#Annual3DayUrrs #AbdullahShahGhazi #Karachi
ھن عشق جي انداز کي سمجھڻ ته ڏکيو آ....
روشنين جي شھر ڪراچي ۾ سمنڊ ڪناري تي موجود صوفي بزرگ ۽ اوليا ء عبدالله شاھ غازي جي درگاھ تي ساليانو ٽي روزه ميلو شروع ٿي ويو آھي.ھي بزرگ اسانجي پياري نبي حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم جي حسب نسب مان آھي.ھن جو جنم 61 ھجري ۾ ٿيو ۽ ڪربلا جي واقعي جي 28 سالن بعد ھجرت ڪري امن ۽ محبت جي ڌرتي سنڌ ۾ آيو.
اڄ صبح سنڌ جي گورنر عشرت العباد ۽ وزير اعلي سنڌ جو اوقاف کاتي بابت مشير عبدالقيوم سومري گڏجي گلن جي چادر چاڙھي باقاعدگي سان ميلي جو افتتاح ڪيو ۽ امن قائم رھڻ جي دعا گھريائين.
ان درگاھ تي مان سڄي زندگي ۾ ھڪ دفعا ھلندڙ سال جي 13 جون تي وئي ھيس.جيڪو وڃڻ منھنجو انتھائي يادگار ۽ اڻ وسرندڙ رھيو.جيڪو ياد ڪرڻ سان ھيئنر به ھلڪي مسڪراھٽ ۽ خوشي پئي ٿئي.ڄڻ اتي ھن وقت به موجود ھجان.مون درگاھ ٻاھران لڳل اسٽال تان ڳاڙھي رنگ جي آيتن واري چادر ورتي، پوء اندر طرف رواني ٿيس.درگاھ اندر جئين ئي داخل ٿي جوتا لاھي اندر رواني ٿيس ته اوچتو ھڪ عجيب خوشي ۽ حيرانگي ٿي.سيڙھين تي ھڪ ھڪ قدم ڪري مٿي چڙھندي ويس ۽ پويان ڏي به نھار ھئي.دلي خوشي ھئي ته ان مزار تي حاضري ڏيان پئي.اندر پھچي ڳاڙھي چادر چاڙھي ۽ پوء اکيون بند ڪري ڪجھ خاص گھريم.ان بعد وري پٽ تي ويھي پنھنجي رئي جي جھولي ڦھلائي ساڳي حاجت رکيم. پوء اٿيس ته اتي بيٺل ھڪ بزرگ مضاور چادر پارائي دعا ڏني.پوء آھستي سان اتان نڪتم .واپسي لاء جئين ئي سيڙھين تي آيس ته دل جام خوش ھئي.ٻه چار قدمن ۾ مان جام دلي طور تي مطمئن ۽ سرھي ھيس.لڳو پئي منھنجيون گھريل دعائون عبدالله شاھ غازي جلد ئي پوريون ڪندو ۽ اڃا به پر اُميد آھيان.منھنجي پھرين حاضري مونکي سدائين سڪون واري ڪيفيت ۾ ياد رھندي.ھڪ منت گھري ھيم ۽ سوچيو ھيم ان جي مڪمل ٿيڻ بعد وڃي شڪر ادا ڪندس.رب پاڪ کان دعا آھي ته جلد منھنجي اھا منت پوري ٿئي ته وري ٻي دفعي ساڳين سيڙھين تان گذري مزار اندر وڃي حاضري ڀريان.آمين.
ماھم سنڌي.
No comments:
Post a Comment