Sunday, 26 June 2016

سفرنامي جون مِٺيون يادون....

19/04/2016
#Iran
#Qom
سفرنامي جون مِٺيون يادون....

ماکي خُوب مِٺي،تُون مِٺو ماکيءَ کان،
مون ڪڏھن ڪانه ڏِٺي،ڪا مٺائي مَٽ تنھنجي.

سڄي دنيا ۾ سالياني ماکيءَ جي پيدوارا 1.6 ملين ٽن ٿئي ٿي ، جنھن ۾ ايران دنيا جو اٺون نمبر وڌيڪ ماکيءَ پيدا ڪندڙ مُلڪ آھي.جيتوڻڪ ايران سالياني 15 ھزار ٽن ماکيءَ ٻاھرين ملڪن کي ايڪسپورٽ ڪري ٿو.
مان قُم ۾ جڏھن ترسيل ھئم ته ٻيا دُڪان گھمندي ۽ ڏسندي منھنجي نظر وڃي ماکيءَ جي دُڪانن تي پئي.ھڪ ڊگھي قطار ۾ لاڳيتو مٺي ماکيءَ جا دڪان ھئا ، جنھن ۾ ماکي جون مختلف ورائٽيون  ،مختلف سائيز ۽  مختلف پيڪنگس ۾ الڳ الڳ اگھ سان  شاندار نموني سجائي رکيل ھيون .عجيب ڳالھ ته ماکين جا منارا به سجائي پيڪنگ ۾ رکيل ھئا ، انھن ۾ صرف ماکيءَ جون مَکيون نه ھُيون.خشڪ ميوات ۾ به ماکيءَ ملائي لذيذ مٺيون کاڌي جون ورائٽيون کائڻ جي لاء  سجائي رکيل ھيون.
جيئن ته صاف صفائي سبب ھڪ سُٺو ۽ وڻندڙ ڏيک پئي لڳو.مونکي ماکيءَ وڻندي ناھي سو وٺڻ کان پاسو ڪيم پر پوء به سجاوٽ جو انداز ڏسي ڏاڍو وڻيم.جيئن جو انداز وڻيم ته ھڪدم موبائل کڻي اھي منظر قيد ڪيم جئين ھڪ مٺي ياد ڪري سگھان.

ھت اسان وٽ ته نوجوان ڇوڪرا ائين ئي ھوشيار لڳا پيا آھن ، شل نه نظر پون وڻ تي يا ڪنھن ڍير تي ويٺل ماکيء جي مناري تي،پاڻھي ڪوئي نه ڪوئي  جُڳاڙ ڪري منھن ٻڌي، ته ڪيڏي مھل ٽانڊو کڻي وڃي مناري جي ڪڍ لڳندا ۽ ان کي ڀڄائي ان جي ٺاھيل ماکيء کڻي پيا کائيندا يا وري بوتل ۾ وجھي،  وڪڻي ٻه ڏوڪڙ پنھنجي کيسي ۾ وجھي ان جي خالي پن کي دور ڪندا.بھرحال ماکيء ته ھڪ مِٺي نعمت آھي.رب تعالي ان جو ذڪر پنھنجي ڪلام پاڪ ۾ ڪيو آھي.اھا پڻ حقيقت آھي ته ماکي ڪيترين ئي بيمارين جو علاج پڻ آھي.

ماکي جي بي انتھا مٺاس سبب ماڻھو پنھنجي پياري محبوب ۽ پنھنجي دل جي مالڪ شخص کي ماکيءَ جي مٺاس سان ڀيٽ ڏين ٿا.اھو سچ به آھي ته جيڪر ماکيءَ جھڙو مٺڙو مٺڙو ،دل گُھريو شخص زندگي ۾ ھميشه لاء اچي وڃي ته ٻيو ڇا کپي؟؟؟

ماھم سنڌي.

Tuesday, 21 June 2016

سفرنامي جو ڊپ ڏياريندڙ يادگيريون...

29/04/2016
#Iraq
#Baghdad

سفرنامي جو ڊپ ڏياريندڙ يادگيريون...

