمي اعزاز ،انعام ،توڙي بي انتھا پيار جي نشاني ھئي،روزمره جي چمين کان مختلف ۽ غيرمعمولي ھئي.ھڪ نئون وڻندڙ احساس ڏيئي ويندي ھئي.
رات جو ٻنھي ھٿن تي ميندي لڳائيندي ھيس ۽ دوستن وچ ۾ اھو طئي ڪندا ھئاسين ته ڪنھنجي ٿي ميندي وڌيڪ رنگ ڪري ،پوء ان سبب جي ڪري رات جي ماني امي يا امي جي اڪثر مصروف ھجڻ سبب بابا ھڪ ھڪ گرھ ڪري کارائيندو ھيو.اھا ميندي سڄي رات لڳل ھوندي ھئي صبح جو جڏھن پھرين اک کلندي ھئي پنھنجا ھٿ ڏسي جنھن مان سڪل ميندي ڪجھ ڇڻي ويندي ھئي، اھي ڳاڙھا ميندي رتا ھٿ ڏسي واقعي به خوشي ٿيندي ھئي.عيد جي ڏينھن دل جي موسم ۾بھاري سبب آسپاس جي موسم جي گرمي يا سردي خاص پنھنجو اثر نه ڇڏيندي ھئي.مڪمل تيار ٿي اچي بابا ۽ امي کي ڏيکاريندي ھيم.اھي جام خوش ٿيندا ھئا.سڪون واري مرڪ انھن جي چپن تي ھوندي ھئي.بابا ته چوندو ھيو ٻارن عيد ڪئي ٻار خوش ٿيا ته سمجھو منھنجي ٿي پر تنھن ھوندي به ان تي زور وجھي چوندا ھئاسين جيڪر بابا اوھان نوان ڪپڙا نه پاتا ته اسان به بائيڪاٽ ڪنداسين .پوء پنھنجي ڳالھ ۾ اسان ڪامياب ٿي ويندا ھئاسين.منھنجي دل پنھنجي فيملي مڪمل ڏسي مطمئن ھوندي ھئي.ھڪ اھڙي گھاٽي وڻ جي سائي جي اندر پاڻ کي مڪمل محفوظ ،پريشانين جي طوفانن ۽ دنياوي لوڏا ،جيڪي زلزلي مثل ئي ھوندا آھن ان سڀ کان بچڻ لاء مون وٽ فل پروف ھڪ ڪور موجود ھيو.جيڪو ھر مشڪل ۾ ڪنھن جنگ ۾ بيٺل سالار جيان تلوار مياڻ مان ڪڍي اڳڀرو ٿي مقابلو ڪري ھر رڪاوٽ کي پاڙان پٽي ھڪ محفوظ خطرن کان پاڪ رستو مھيا ڪندو ھيو.يقين ڄاڻو زندگي جي سفر دوران جيڪر رستي تي ڪو ڪنڊو يا پٿر به نظر ايندو ھو ته ھُو ھٽائي ڇڏيندو ھيو اھو ئي سبب ھيو جو ان جي موجودگي ۾ مونکي ڪا ٺوڪر نا لڳي ،ڪو ڌڪو نا آيو ،ڪنھن سخت نوڪ واري ڪنڊي منھنجي پيرن توڙي ھٿن کي نا ڇھيو ھيو.
ٿي املتاس تان ڪوڪ ڪويل ڪري، ھو پري آ پري آ پري آ.
جي ھو يا جھڳو داءُ پنھنجو لڳو ،جيت ڇا ھار ڇا ڪير پٺتي وري.
آءُ رابيل ڪومائجن ٿا پيا ،ڪا سڳنڌ آھ جنھن جي نا تو بن سري.
مڌ ڪھڙو به آھ ڪلالو ڏيو، رات گھنگور آڪئين به ٽاڻو ٽري.
اي اياز اينٿرا توته پايل ٻڌي، پير سوچي ته رک ڌر تتي تي ڌري.
شيخ اياز
ھي عيد منھنجي زندگي جي ٻي نا مڪمل عيد آھي جيڪا مونکي عيد لڳي ئي نه پئي.لڳندي بي آخر ڪئين ھو ته آھي ئي ڪونه....
دنيا جٿي شاپنگن ۾ خريد ۾ حد کان وڌيڪ مصروف آھي اتي مان رمضان جي آخري عشري ۾ به مڪمل فارغ ھيس.بازار جو رخ ڪري ويس ته جون مھيني جي پوري پگھار کڻي ويس ته من ڪو موڊ ٺھندو ته پاڻ لاء ڪجھ وٺندس.بازار ۾ پھتل نئي عيد ڪليڪشن جا ڪپڙا، نيو لان جو دلڪش پرنٽون، ڪڙھائي وارا رنگ برنگي جوڙا ،جوتن جا مختلف اسٽائل ھر قسم جي ميڪپ اپ جا پھتل نوان آئٽم ،سڀ ڪجھ ھيو پر دل ذرو به وٺڻ لاء راضي نه پئي ٿي.چڪر ڏئي خالي ھٿي گھر پھتس ۽ سمھي اچي سوچيم ايتري اڌوري ٿي وئي آھيان جو خوشين جو تھوار ڄڻ ته مون لاء غم کڻي ايندو ھجي.
عيد جو چنڊ ڏسڻ لاء به دل نٿي چوي جيڪر ڏٺم ته پيشاني منجھ لڪل تقدير شڪوه ڪري ڏيندي.پوئين سال به گرمي نه ھوندي به عيد جو چنڊ اُڀرندي ئي اکين سان گڏ پيشاني آلي ٿي وئي ھئي.اھا چُمي نا وسرڻ جھڙي ھن دفعي ھن چاند رات تي به مونکي نامڪمل ھئڻ جو شدت سان احساس ڏياريندي.
