Thursday, 8 October 2015

زندگي تي موت مِل ڳئي مفت وچ،جي نفعا ڪونھي ته ڪائي ڪس نھين

#October9th   23rd   #DeathAnniversary  #UstadBukhari

زندگي تي موت مِل ڳئي مفت وچ،جي نفعا ڪونھي ته ڪائي ڪس نھين.

16 جنوري 1930ع ۾ ضلعي دادو جي ڳوٺ غلام چانڊيو ۾ جنم وٺندڙ پنھل شاھ جنھن جو آفيشل نالو احمد شاھ ھيو.جنھن کي مون(ماھم سنڌي) سميت سڄي سنڌ ۽ دنيا استاد بخاري جي نالي سان سڃاڻي ٿي .ان جو اڄ جي تاريخ 9 آڪٽوبر 1992ع تي انتقال ٿيو ھيو.اڄ ان عوامي،رومانوي،جاکوڙي،انقلابي شاعر جي 23ھين ورسي آھي.جيڪو فاني دنيا مان لاڏاڻو ته ڪري ويو آھي پر سنڌ جي ھر حصي ۾ گيتن جي صورت ۾ ڳائجي پيو،ته ڪٿي مشاعرن ۽ محفلن جي رونق پڻ بڻيل آھي.

استاد بخاري جو تعالق سيد ذات سان ھيو.جن جي مقامي ٻولي سرائڪي ھئي.ھن سنڌي ۾ ته بھترين شاعري ڪئي پر ان  نج سرائيڪي ٻولي کي به اڳيان رکي ان ۾ به شاعري ڪيائين.جيڪا ان جي شاعرين مان بھترين سمجھي وڃي ٿي.اڄوڪي انھي جي ورسي تي ان کي ان جي شاعري سان ڀيٽا ڏيان ٿي.

ڏاڍا سياڻا ڏاڍا سمجھو،پيار بڻايان پاڳل ھان
روندا ،رڙدا ڪڙھدا وتدان جھڙا ڀٽڪيل بادل ھان
اڄڪلھ دا آزار نھين ھي ننڍڙي لا دا کاڌل ھان
آجا مئين استاد ڪٿي ھان ڦند وڏي وچ ڦاٿل ھان.

ماھم سنڌي.

No comments:

Post a Comment