عراق جي ڪربلا ۾ موجودگي دوران 29 اپريل صبح جو ست وڳي اسين ڪاظمين (بغداد کان 14 ڪلوميٽر جي فاصلي تي) ۽ سامره (بغداد کان اُتر طرف 125 ڪلوميٽر جي فاصلي تي) جي  زيارت  لاء نڪتاسين. ياد رھي اِھي اُھي ئي علائقا آھن جتي دھشتگرد تنظيم  (ISIS ، اسلامي دولت آف عراق الشام) داعش جيڪا 2014 کان خلافت جو اعلان ڪري دنيا اڳيان ابوبڪر بغدادي جي سربراھي ۾َ ظاھر ٿي اھا ھتي قابض ھئي ۽ بم حملا ڪري جاني توڙي مالي نقصان پڻ ڪيو اٿس.جئين جو اسين ڪاظمين جي حاضري ڏنيسين،صبح سوير ئي مينھن سانباھ ڪيو بيٺو ھو،ايڏيون تيز کنوڻيون ۽ گوڙ جا گجگوڙ ٿيا جو خوفزده ڪري ڇڏيس،ھلڪي بارش شروع ٿي ته پوء بس ۾ چڙھي سامره طرف روانا ٿياسين،انھيءَ طرف  ته جڳھ جڳھ تي فوجين جون چيڪ پوسٽون قائم ھئڻ سبب اسان جي بس ھر ھر رُڪي پئي ۽ ٿورو سفر گھڻو پئي محسوس ٿيو.ان طرف ويندي واٽ تي ڊٺل ۽ ڦٽل  گھر روڊ جي ساڄي طرف کان ڏٺم.جيڪي روڊ جي بلڪل لڳو لڳ ھئا ، جئين اسان وٽ ھتي دُڪان صفا روڊ جي ويجھو ھوندا آھن. اھي علائقا صفا ويرانا ھئا، صفا پري پري تائين ننڍو دُڪان نظر مان نه پئي گذريو. پڇڻ سان ڄاڻ ملي ته اتي داعش جي تنظيم جي ماڻھن جا ٺڪاڻا ھئا ، پر عراقي حڪومت جي دعوائن موجب ھاڻي اتان داعش کي نيڪالي ڏئي ان جو قبضو خالي ڪرايو ويو آھي.انھي ڳالھ ۾ صداقت ته ظاھر آھي ھئي، نه ته جڏھن اھي اتي موجود ھئا ته انھي وقت زائرين جو ان طرف وڃڻ منع ٿيل ھيو. جيتوڻڪ انھي ئي روڊ تي ھڪ جڳھ کان ٻه ٽي فوجي بس ۾ چڙھي ويٺا جيڪي حفاظت لاء ھئا ۽ ان ڳالھ لاء به ته اڳيان ايندڙ چيڪ پوسٽن تي واضح ڪن ته ھي پاڪستاني زائر قانوني طور پنھنجي منزل طرف وڃي رھيا آھن. انھن ڊٺل جڳھن ۽ ديوارن  تي داعش جي نالن  ۽ نعرن جي وال چاڪنگ پڻ ٿيل ھئي.انھن ڊٺل ۽ خالي ڪرايل جڳھين مان صاف ظاھر ھو ته، اھي ڪي ڀليون عمارتون نه ھيون پر عارضي طور رھڻ لاء ۽ پنھنجو قبضو قائم ڪرڻ لاء في الحال جلدي ۾ ٺاھيل جڳھيون ھيون،جئين اوھان مثال وٺو ته اسان وٽ ئي سوکڙي ۽ ڏڪار ۾  اچي روڊن جي ڀر ۾  غريب ويچارا رھندا آھن.انھن ڊٺل جڳھين تي ۽ روڊ جي طرف عراقي جھنڊو کوڙي حڪومت طرفان اھو ظاھر ڪيو پئي ويو ته اھي جڳھيون عراقي حڪومت قبضي کان خالي ڪرائي ڇڏيون آھن.
مون ھلندڙ بس مان ئي ڪوشش ڪئي ته اتان جا ڪجھ منظر قيد ڪري وٺجن پر ھلندڙ بس تي صحيح منظر قيد نه ڪري سگھيس.حالانڪه انھيء ويراني مان گزرندي مون کي به ڊپ ورايو پئي.ايڏي بھادري ته اٿم ڪونه پوء ڇو ڪوڙ ڳالھائي چوان ته مونکي ذرو به ڊپ نه ٿيو.پر گامو سچار به مان ناھيان.😄

