#MangoFestival #Mirpurkhas
انبن جي شھر ۾ انبن جي آمد...
مٺن ماڻھن جي انب جھڙي مٺي شھر ميرپورخاص ۾ انبن جو ۽ گرمين جي ميوات جو 51ھون ساليانو ميلو 2 جون کان پنھنجي پوري زور شور سان شروع ٿي چڪو آھي، جيڪو 4 جون تائين جاري رھندو.شھيد بينظير ڀٽو ھال ۾ انبن جون 300 کان مٿي جنسون نمائش لاء رکيون ويون آھن.موسمي ميوات جھڙوڪ ڪيلا،کجور،ليما،زيتون ۽ ٻيا پڻ رکيل آھن.ميلي ۾ 100 کان وڌيڪ اسٽال مختلف آبادگارن طرفان لڳايا ويا آھن.
ميلي جي تقريبن جو افتتاح ڪمشنر شفيق احمد مھيسر ۽ ڊپٽي ڪمشنر مھدي علي شاھ ڪيو.
ان ميلي دوران عورتن ۽ ٻارن جي لاء مخصوص ٻي ھنڌ مينا بازار پڻ لڳائي وئي آھي.جنھن ۾ جھولا،کاڌي پيتي جا سامان،سرڪس،ميوزڪ،۽ خريداري جو سامان پڻ موجود ھوندو.ميلي دوران اسپورٽ گرائونڊ ۾ راندين جا مقابلا ۽ ملاکڙو پڻ ڪرايو ويندو.
ميلي جي شروع ٿيڻ سان ئي ميرپورخاص شھر جي رونق ۾ مثبت تبديلي اچي وئي آھي.ماڻھن کي تفريح جا موقع فراھم ڪرڻ ضلعي حڪومت جي اھم ذميوارين ۾ شامل آھي،پر چونڊيل نمائندن جي عدم دلچسپي ۽ صوبائي وزير توڙي وزيراعلي جي غير موجودگي ان ميلي کي بي مزا پڻ ڪري رھي آھي.
سياسي،سماجي ڌرين سميت شھر جي وڏن ذميندارن،واپارين سميت سڀ اسٽيڪ ھولڊرز کي ان ڳالھ جي گھرج آھي ته سال ۾ ھڪ دفعا رچندڙ ھن ميلي کي جيترو ٿي سگھي اوترو بھتر بنائڻ ۾ مدد ڪري پنھنجو عملي ڪردار ادا ڪن.جيستائين اوھان سڀن جو فوڪس ان ميلي تي نه رھندو ته ٻاھريان مھمان پنھنجي حاضري گھٽ ڪندا ويندا،۽ مقامي رھاڪو پڻ ايترو انجواء نه ڪري سگھندا.
ماھم سنڌي.
No comments:
Post a Comment