Tuesday, 21 June 2016

آء درازا ھل،تنھنجا سڀ مولوي منھنجو ھڪ سچل /ماھم سنڌي /ميرپورخاص

21/06/2016
195th Urs  #SachalSarmast  #Khairpur

آء درازا ھل،تنھنجا سڀ مولوي منھنجو ھڪ سچل /ماھم سنڌي /ميرپورخاص
mahamsindhi05@gmail.com

سنڌو دريا تي آباد سنڌ اھا عظيم ڌرتي آھي جنھن جي مٽي، ھوا، ۽ پاڻي  ھميشه انسانيت سان پيار ، لڳاءُ  ۽ ڀائيچاري جو درس ڏنو آھي.ھر دور ۾ پيدا ٿيندڙ صوفين پنھنجي شاعري سان انسانيت جي مان کي مٿانھون رکي مذھبي مونجھ ختم ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آھي.
17ھين صديء ۾ جڏھن سنڌ تي ڪلھوڙن ۽ ٽالپرن جي حُڪمراني ھئي ، ان وقت مذھبي انتھاپسندي ۽ اقتدار جي حوس چوٽ چڙھي ڀڙڪا کائي رھي ھئي ته سنڌ جي ڌرتي تي ٺار ۽ امن جي باقاعدي قيام لاء سنڌ جي مٽيء پاڻ جاکوڙيو.سنڌ جي مٽيء مان اھڙن ته انمول ۽ امن پسند صوفين جنم ورتو جو سنڌ جي سھڻي صورت نئون روپ وٺي سامھون اچي نروار ٿي پئي.16ھين صدي ۾ سنڌ جي عظيم بزرگ  ، قومي شاعر ، صوفي، انسانيت جي پرچارڪ ، شاھ عبدالطيف ڀٽائي جنم ورتو ، جنھن جو لکيل ھڪ ھڪ اکر رھنمائي ڪري ٿو ، جنھن جا لکيل سڀئي ڪردار ھڪ سبق ڏيو ٿا وڃن.1739ع تي سنڌ جي اڳوڻي خيرپور رياست جي درازا شريف،  جيڪو راڻيپور کان ھڪ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي آھي ، اتي جي ھڪ مذھبي گھراڻي ۾ فاروقي نسل مان ھڪ ٻار جو جنم ٿيو ، جنھن جو نالو عبدالوھاب رکيو ويو.ھي ٻارڙو جئين ئي عمر جو وکون وڌائيندي اڳيان ھلڻ لڳو ته ان جي سچائي ماڻھن کي ايترو موھيو جو ان کي آسپاس جا توڙي قريبي ماڻھو سچو ، سچل ، سچيڏنو سڏڻ لڳا.سچل اڃا ستن سالن جو ئي مس ھيو ته شاھ لطيف جي ان تي نظر پئي ، ھڪدم ڏسي ھڪ سچي اڳڪٿي ڪيس ته “جيڪو ڪُنو اسان چاڙھيو آھي ، ان جو ڍڪڻ ھي نينگر لاھيندو“.
سچل پنھنجي شروعاتي تعليم ۾ عربي ۽ فارسي جي سکيا سندس چاچي خواجه عبدالحق کان حاصل ڪئي ، جيڪو سندس سُھرو به اڳتي ھلي ٿيو.
سچل جي نظر ايتري  وسيع ٿيندي وئي جو ھو مذھبي گھراڻي ۾ ھوندي به پنھنجي عقل جو استمعال ڪري ھڪ صحيح رخ  طرف پنھنجي عقل جا پاسا ورايا.ھن پنھنجي پيغامن ۾ انھن گمراھ ماڻھن خلاف طنز ڪيو جيڪي مذھب جو نالو وٺي انسانيت جا ئي ليڪا لتاڙيو ٿا وڃن.ھن انتھاپسند مُلا طبقي کي به ٽوڪيو ته پھرين پنھنجو قبلو درست ڪيو پوء درس ڏيو.ڇوته اڄ جيان ان دور ۾ به مذھب جي آڙ ۾ مُلا مذھب تي پنھنجي مرضي جي ڇاپ چاڙھي پنھنجي خواھشن جي پورائي کي اوليت ڏيندا ھيا.