ڊپ جي باوجود الاھي ڇو دل چيو پئي ته بس روڪي وٺن ته انھن جڳھين جو وڃي پنھنجي اکين سان معائنو ڪيان ، پر سالار ۽ بس جو ڊرائيور ڪٿي ھو مڃڻ وارو؟ سالار پئي چيو بابا ماھم ھتي بس روڪڻ جي سختي سان منع ٿيل آھي.ڀلي جي جڳھيون داعش وارن کان خالي ھجن پر خطرو تاحال موجود آھي.خير سان زيارتيون ڪري واپس پھچون اھو ئي کوڙ آھي.باقي ڊرائيور توڙي ويٺل فوجي ڪڏھن به گاڏي روڪيندا ئي ڪونه.
اھا ته حقيقت به ھئي، اتي بس روڪي ۽ ائين جڳھين تي ھلڻ ڦرڻ رسڪ ئي ھيو.
انھي ڏينھن صبح جو 6 وڳي جي چانھِ جي ڪپ تي نڪتس،سڄو ڏينھن ماني نصيب نه ٿي ۽ رات جو 11 وڳي اچي پنھنجي ھوٽل تي پھتس.پيٽ پوڄا ڪري وري دير رات جو امام حسين عليه السلام جي ضريع کي چميم ،جئين ته ان وقت عباس علمدار جي ضريع بند ھئڻ سبب واپس اچي  واٽس ايپ کولڻ ضروري ھو سو کوليم ۽ پوء ڪيڏي مھل ننڊ آئي ڪا سُڌ ئي نه پيم.
داعش واقعي ڏينھون ڏينھن انسانيت لاء خطرو ٿيندي پئي وڃي.عراق ۾ جنم وٺڻ کانپوء شام پھچڻ بلڪه ھاڻي ته سپر پاور آمريڪا به ان جي زد ۾ آھي. ھڪ سوال اگر آمريڪا زد ۾ آھي ته پوء سعودي ڪئين بچيل آھي؟؟؟😞

ماھم سنڌي.

http://mahamsindhi.blogspot.com/2015/03/blog-post.html

آء درازا ھل،تنھنجا سڀ مولوي منھنجو ھڪ سچل /ماھم سنڌي /ميرپورخاص

21/06/2016
195th Urs  #SachalSarmast  #Khairpur

آء درازا ھل،تنھنجا سڀ مولوي منھنجو ھڪ سچل /ماھم سنڌي /ميرپورخاص
mahamsindhi05@gmail.com

