Sunday, 26 June 2016

سفرنامي جون مِٺيون يادون....

19/04/2016
#Iran
#Qom
سفرنامي جون مِٺيون يادون....

ماکي خُوب مِٺي،تُون مِٺو ماکيءَ کان،
مون ڪڏھن ڪانه ڏِٺي،ڪا مٺائي مَٽ تنھنجي.

سڄي دنيا ۾ سالياني ماکيءَ جي پيدوارا 1.6 ملين ٽن ٿئي ٿي ، جنھن ۾ ايران دنيا جو اٺون نمبر وڌيڪ ماکيءَ پيدا ڪندڙ مُلڪ آھي.جيتوڻڪ ايران سالياني 15 ھزار ٽن ماکيءَ ٻاھرين ملڪن کي ايڪسپورٽ ڪري ٿو.
مان قُم ۾ جڏھن ترسيل ھئم ته ٻيا دُڪان گھمندي ۽ ڏسندي منھنجي نظر وڃي ماکيءَ جي دُڪانن تي پئي.ھڪ ڊگھي قطار ۾ لاڳيتو مٺي ماکيءَ جا دڪان ھئا ، جنھن ۾ ماکي جون مختلف ورائٽيون  ،مختلف سائيز ۽  مختلف پيڪنگس ۾ الڳ الڳ اگھ سان  شاندار نموني سجائي رکيل ھيون .عجيب ڳالھ ته ماکين جا منارا به سجائي پيڪنگ ۾ رکيل ھئا ، انھن ۾ صرف ماکيءَ جون مَکيون نه ھُيون.خشڪ ميوات ۾ به ماکيءَ ملائي لذيذ مٺيون کاڌي جون ورائٽيون کائڻ جي لاء  سجائي رکيل ھيون.
جيئن ته صاف صفائي سبب ھڪ سُٺو ۽ وڻندڙ ڏيک پئي لڳو.مونکي ماکيءَ وڻندي ناھي سو وٺڻ کان پاسو ڪيم پر پوء به سجاوٽ جو انداز ڏسي ڏاڍو وڻيم.جيئن جو انداز وڻيم ته ھڪدم موبائل کڻي اھي منظر قيد ڪيم جئين ھڪ مٺي ياد ڪري سگھان.

ھت اسان وٽ ته نوجوان ڇوڪرا ائين ئي ھوشيار لڳا پيا آھن ، شل نه نظر پون وڻ تي يا ڪنھن ڍير تي ويٺل ماکيء جي مناري تي،پاڻھي ڪوئي نه ڪوئي  جُڳاڙ ڪري منھن ٻڌي، ته ڪيڏي مھل ٽانڊو کڻي وڃي مناري جي ڪڍ لڳندا ۽ ان کي ڀڄائي ان جي ٺاھيل ماکيء کڻي پيا کائيندا يا وري بوتل ۾ وجھي،  وڪڻي ٻه ڏوڪڙ پنھنجي کيسي ۾ وجھي ان جي خالي پن کي دور ڪندا.بھرحال ماکيء ته ھڪ مِٺي نعمت آھي.رب تعالي ان جو ذڪر پنھنجي ڪلام پاڪ ۾ ڪيو آھي.اھا پڻ حقيقت آھي ته ماکي ڪيترين ئي بيمارين جو علاج پڻ آھي.

ماکي جي بي انتھا مٺاس سبب ماڻھو پنھنجي پياري محبوب ۽ پنھنجي دل جي مالڪ شخص کي ماکيءَ جي مٺاس سان ڀيٽ ڏين ٿا.اھو سچ به آھي ته جيڪر ماکيءَ جھڙو مٺڙو مٺڙو ،دل گُھريو شخص زندگي ۾ ھميشه لاء اچي وڃي ته ٻيو ڇا کپي؟؟؟

ماھم سنڌي.

No comments:

Post a Comment