18/04/2016
#Iran
#Qum
سفرنامي جون دلچسپ يادگيريون...
سڀ کان پھرين اسين ايران جي شھر قُم ۾ قيام ڪيو.ڪمري ۾ سامان وغيره سيٽ ڪري فريش ٿي،پوء اسين ذريع مبارڪ بيبي فاطمه ڀيڻ امام رضا عليه السلام جي زيارت مبارڪ لاء روانا ٿياسين.اندر انٽري لاء اسان پنھنجيون جتيون ٻاھر ڪائونٽر وٽ جمع ڪرائي ٽوڪن کڻي اندر وياسين.زيارت وغيره ڪري جڏھن ٻاھر نڪتاسين ته ٽوڪن ڏيندي پنھنجا ۽ پاڻ سان گڏ عورتن جا چپل گھريم،ڪائونٽر وارو ماڻھو جيڪو پنھنجي مخصوص يونيفارم ۾ ھو،تنھن چپل ڏيندي پڇيو ته انڊين يا پاڪستاني؟ورندي ڏيندي پنھنجي سڃاڻ پاڪستاني طور ڪرائيسين.ھن کلندي ھٿ ۾ ٽافيون ڏنيون ۽ چيس خوش آمديد.مون کي ان جي ٽافين ڏيڻ جو انداز دل سان وڻيو.اسان وٽ ته پئسن سان ڪجھ ملي ته به احسان،باقي ھن جتيون واپس ڪندي ٽافيون ڏيندي چيو تبرڪ اٿو.اسان سڀني ٽافيون ٻنھي ھٿن سان قبوليون.
مونکي جئين ته اھو رويو عجيب ۽ خوش ڪندڙ لڳو،مان ھر وقت جوتيون واپس گھرندي پنھنجا ٻئي ھٿ انھنن اڳيان ڪري چوندي ھيس ته مونکي تبرڪ کپي؟ھو کلي ڪري ڪيڏي مھل چاڪليٽ،ڪيڏي مھل ٽافيون يا ڪيڪ پيس ڏيندا ھئا.
ھڪ دفعي جڏھن گھريم ، مرڪندي چيائين تبرڪ خلاص.چيم مونکي ته تبرڪ ڏي؟پوء ھيٺ خانا ڏسڻ لڳو،۽ ڪيڪ پيس ڳولھي خوش ٿي دٻي مان ڪڍي اڳيان رکيائين.ٿيو ائين جو اسان عورتون گھڻيون ھيوسين ۽ آخر ۾ ٻه ٽي عورتون رھجي ويون،وري انھن جو گھريوسين ته ھن ويچاري خالي وڏو دٻو اسان کي ڏيکاريو ۽ پوء پنھنجي مٿي تي رکي پنھنجا ٻئي ھٿ مٿي ڪري چوڻ لڳو خلاص خلاص خلاص...
انھي جي انھيء رويي ڏاڍي کل ڏياري،ھئينر به اھو منظر اکين سامھون آھي ۽ کل ڏياري رھيو آھي.😃
انھي رويي اھو سوچڻ تي مجبور ڪيو ته ايراني ماڻھو محبت ڏيڻ وارن منجھان آھن.ڇوته اسان وٽ ھر ملازم ھجي يا ڪو مزدور ھر وقت تپيو پيو ھوندو ، جئين سر تي ڪا بٺي پئي دُکي.انھي ايراني جوتن جي ڪائونٽر تي ڊيوٽي جا ماڻھو تبديل ٿيندا رھندا ھئا.ڪيڏي مھل پوڙھا،ڪيڏي مھل جوان ۽ وچولي عمر جا ماڻھو ھوندا ھئا ، پر ھر وقت جوتا واپس ڪندي ۽ جمع ڪندي ھلڪي مسڪراھٽ انھن جي چھري تي موجود ھوندي ھئي.مجال آھي جو انھن جي منھن تان ڪا ڪاوڙ،بخيلي،چڙچڙائپ يا بيزاري جو گذر ھجي.جيڪا به انھن کي ڊيوٽي ڏنل ھوندي ھئي ، اھا بخوبي سان ،خوشي ۽ پوري دل سان ادا ڪندا مون ڏٺا.
ماھم سنڌي.
No comments:
Post a Comment