سنڌو دريا تي آباد سنڌ اھا عظيم ڌرتي آھي جنھن جي مٽي، ھوا، ۽ پاڻي  ھميشه انسانيت سان پيار ، لڳاءُ  ۽ ڀائيچاري جو درس ڏنو آھي.ھر دور ۾ پيدا ٿيندڙ صوفين پنھنجي شاعري سان انسانيت جي مان کي مٿانھون رکي مذھبي مونجھ ختم ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آھي.
17ھين صديء ۾ جڏھن سنڌ تي ڪلھوڙن ۽ ٽالپرن جي حُڪمراني ھئي ، ان وقت مذھبي انتھاپسندي ۽ اقتدار جي حوس چوٽ چڙھي ڀڙڪا کائي رھي ھئي ته سنڌ جي ڌرتي تي ٺار ۽ امن جي باقاعدي قيام لاء سنڌ جي مٽيء پاڻ جاکوڙيو.سنڌ جي مٽيء مان اھڙن ته انمول ۽ امن پسند صوفين جنم ورتو جو سنڌ جي سھڻي صورت نئون روپ وٺي سامھون اچي نروار ٿي پئي.16ھين صدي ۾ سنڌ جي عظيم بزرگ  ، قومي شاعر ، صوفي، انسانيت جي پرچارڪ ، شاھ عبدالطيف ڀٽائي جنم ورتو ، جنھن جو لکيل ھڪ ھڪ اکر رھنمائي ڪري ٿو ، جنھن جا لکيل سڀئي ڪردار ھڪ سبق ڏيو ٿا وڃن.1739ع تي سنڌ جي اڳوڻي خيرپور رياست جي درازا شريف،  جيڪو راڻيپور کان ھڪ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي آھي ، اتي جي ھڪ مذھبي گھراڻي ۾ فاروقي نسل مان ھڪ ٻار جو جنم ٿيو ، جنھن جو نالو عبدالوھاب رکيو ويو.ھي ٻارڙو جئين ئي عمر جو وکون وڌائيندي اڳيان ھلڻ لڳو ته ان جي سچائي ماڻھن کي ايترو موھيو جو ان کي آسپاس جا توڙي قريبي ماڻھو سچو ، سچل ، سچيڏنو سڏڻ لڳا.سچل اڃا ستن سالن جو ئي مس ھيو ته شاھ لطيف جي ان تي نظر پئي ، ھڪدم ڏسي ھڪ سچي اڳڪٿي ڪيس ته “جيڪو ڪُنو اسان چاڙھيو آھي ، ان جو ڍڪڻ ھي نينگر لاھيندو“.
سچل پنھنجي شروعاتي تعليم ۾ عربي ۽ فارسي جي سکيا سندس چاچي خواجه عبدالحق کان حاصل ڪئي ، جيڪو سندس سُھرو به اڳتي ھلي ٿيو.
سچل جي نظر ايتري  وسيع ٿيندي وئي جو ھو مذھبي گھراڻي ۾ ھوندي به پنھنجي عقل جو استمعال ڪري ھڪ صحيح رخ  طرف پنھنجي عقل جا پاسا ورايا.ھن پنھنجي پيغامن ۾ انھن گمراھ ماڻھن خلاف طنز ڪيو جيڪي مذھب جو نالو وٺي انسانيت جا ئي ليڪا لتاڙيو ٿا وڃن.ھن انتھاپسند مُلا طبقي کي به ٽوڪيو ته پھرين پنھنجو قبلو درست ڪيو پوء درس ڏيو.ڇوته اڄ جيان ان دور ۾ به مذھب جي آڙ ۾ مُلا مذھب تي پنھنجي مرضي جي ڇاپ چاڙھي پنھنجي خواھشن جي پورائي کي اوليت ڏيندا ھيا.