سچل مذھبن کان مٿانھون مان انسانيت کي ڏنو،  ڇوته ان وقت توڙي ھاڻي به اھڙي حالت آھي جو ڄڻ ٻي مذھب جو ماڻھو  ڪو انسان ئي نه ھجي.سچل سرمست ھندو مسلمان جو فرق مٽائي سڀن کي عزت ڏيندو ھو ، اھو ئي سبب آھي ته ان جي عقيدمندن ۾ اڄ به خاصي تعداد ۾ اوھان کي ھندو ملندا.
سچل سرمست تصوف ۾ وحدت الوجود جو عقيدو رکندڙ ھو جنھن جي وضاحت ائين ڪري سگھجي ٿي ته “ جيڪي ڪجھ ھن جھان ۾ اوھان ڏسو ٿا ، نظر مان گزري ٿو اھو سڀ خالق حقيقي جو روپ آھي،ھن ھر شيء ۾ پنھنجي موجودگي جا نشان رکيا آھن،خدا ۽ ان جي مخلوق جدا ناھن،خدا پنھنجي مخلوق منجھ ئي مختلف شڪل صورتن ۾ سمايل آھي“ اھو عقيدو ھر صوفي ۽ صوفي ازم جو پوئلڳ رکي ٿو پر مُلا ۽ مذھبي عالم ان ڳالھ جي سخت مخالفت ڪندي اھو ٿا چون ته جيڪو ائين چوندو اھو دين اسلام مان ئي خارج آھي.
پر صوفين جي نظر ۾ سڀ انسانيت افضل ۽ محبت جي لائق آھي.صوفين لاء مسجد ۽ مندر ۾ ڪو فرق ناھي ھوندو،گرجاگھر ھجي، گوتم ٻڌمت جو ٺھيل وڏو مجسمو ھجي،  يا سکن جي عبادتگاھ ،صوفي سڀني کي برابري جي حيثيت ۾ ئي ڏسي ٿو ۽ انسانيت سان پيار ڪرڻ ۽ ان جي مدد ڪرڻ کي ئي عبادت سمجھي ٿو.سو سچل ان عقيديء جي ڦھلاء ائين ڪيو جئين منزل طرف ويندڙ مسافر کي اتي رسڻ جي جلدي ۽ بي انتھا جستجو ھجي.سچل واقعي به پنھنجي لفظن ۽ شاعري تي پير قابو ڪري  بيٺو ۽ ثابت قدم رھيو.جڏھن سچل  6 سالن  جو ٻارڙو ئي ھيو ته ان جو پيءُ  گزاري ويو ۽ ھي پنھنجي چاچي جي پرورش ھيٺ رھيو.سچل کي موسيقي سان ايترو لڳاءُ ھوندو ھو جو ھو ڌُنن ۾ ايترو ته گُم ٿي  پنھنجو جسماني  وجود  وساري ويھندو ھو جو روح سان رھاڻ ڪندي سندن خشڪ اکين جي سرزمين تي پاڻي جي جل ٿل ٿي ويندي ھئي.ان جي اکين ۾ ڪارا بادل لھي ايندا ھئا ۽ خاموش ۽ گرم بوندا باندي ان جي اکين جي پنبڙين کان وٺي ڳلن تائين آلو ڪري ڇڏيندي ھئي.ان جي اھا حالت ڏسي ان کي سرمست يا مست چيو ويندو ھو، جيڪو ڌنن ۾ مست ٿي ويندو ھو ،تنھنڪري سچل سرمست سڏيو ويندو آھي.
سچل پنھنجي ئي ڪيل ھڪ اردو شاعري ۾ سرمستي جو فخر سان اعتراف ڪندي چوي ٿو
يونھي تو عشق مي سرمست نھي ھوئا مي
اک روح ميري روح مي تحليل ھئي ھي.

