29/04/2016
#Iraq
#Baghdad
سفرنامي جو ڊپ ڏياريندڙ يادگيريون...
عراق جي ڪربلا ۾ موجودگي دوران 29 اپريل صبح جو ست وڳي اسين ڪاظمين (بغداد کان 14 ڪلوميٽر جي فاصلي تي) ۽ سامره (بغداد کان اُتر طرف 125 ڪلوميٽر جي فاصلي تي) جي زيارت لاء نڪتاسين. ياد رھي اِھي اُھي ئي علائقا آھن جتي دھشتگرد تنظيم (ISIS ، اسلامي دولت آف عراق الشام) داعش جيڪا 2014 کان خلافت جو اعلان ڪري دنيا اڳيان ابوبڪر بغدادي جي سربراھي ۾َ ظاھر ٿي اھا ھتي قابض ھئي ۽ بم حملا ڪري جاني توڙي مالي نقصان پڻ ڪيو اٿس.جئين جو اسين ڪاظمين جي حاضري ڏنيسين،صبح سوير ئي مينھن سانباھ ڪيو بيٺو ھو،ايڏيون تيز کنوڻيون ۽ گوڙ جا گجگوڙ ٿيا جو خوفزده ڪري ڇڏيس،ھلڪي بارش شروع ٿي ته پوء بس ۾ چڙھي سامره طرف روانا ٿياسين،انھيءَ طرف ته جڳھ جڳھ تي فوجين جون چيڪ پوسٽون قائم ھئڻ سبب اسان جي بس ھر ھر رُڪي پئي ۽ ٿورو سفر گھڻو پئي محسوس ٿيو.ان طرف ويندي واٽ تي ڊٺل ۽ ڦٽل گھر روڊ جي ساڄي طرف کان ڏٺم.جيڪي روڊ جي بلڪل لڳو لڳ ھئا ، جئين اسان وٽ ھتي دُڪان صفا روڊ جي ويجھو ھوندا آھن. اھي علائقا صفا ويرانا ھئا، صفا پري پري تائين ننڍو دُڪان نظر مان نه پئي گذريو. پڇڻ سان ڄاڻ ملي ته اتي داعش جي تنظيم جي ماڻھن جا ٺڪاڻا ھئا ، پر عراقي حڪومت جي دعوائن موجب ھاڻي اتان داعش کي نيڪالي ڏئي ان جو قبضو خالي ڪرايو ويو آھي.انھي ڳالھ ۾ صداقت ته ظاھر آھي ھئي، نه ته جڏھن اھي اتي موجود ھئا ته انھي وقت زائرين جو ان طرف وڃڻ منع ٿيل ھيو. جيتوڻڪ انھي ئي روڊ تي ھڪ جڳھ کان ٻه ٽي فوجي بس ۾ چڙھي ويٺا جيڪي حفاظت لاء ھئا ۽ ان ڳالھ لاء به ته اڳيان ايندڙ چيڪ پوسٽن تي واضح ڪن ته ھي پاڪستاني زائر قانوني طور پنھنجي منزل طرف وڃي رھيا آھن. انھن ڊٺل جڳھن ۽ ديوارن تي داعش جي نالن ۽ نعرن جي وال چاڪنگ پڻ ٿيل ھئي.انھن ڊٺل ۽ خالي ڪرايل جڳھين مان صاف ظاھر ھو ته، اھي ڪي ڀليون عمارتون نه ھيون پر عارضي طور رھڻ لاء ۽ پنھنجو قبضو قائم ڪرڻ لاء في الحال جلدي ۾ ٺاھيل جڳھيون ھيون،جئين اوھان مثال وٺو ته اسان وٽ ئي سوکڙي ۽ ڏڪار ۾ اچي روڊن جي ڀر ۾ غريب ويچارا رھندا آھن.انھن ڊٺل جڳھين تي ۽ روڊ جي طرف عراقي جھنڊو کوڙي حڪومت طرفان اھو ظاھر ڪيو پئي ويو ته اھي جڳھيون عراقي حڪومت قبضي کان خالي ڪرائي ڇڏيون آھن.
مون ھلندڙ بس مان ئي ڪوشش ڪئي ته اتان جا ڪجھ منظر قيد ڪري وٺجن پر ھلندڙ بس تي صحيح منظر قيد نه ڪري سگھيس.حالانڪه انھيء ويراني مان گزرندي مون کي به ڊپ ورايو پئي.ايڏي بھادري ته اٿم ڪونه پوء ڇو ڪوڙ ڳالھائي چوان ته مونکي ذرو به ڊپ نه ٿيو.پر گامو سچار به مان ناھيان.😄
ڊپ جي باوجود الاھي ڇو دل چيو پئي ته بس روڪي وٺن ته انھن جڳھين جو وڃي پنھنجي اکين سان معائنو ڪيان ، پر سالار ۽ بس جو ڊرائيور ڪٿي ھو مڃڻ وارو؟ سالار پئي چيو بابا ماھم ھتي بس روڪڻ جي سختي سان منع ٿيل آھي.ڀلي جي جڳھيون داعش وارن کان خالي ھجن پر خطرو تاحال موجود آھي.خير سان زيارتيون ڪري واپس پھچون اھو ئي کوڙ آھي.باقي ڊرائيور توڙي ويٺل فوجي ڪڏھن به گاڏي روڪيندا ئي ڪونه.
اھا ته حقيقت به ھئي، اتي بس روڪي ۽ ائين جڳھين تي ھلڻ ڦرڻ رسڪ ئي ھيو.
انھي ڏينھن صبح جو 6 وڳي جي چانھِ جي ڪپ تي نڪتس،سڄو ڏينھن ماني نصيب نه ٿي ۽ رات جو 11 وڳي اچي پنھنجي ھوٽل تي پھتس.پيٽ پوڄا ڪري وري دير رات جو امام حسين عليه السلام جي ضريع کي چميم ،جئين ته ان وقت عباس علمدار جي ضريع بند ھئڻ سبب واپس اچي واٽس ايپ کولڻ ضروري ھو سو کوليم ۽ پوء ڪيڏي مھل ننڊ آئي ڪا سُڌ ئي نه پيم.
داعش واقعي ڏينھون ڏينھن انسانيت لاء خطرو ٿيندي پئي وڃي.عراق ۾ جنم وٺڻ کانپوء شام پھچڻ بلڪه ھاڻي ته سپر پاور آمريڪا به ان جي زد ۾ آھي. ھڪ سوال اگر آمريڪا زد ۾ آھي ته پوء سعودي ڪئين بچيل آھي؟؟؟😞
ماھم سنڌي.
http://mahamsindhi.blogspot.com/2015/03/blog-post.html
No comments:
Post a Comment