سچل مذھبن کان مٿانھون مان انسانيت کي ڏنو،  ڇوته ان وقت توڙي ھاڻي به اھڙي حالت آھي جو ڄڻ ٻي مذھب جو ماڻھو  ڪو انسان ئي نه ھجي.سچل سرمست ھندو مسلمان جو فرق مٽائي سڀن کي عزت ڏيندو ھو ، اھو ئي سبب آھي ته ان جي عقيدمندن ۾ اڄ به خاصي تعداد ۾ اوھان کي ھندو ملندا.
سچل سرمست تصوف ۾ وحدت الوجود جو عقيدو رکندڙ ھو جنھن جي وضاحت ائين ڪري سگھجي ٿي ته “ جيڪي ڪجھ ھن جھان ۾ اوھان ڏسو ٿا ، نظر مان گزري ٿو اھو سڀ خالق حقيقي جو روپ آھي،ھن ھر شيء ۾ پنھنجي موجودگي جا نشان رکيا آھن،خدا ۽ ان جي مخلوق جدا ناھن،خدا پنھنجي مخلوق منجھ ئي مختلف شڪل صورتن ۾ سمايل آھي“ اھو عقيدو ھر صوفي ۽ صوفي ازم جو پوئلڳ رکي ٿو پر مُلا ۽ مذھبي عالم ان ڳالھ جي سخت مخالفت ڪندي اھو ٿا چون ته جيڪو ائين چوندو اھو دين اسلام مان ئي خارج آھي.
پر صوفين جي نظر ۾ سڀ انسانيت افضل ۽ محبت جي لائق آھي.صوفين لاء مسجد ۽ مندر ۾ ڪو فرق ناھي ھوندو،گرجاگھر ھجي، گوتم ٻڌمت جو ٺھيل وڏو مجسمو ھجي،  يا سکن جي عبادتگاھ ،صوفي سڀني کي برابري جي حيثيت ۾ ئي ڏسي ٿو ۽ انسانيت سان پيار ڪرڻ ۽ ان جي مدد ڪرڻ کي ئي عبادت سمجھي ٿو.سو سچل ان عقيديء جي ڦھلاء ائين ڪيو جئين منزل طرف ويندڙ مسافر کي اتي رسڻ جي جلدي ۽ بي انتھا جستجو ھجي.سچل واقعي به پنھنجي لفظن ۽ شاعري تي پير قابو ڪري  بيٺو ۽ ثابت قدم رھيو.جڏھن سچل  6 سالن  جو ٻارڙو ئي ھيو ته ان جو پيءُ  گزاري ويو ۽ ھي پنھنجي چاچي جي پرورش ھيٺ رھيو.سچل کي موسيقي سان ايترو لڳاءُ ھوندو ھو جو ھو ڌُنن ۾ ايترو ته گُم ٿي  پنھنجو جسماني  وجود  وساري ويھندو ھو جو روح سان رھاڻ ڪندي سندن خشڪ اکين جي سرزمين تي پاڻي جي جل ٿل ٿي ويندي ھئي.ان جي اکين ۾ ڪارا بادل لھي ايندا ھئا ۽ خاموش ۽ گرم بوندا باندي ان جي اکين جي پنبڙين کان وٺي ڳلن تائين آلو ڪري ڇڏيندي ھئي.ان جي اھا حالت ڏسي ان کي سرمست يا مست چيو ويندو ھو، جيڪو ڌنن ۾ مست ٿي ويندو ھو ،تنھنڪري سچل سرمست سڏيو ويندو آھي.
سچل پنھنجي ئي ڪيل ھڪ اردو شاعري ۾ سرمستي جو فخر سان اعتراف ڪندي چوي ٿو
يونھي تو عشق مي سرمست نھي ھوئا مي
اک روح ميري روح مي تحليل ھئي ھي.