سچل سرمست شادي به ڪئي پر ان جي گھرواري جو ٻن سالن اندر انتقال ٿي ويو.سندس ڪو به اولاد نه ھيس ۽ نه ئي وري ٻي شادي ڪيس.ھن پنھنجي حياتي ۾ ڪڏھن به ڪو سفر نه ڪيو ، سچل پنھنجي جسم کي  ڳوٺ تائين ئي محدود  رکيو پر پرک ،نظر ايڏي پري تائين ھوندي ھيس ته ھر خبر ھر مونجھ ۽ ھر  نظريي تي پورو علم ھيس.کائڻ ۾ ان کي شوربو ،  ڌوئنرو، لسي پسند ھوندي ھيس.وار وڏا ۽ لسا ڪلھن کان ھيٺ تائين ھوندا ھئس،ڏاڙھي وڏي ۽ ان جو اکيون تيز ۽ چھبندڙ ھيون،مزاج ۾ نرمي، ۽ محبت رکندڙ سچل ڪاٺ جي ٺھيل بستري تي بنا ڪا رلي يا چادر وڇائڻ جي ائين ئي سمھندو ھو.ھو سادگي پسند ھو، ھونئن به صوفي ماڻھو اجائي ٺاھ ٺوھ کان پاسيرا ھوندا.آھن
سچل سڄي عمر ئي مذھبي مونجھارن ۽ ڀٽڪيل انسانيت کي صحيح راھ تي آڻڻ لاء پنھنجي شاعري ۽ ڪلامن ذريعي ڀرپور رھنمائي ڪئي آھي.سندس ساھ جي تند 90 سالن جي عمر ۾ ايتري ڪمزور ۽ ڪچي ٿي پئي جو وڌيڪ ورھين جي سگھ جھلڻ جي قابل نه رھي ۽ ان جي اھا تند 1829ع  ، 14 رمضان المبارڪ تي ٽٽي پئي ۽ سچل جو جسم بي جان ٿي ويو، روح ڪنھن ھوا جي تيز جھونڪي جيان آسمان ۾ اڏامي ويو.
ھو پنھنجي بابا سائين ، ڏاڏا سائين ۽ سوءٽن جي ڀرسان مدفون آھي.ان جي آخري آرامگاھ مٿان عاليشان سفيد مقبرو، سھڻي گنبذ ۽ مينارن سان ان وقت جي خيرپور جي حڪمران رستم خان ٽالپر ٺھرائي.
ھر سال جيان ھن سال به سچل سرمست جون195ھون عرس  ان جي درگاھ تي   شروع ٿي ويو آھي. ھئينر درگاھ جو 11ھون گادي نشين پير خواجه عبدالحق فاروقي آھي.اتي سچل چئير ڪاميٽي پڻ تشڪيل ڏنل آھي.جٿي
جنھن دل پيتا عشق دا جام سا دل ماتئو مست مدام  ۽ ٻيا سچل جا ڪلام ڳائي ڌمالون وڌيون وڃن ٿيون، عرس جي ڏينھن ۾ ويجھڙا توڙي ڏور رھندڙ سچل جا عقيدمند اچي حاضري ڏيندا آھن.انھي عرس دوران خيرپور ضلعي ۾ عام موڪل ھوندي آھي.ميلي دوران ادبي پروگرام رکيا ويندا آھن ۽ صوفياڻا راڳ ڳائيندڙ پنھنجي آواز جي سُرن سان سچل جي شاعري ڳائي پاڻ به جھومندا ته ويٺلن کي به جھومائيندا آھن.
مليل ڄڻ موجب خيرپور جي ڊي سي فياض جتوئي جي سربراھي ۾ رٿيل پروگرامن کي حتمي شڪل ڏني وئي آھي.تقريبن جو آغاز 13 رمضان آچر 19 جون جي شام کان شروع ٿيندو.شام جو 8 وڳي سُگھڙ ڪچھري جي تقريب رٿيل آھي ،جيڪا سچل ڪامپليڪس درازا شريف ۾ ٿيندي.شام جو گادي نشين غير سرڪاري طور ميلي جو افتتاح ڪري روضي کي عرق گلاب جي پاڻي سان غسل “گھنڊ کول“ رسم ذريعي ڪندو ۽ پوء مريدن سان گڏ اچي سچل جي صحن ۾ ويھندو.