ميندي به مان آخر ڇو لڳايان جڏھن ماني کارائڻ وارا پيار ڀريا ھٿ مونکي نظر ئي نه پيا اچن.مان آخر ڇو ملھايان عيد جڏھن ته دل جي دنيا ۾ ويراني آھي.ملڪ پار ويل پرديسي ته دير سوير موٽي ايندا آھن پر زندگي پار ڪري ويل پرديسي جي اچڻ جي مونکي ٽائيم جي ڪا خبر ناھي پوئين عيد به انتظاري اکين سان در ڏي تڪيندي گزري وئي.يقين سان چوان ٿي منھنجو پرديسي ڪٺور دل نا بلڪه نازڪ دل آھي.پنھنجي ڏاھي ڌي سان ان جي محبت جو ڪا ماپ تول ئي ناھي .ھو ته ھڪ ڏينھن به پري نه رھي سگھندو ھيو سو اھا سازش ٻي ڪنھن جي ٿي لڳي جيڪو اسانکي جدائي جي گھاڻي ۾ مسلسل 2 سالن کان بي دردي سان پيو پيھي جنھن جو اڃا انت نظر ئي نه پيو اچي.ٽپالي ڪو خط نياپو به ناھي ڏنو ايستائين جو فون ڪال توڙي مسڪال به ناھي آئي، ايندي به ته ڪئين ان جو ڪيو موبائل جو سمپل سيٽ موبلينڪ جاز جي سم سميت گھر ۾ محفوظ پيو آھي.ھا ياد آيو ان جي ساڄي ھٿ ۾ دُر نجف واري پاتل مُنڊي به محفوظ پيل آھي.۽ ھا اوريجنل شناختي ڪارڊ به پيو آھي.ھڪ سرٽيڪفيٽ به انجي نالي سان ٺھيل پيل آھي چون ٿا اھو ڊيٿ سرٽيفيڪٽ آھي پر مونکي اھو پڙھڻ باوجود سمجھ ۾ صفا نٿو اچي سو مان ٻين جون ڳالھيون مڃڻ کان انڪاري آھيان.عيد جا ڏينھن ويجھا ٿيا ته وري وري ھانء ٿو ڀرجي اچي.سچ ٻڌايان ھاڻي ته سڪ ۽ اُڪير به جام ٿي لڳي.جنھن جو اظھار ڪنھن ٻولي ۾ ڪري به نٿي ڪري سگھان .واقعي به لفظ ته محدود آھن ڪئين ٿا جذباتن جي ترجماني ڪري سگھن جيڪي اُڏائي جيت وانگر اندر کائن پيا.عيد چھري تي مرڪون ته کڻي اچي ٿي پر ڪٿي مرڪون کسڻ جو سبب ٿي وئي ته ڇا ڪجي.منھنجي وڃائجي ويل چُمي ٻه سال گزري وڃڻ باوجود مونکي اڄ تائين ناھي ملي.مان سڄي زندگي انجي ڳولا ۾ لڳائڻ چاھيان ٿي پر ڪو ته خاطري ڪرائي ڪنھن وٽان ته حوصلو ملي تا واقعي تنھنجي گُم ٿيل قيمتي شيء خوشي جي خزاني ۾ ڪوھ نور ھيري جي حيثيت رکندڙ اھا چُمي توھانکي ھڪ ڏينھن ملي ويندي.مون اميد جو دامن ته ناھي ڇڏيو اڃا انتظار ڪندي ٿڪي به ناھيان پر وري به اداسي ڪنھن ڪاريھر نانگ جھڙي دشمن جيان ھر ھر وار ٿي ڪري.اھي وار سھڻ جي سگھ ۾ ٿوري ڪمي به مونکي ڪمزور ٿي بڻائي.ڏاھي ڌي ڪر ھر وقت سڏ ڏيندر ھو ويندي ويندي مونکي چريو ،پاڳل ،ضدي ۽ ڪمزور بنائي ويو.
ھو عشق محبت جي دنيا گزري به وئي گزري به وئي
آ ياد جنھن جي باقي سا گزري به وئي گزري به وئي
اڄ ياد اوھانجي آئي يا ھر شئي تي ڇايو نور مٺا
يا صن چمن مان باد صبا گزري به وئي گزري به وئي.
ھاڻي ته لھي ويو آ دريا جنھن ڪشتي ڪشتي ڪئي پاره
اي ھمسفرو ھو موج بلا گزري به وئي گزري به وئي.
ڪي ڏينھن ھيا جو نينھن ھيا جو ڪنھن جي سونھن ورونھن ھئي
نه رھي نه رھي نه رھي او الا گزري به وئي گزري به وئي.
اي ابر ڪرم تنھنجا سائل تو ڏانھن تڪيندي رھجي ويا
بدلي نه ھوا ڇائي نه گھٽا گزري به وئي گزري به وئي.
ڪنھن ڪانه ٻڌي ڪنھن ڪانه ٻڌي توڙي ويو عرش وفرش لُڏي
ڪنھن جي دل مان نڪتي به صدا گزري به وئي گزري به وئي.
جيڪا به گھڙي توسان گزري آ ياد انھي جي پيار ڀري
مان ڪئين چوان منھنجا پيارا گزري به وئي گزري به وئي.
ڏک گھوري مون سک ورتا ھا ڪنھن پياري جا جڳ ساري جا
پڇ ئي نه اياز اھي ڏکڙا گزري به وئي گزري به وئي.
(شيخ اياز ،ڀونر ڀري آڪاس ،پيج نمبر 229، 230)
ماھم سنڌي :-(