سچل سرمست شادي به ڪئي پر ان جي گھرواري جو ٻن سالن اندر انتقال ٿي ويو.سندس ڪو به اولاد نه ھيس ۽ نه ئي وري ٻي شادي ڪيس.ھن پنھنجي حياتي ۾ ڪڏھن به ڪو سفر نه ڪيو ، سچل پنھنجي جسم کي  ڳوٺ تائين ئي محدود  رکيو پر پرک ،نظر ايڏي پري تائين ھوندي ھيس ته ھر خبر ھر مونجھ ۽ ھر  نظريي تي پورو علم ھيس.کائڻ ۾ ان کي شوربو ،  ڌوئنرو، لسي پسند ھوندي ھيس.وار وڏا ۽ لسا ڪلھن کان ھيٺ تائين ھوندا ھئس،ڏاڙھي وڏي ۽ ان جو اکيون تيز ۽ چھبندڙ ھيون،مزاج ۾ نرمي، ۽ محبت رکندڙ سچل ڪاٺ جي ٺھيل بستري تي بنا ڪا رلي يا چادر وڇائڻ جي ائين ئي سمھندو ھو.ھو سادگي پسند ھو، ھونئن به صوفي ماڻھو اجائي ٺاھ ٺوھ کان پاسيرا ھوندا.آھن
سچل سڄي عمر ئي مذھبي مونجھارن ۽ ڀٽڪيل انسانيت کي صحيح راھ تي آڻڻ لاء پنھنجي شاعري ۽ ڪلامن ذريعي ڀرپور رھنمائي ڪئي آھي.سندس ساھ جي تند 90 سالن جي عمر ۾ ايتري ڪمزور ۽ ڪچي ٿي پئي جو وڌيڪ ورھين جي سگھ جھلڻ جي قابل نه رھي ۽ ان جي اھا تند 1829ع  ، 14 رمضان المبارڪ تي ٽٽي پئي ۽ سچل جو جسم بي جان ٿي ويو، روح ڪنھن ھوا جي تيز جھونڪي جيان آسمان ۾ اڏامي ويو.
ھو پنھنجي بابا سائين ، ڏاڏا سائين ۽ سوءٽن جي ڀرسان مدفون آھي.ان جي آخري آرامگاھ مٿان عاليشان سفيد مقبرو، سھڻي گنبذ ۽ مينارن سان ان وقت جي خيرپور جي حڪمران رستم خان ٽالپر ٺھرائي.
ھر سال جيان ھن سال به سچل سرمست جون195ھون عرس  ان جي درگاھ تي   شروع ٿي ويو آھي. ھئينر درگاھ جو 11ھون گادي نشين پير خواجه عبدالحق فاروقي آھي.اتي سچل چئير ڪاميٽي پڻ تشڪيل ڏنل آھي.جٿي
جنھن دل پيتا عشق دا جام سا دل ماتئو مست مدام  ۽ ٻيا سچل جا ڪلام ڳائي ڌمالون وڌيون وڃن ٿيون، عرس جي ڏينھن ۾ ويجھڙا توڙي ڏور رھندڙ سچل جا عقيدمند اچي حاضري ڏيندا آھن.انھي عرس دوران خيرپور ضلعي ۾ عام موڪل ھوندي آھي.ميلي دوران ادبي پروگرام رکيا ويندا آھن ۽ صوفياڻا راڳ ڳائيندڙ پنھنجي آواز جي سُرن سان سچل جي شاعري ڳائي پاڻ به جھومندا ته ويٺلن کي به جھومائيندا آھن.
مليل ڄڻ موجب خيرپور جي ڊي سي فياض جتوئي جي سربراھي ۾ رٿيل پروگرامن کي حتمي شڪل ڏني وئي آھي.تقريبن جو آغاز 13 رمضان آچر 19 جون جي شام کان شروع ٿيندو.شام جو 8 وڳي سُگھڙ ڪچھري جي تقريب رٿيل آھي ،جيڪا سچل ڪامپليڪس درازا شريف ۾ ٿيندي.شام جو گادي نشين غير سرڪاري طور ميلي جو افتتاح ڪري روضي کي عرق گلاب جي پاڻي سان غسل “گھنڊ کول“ رسم ذريعي ڪندو ۽ پوء مريدن سان گڏ اچي سچل جي صحن ۾ ويھندو.
ٻي ڏينھن صبح جو 14 رمضان تي وزيراعلي سنڌ قائم علي شاھ درازا پھچي گادي نشين سان گڏ سچل جي مزار تي ڳاڙھي چادر چاڙھي باقاعدي افتتاح ڪري دعا گُھرندو.تقريبن 10 وڳي تائين سماع ھال  ۾ ايوارڊ ورھائڻ جو پروگرام ٿيندو،مھمان خصوصي وزيراعلي سنڌ سچل ايوارڊ سان حقدارن کي نوازيندو.شام جو ساڍي 6 وڳي ملاکڙو گرائونڊ ۾ ملھ مقابلا ٿيندا، جنھن ۾ خاص مھمان سنڌ جو صوبائي وزير معدنيات منظور وساڻ  ۽ وزيراعلي جو صلاحڪار ساجد علي ٻانڀڻ شرڪت ڪندو.رات جو ساڍي 8 وڳي راڳ رھاڻ جي مرڪزي تقريب ٿيندي ، جنھن ۾ ڳائڻا سچل جا ڪلام ڳائي محفل کي مچائيندا،ان ۾ خاص مھمان طور ايم اين اي ڊاڪٽر نفيسه شاھ ،ايم اين اي نواب وساڻ ۽ ايم اين اي ڊاڪٽر مھرين ڀٽو سميت ٻيا شرڪت ڪندا،سڄي رات سچل جي درگاھ ۾ ھر.