ٻي ڏينھن صبح جو 14 رمضان تي وزيراعلي سنڌ قائم علي شاھ درازا پھچي گادي نشين سان گڏ سچل جي مزار تي ڳاڙھي چادر چاڙھي باقاعدي افتتاح ڪري دعا گُھرندو.تقريبن 10 وڳي تائين سماع ھال  ۾ ايوارڊ ورھائڻ جو پروگرام ٿيندو،مھمان خصوصي وزيراعلي سنڌ سچل ايوارڊ سان حقدارن کي نوازيندو.شام جو ساڍي 6 وڳي ملاکڙو گرائونڊ ۾ ملھ مقابلا ٿيندا، جنھن ۾ خاص مھمان سنڌ جو صوبائي وزير معدنيات منظور وساڻ  ۽ وزيراعلي جو صلاحڪار ساجد علي ٻانڀڻ شرڪت ڪندو.رات جو ساڍي 8 وڳي راڳ رھاڻ جي مرڪزي تقريب ٿيندي ، جنھن ۾ ڳائڻا سچل جا ڪلام ڳائي محفل کي مچائيندا،ان ۾ خاص مھمان طور ايم اين اي ڊاڪٽر نفيسه شاھ ،ايم اين اي نواب وساڻ ۽ ايم اين اي ڊاڪٽر مھرين ڀٽو سميت ٻيا شرڪت ڪندا،سڄي رات سچل جي درگاھ ۾ ھر.طرف سچل جا سچا ڪلام ڌُنن ۽ سازن سان پري تائين پکڙيل ھوندا.15 رمضان تي رات جو 8  وڳي ادبي ڪانفرنس “اسلام ۾ تصوف “جي عنوان سان سچل ڪامپليڪس درازا ۾ ٿيندي، مختلف اديب ۽ ليکڪ پنھنجي ذھني صلاحيتن کي اڳيان آڻيندي پنھنجي لفظن  ذريعي سچل کي ڀيٽا ڏئي عقيدت جا تازا ۽ خوشبودار گُل نڇاور ڪندا.ساڳي ئي ھنڌ رات جو 11 وڳي مشاعرو ٿيندو ، جنھن ۾ سنڌ جا شاعر اچي پنھنجي شاعري ذريعي سچل جي ڪردار کي وڌيڪ وائکو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا.عرس جي ٽن ڏينھن دوران درازا ۾ ماڻھن جي پيھ ھوندي آھي،نامناسب انتظامن سبب ايندڙ عقيدمندن جون شڪايتون ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون، ته گھٽ ۾ گھٽ ميلي جي دوران مڪمل تعاون ڪيو وڃي.سنڌي ادبي سنگت خيرپور جي به عھديدارن انھن کي اھميت نه ڏيڻ تي شڪايتون ڪري رھيا آھن.ھوڏانھن راڻيپور ۾ ئي زائرين جي سير و تفريح لاء 3 سال اڳ 2013 ۾ وزيراعلي.“سچل جو باغ“ جو افتتاح ڪيو ھيو.جيڪو تا حال مڪمل ئي ناھي ٿيو.
سچل جھڙي عظيم صوفي جي درگاھ تي اڻ مڪمل انتظام ،ضلعي حڪومت ۽ صوبائي، ثقافت کاتي جي پڻ نا اھلي ظاھر ڪري رھيون آھن، ان جو ازالو ھنگامي بنيادن تي ڪرڻ جي ضرورت آھي.