طرف سچل جا سچا ڪلام ڌُنن ۽ سازن سان پري تائين پکڙيل ھوندا.15 رمضان تي رات جو 8  وڳي ادبي ڪانفرنس “اسلام ۾ تصوف “جي عنوان سان سچل ڪامپليڪس درازا ۾ ٿيندي، مختلف اديب ۽ ليکڪ پنھنجي ذھني صلاحيتن کي اڳيان آڻيندي پنھنجي لفظن  ذريعي سچل کي ڀيٽا ڏئي عقيدت جا تازا ۽ خوشبودار گُل نڇاور ڪندا.ساڳي ئي ھنڌ رات جو 11 وڳي مشاعرو ٿيندو ، جنھن ۾ سنڌ جا شاعر اچي پنھنجي شاعري ذريعي سچل جي ڪردار کي وڌيڪ وائکو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا.عرس جي ٽن ڏينھن دوران درازا ۾ ماڻھن جي پيھ ھوندي آھي،نامناسب انتظامن سبب ايندڙ عقيدمندن جون شڪايتون ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون، ته گھٽ ۾ گھٽ ميلي جي دوران مڪمل تعاون ڪيو وڃي.سنڌي ادبي سنگت خيرپور جي به عھديدارن انھن کي اھميت نه ڏيڻ تي شڪايتون ڪري رھيا آھن.ھوڏانھن راڻيپور ۾ ئي زائرين جي سير و تفريح لاء 3 سال اڳ 2013 ۾ وزيراعلي.“سچل جو باغ“ جو افتتاح ڪيو ھيو.جيڪو تا حال مڪمل ئي ناھي ٿيو.
سچل جھڙي عظيم صوفي جي درگاھ تي اڻ مڪمل انتظام ،ضلعي حڪومت ۽ صوبائي، ثقافت کاتي جي پڻ نا اھلي ظاھر ڪري رھيون آھن، ان جو ازالو ھنگامي بنيادن تي ڪرڻ جي ضرورت آھي.
اڄ سنڌ جي ھر سنڌي ۽ دنيا جي امن پسند طبقي کي سچل جي سڏ ورنائڻ جي ضرورت آھي. سچل به واقعي پنھنجي سنڌ اھڙي پئي چاھي جتي ھر انسان جي ٻي انسان لاء محبت ۽ عزت ھجي.ذات رنگ خصوصي  طرف مذھب جي بنياد تي ڪنھن کي گھٽ وڌ درجو نه ڏنو وڃي.ڪنھن گھوٽڪي جي ھندو جھوني گوڪل داس کي صرف انھي ڪري جسماني  تشدد ڪري رتو رت نه ڪيو وڃي جو ھو رمضان ۾ پنھنجي گذر لاء ڏينھن جو ڇولا وڪڻي ٿو يا بُک لڳڻ تي ٻه گرھ برياني جو کائي ٿو.انھي تنگ نظري جي انتھا خلاف ۽ انتھا پسندي جي بنياد وجھندڙ ئي ڪجھ مُلن خلاف سچل جو سچو آواز ان جي شاعري ذريعي بلند ٿيل آھي.جڏھن ڪنھن انساني حقن جي تنظيم سان وابسته ھندو عورت ماروي سرمد کي صرف ان ڪري منھن تي شرمناڪ گاريون ڏئي ھٿن سان الرون ڪري  مارڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي ته اُن جي  اوھان کي عورتن جي حقن لاء اٿاريل آواز نٿي وڻي.انتھاپسند ھٿيارن سميت ھجي يا خاليَ ھٿ ، پر ان جو مذھب سان ڪو واسطو ئي نٿو ھجي، ھو انسانيت جي ڀلائي خلاف ٿي ڪري ڪو نه ڪو ھٿ ٺوڪيو بنياد بڻائي نقصانَ ڏيڻ جي ڪوشش ۾ رھي ٿو.
امن پسندي ۽ خوشحالي صرف تڏھن ئي ايندي آھي جڏھن ماڻھن ۾ ميٺ محبت ھجي بلڪل ائين جئين پکين جا ولر خوشي جو موقعو ھجي يا ڪنھن پکي جي مارجڻ جي اطلاع ، پر پرن سان ملائي ھلن ٿا.محبت پيار ۽ پنھنجائپ ھر مذھب جو بنيادي گڻ آھي.سچل سميت ٻين اسان جي صوفين به اھو ئي درس ڏنو آھي ته پيار ورھايو نڪي نفعرتون ۽ ڪلفتون.ھاڻوڪي دور ۾ اسانکي شديد ضرورت آھي ته ، صوفين جي ڏنل پيغامن جي پوئيواري ڪري محبت جي وڻ کي ايڏو اونچو ۽ گھاٽو ڪريون جو ڪٿان به ڪو  پرديسي اچي ته ان وڻ جي  محبت ڀري ڇانھ، ان جي پيار جي ٿڌ ، ٻڌي ۽ ايڪتا جي گھاٽي ٽارين کي سدائين ياد ڪري ،جن کي پار ڪري ڌپ ڏيڻ جي ھمت اھو  تيز سج به نٿو ڪري جنھن سان ھن سڄي جھان ۾ سوجھرو آھي.