اڄ سنڌ جي ھر سنڌي ۽ دنيا جي امن پسند طبقي کي سچل جي سڏ ورنائڻ جي ضرورت آھي. سچل به واقعي پنھنجي سنڌ اھڙي پئي چاھي جتي ھر انسان جي ٻي انسان لاء محبت ۽ عزت ھجي.ذات رنگ خصوصي  طرف مذھب جي بنياد تي ڪنھن کي گھٽ وڌ درجو نه ڏنو وڃي.ڪنھن گھوٽڪي جي ھندو جھوني گوڪل داس کي صرف انھي ڪري جسماني  تشدد ڪري رتو رت نه ڪيو وڃي جو ھو رمضان ۾ پنھنجي گذر لاء ڏينھن جو ڇولا وڪڻي ٿو يا بُک لڳڻ تي ٻه گرھ برياني جو کائي ٿو.انھي تنگ نظري جي انتھا خلاف ۽ انتھا پسندي جي بنياد وجھندڙ ئي ڪجھ مُلن خلاف سچل جو سچو آواز ان جي شاعري ذريعي بلند ٿيل آھي.جڏھن ڪنھن انساني حقن جي تنظيم سان وابسته ھندو عورت ماروي سرمد کي صرف ان ڪري منھن تي شرمناڪ گاريون ڏئي ھٿن سان الرون ڪري  مارڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي ته اُن جي  اوھان کي عورتن جي حقن لاء اٿاريل آواز نٿي وڻي.انتھاپسند ھٿيارن سميت ھجي يا خاليَ ھٿ ، پر ان جو مذھب سان ڪو واسطو ئي نٿو ھجي، ھو انسانيت جي ڀلائي خلاف ٿي ڪري ڪو نه ڪو ھٿ ٺوڪيو بنياد بڻائي نقصانَ ڏيڻ جي ڪوشش ۾ رھي ٿو.
امن پسندي ۽ خوشحالي صرف تڏھن ئي ايندي آھي جڏھن ماڻھن ۾ ميٺ محبت ھجي بلڪل ائين جئين پکين جا ولر خوشي جو موقعو ھجي يا ڪنھن پکي جي مارجڻ جي اطلاع ، پر پرن سان ملائي ھلن ٿا.محبت پيار ۽ پنھنجائپ ھر مذھب جو بنيادي گڻ آھي.سچل سميت ٻين اسان جي صوفين به اھو ئي درس ڏنو آھي ته پيار ورھايو نڪي نفعرتون ۽ ڪلفتون.ھاڻوڪي دور ۾ اسانکي شديد ضرورت آھي ته ، صوفين جي ڏنل پيغامن جي پوئيواري ڪري محبت جي وڻ کي ايڏو اونچو ۽ گھاٽو ڪريون جو ڪٿان به ڪو  پرديسي اچي ته ان وڻ جي  محبت ڀري ڇانھ، ان جي پيار جي ٿڌ ، ٻڌي ۽ ايڪتا جي گھاٽي ٽارين کي سدائين ياد ڪري ،جن کي پار ڪري ڌپ ڏيڻ جي ھمت اھو  تيز سج به نٿو ڪري جنھن سان ھن سڄي جھان ۾ سوجھرو آھي.

http://www.dailyappeal.pk/home/
http://sindhexpress.com.pk/epaper/PoPupwindow.aspx?newsID=130405409&Issue=NP_HYD&Date=20160620

http://www.dailypak.net/wp-content/uploads/2016/06/PAGE-final-2.png

http://awamiawaz.com/epaper/20160620/page4.php

http://dailybarkha.com/epaper/2.php

http://www.dailyjhoongar.com/files/20-06-16/Page-edit.jpg

http://dailymehran.net/wp-content/uploads/2016/06/Editorial5.jpg

http://sindhi.onlineindus.com/?p=876

No comments:

Post a Comment