http://www.dailyappeal.pk/home/
http://sindhexpress.com.pk/epaper/PoPupwindow.aspx?newsID=130405409&Issue=NP_HYD&Date=20160620

http://www.dailypak.net/wp-content/uploads/2016/06/PAGE-final-2.png

http://awamiawaz.com/epaper/20160620/page4.php

http://dailybarkha.com/epaper/2.php

http://www.dailyjhoongar.com/files/20-06-16/Page-edit.jpg

http://dailymehran.net/wp-content/uploads/2016/06/Editorial5.jpg

http://sindhi.onlineindus.com/?p=876

Thursday, 16 June 2016

سفرنامي جون مُوڊ آف ڪندڙ يادون...

19/04/2016
#Iran
#Qum

سفرنامي جون مُوڊ آف ڪندڙ يادون...

اي مالڪ توبھ تو در...

جڏھن ايران جي شھر قُم ۾  بيبي فاطمه ڀيڻ امام رضا عليه السلام جي روضي جي لڳ واري بازار ۾ نڪتس ته اھو گوشت جو شاپ ڏٺم.پاڪستان ھجي يا ايران ماڻھو ته صفا ماس کائڻ جي معاملي ۾ ڪو لحاظ ڪن ئي ڪونه.مون جھڙي مڪمل سبزي خور ( ويجيٽرين) لاء اھو سڀ ڏسڻ ۽ سامھون فوٽو ڪڍڻ ئي وڏي ڳالھ ھئي.موڊ ئي صفا آف ٿي ويم جڏھن ھي سڀ پنھنجي اکين سان ڏٺم.ويجھي ويندي ئي خوف پئي ٿيم ته اھي ساھ وارا جانور ڪٿي خدا جي قدرت سان زنده ٿي اتي ئي بدلو نه وٺن.
سوچڻ جي ڳالھ آھي الله جي ذات کائڻ پيئڻ لاء ايتريون سبزيون ، ايترا لذيذ ميوات پيدا ڪيا آھن پر جي ماس حلال ڪيس ته ماڻھو ته صفا ماس پويان چرين وانگي چنبڻي پيا.ايڏو چٻائي کائين ٿا، ايڏو وات ۾ ھڏيون وجھي کائن ٿا، ڄڻ ڪو ڪٿي ڪامپٽيشن ۾ ھارائي نه وڃن.توبھ توبھ توبھ

ڪوس گھر ۽ گوشت جا دڪان جھڙا پاڪستان جا تھڙا ئي ايران جا ، جانورن جو ساھ سڀئي ھڪجھڙو، نڪرڻ مھل تڪليف اوتري ئي ٿيندي ھوندن.فرق ايترو جو پاڪستان ۾ جانورن جي اڇليل عضون مٿان پکي ۽ ڪيڙا توڙي رولاڪ ڪتا پيا لامارا ڏيندا، نڪتل رت  پري پري تائين پکڙي پئي ھوندي.وڪڻڻ لاء آندل گوشت مٿان لکن جو لَڏو مکين جو اچي لھندو ۽ ڪات ۽ ڇرين تي ايلفي جيان چنبڙيو پيو ھوندو ، ڪاسائي اھڙو ڏسڻ ۾ ايندو جھڙو ڪو عزرائيلي روپ ھجيس ۽ مھيني کان نه ھٿ  منھن ڌوتو ھجيس نه ڪپڙا بدلايا ھجيس.باقي ايران  صاف صفائي  ۾ چيمپيئن آھي.اھي ساڳيا ئي گوشت صفائي سٿرائي سان شيشن ۾ رکيل ملندا،
جيڪر اوھان وٺندو ته پلاسٽڪ جي ٿيلھي ۾ پيڪنگ سان  1ڪلو يا 5 ڪلو وغيره جيترو وٺو اوترو پيڪٽ ملندو.باقي مکي يا مک ايران جي ٿڌي ملڪ کان سخت ناراضگي سبب احتجاجن وڃي ئي ڪونه.ھڪ اڌ ڪا پاڪستاني قافلي سان گڏ گھمڻ لاء زاھدان پھچي ته پھچي پر مجال آھي جو اڳيان وک وڌائي.اتي ئي اختتام پذير ٿيو وڃي.
سو چوڻ جو مقصد اھو ئي ته اھي گوشت جا دڪان ڏسي منھنجو موڊ ئي خراب ٿي ويو.خدارا سبزيون کائو ، دال کائو، سڀ کان سٺا ۽ شڪل ۾ وڻندڙ آلو اٿو اھي ئي کائي وٺو پر گھمندڙ ڦرندڙ مرغين کي ڪھو ٿا، مزي سان رانديون ڪندڙ نوجوان ٻڪرا ، مينھون اٺ ، رڍون ڪھو ٿا ته مان ان جي مخالفت ڪندس.خدارا سڀن کي آزاد گھمڻ ڏيو.
مشھور نعرو ياد ٿو اچي ته جيو اورجيني دو...

ماھم سنڌي.