#October5th #WorldTeachersDay
Theme2015: Empowering teachers,building sustainable socities.
سلامِ ٽيچر
چوندا آھن انسان جيڪو به ھن دنيا ۾ اچي ٿو ان جون ٽي مائرون ھونديون آھن.ھڪ ماءُ اھا جيڪا پنھنجي ڪُک مان ان کي جنم ڏئي پرورش ڪري ٿي.ان جي سار سنڀار توڙي کاڌي پيتي کان وٺي ان جي ننڍي ننڍي ضرورت جو خيال رکي ٿي.ٻي ماءُ اسانجو استاد ھوندو آھي.۽ ٽي ماءُ اھا ڌرتي ھوندي آھي جيڪا مرڻ بعد اسانجي مرده جسم کي پاڻ وٽ جڳھ ڏئي پاڻ ۾ سمائي ٿي.
اڄ استادن جي عالمي ڏھاڙي تي ان ماءُ جو ذڪر ، ان خيرخواھ ۽ ھمدرد جو ذڪر ڪبو جيڪي استاد جي روپ ۾ اسان جي زندگي ۾ موجود آھن.
اھو استاد جيڪو اسان کي سٺي تعليم ڏئي ٿو.ھڪ ڪلاس روم ۾ ويھي ڏيھي پرڏيھي سير ڪرائي ٿو.چڱي بري جي پھچان ٿو ڪرائي.جن ھٿن سان اسان ھزارين لکين جا چيڪ سائن ڪيون ٿا انھن آڱرين کي پين جھلي سيکارڻ وارو به اسان جو استاد ھوندو آھي.اسين ڪنھن به وڏي عھدي تي ھجون،ڪو وزير مشير يا ڪي وڏا ليڪچرار يا انجنئير ھجون ڊاڪٽر ھجون سياستدان يا ليکڪ،پر اسان جي ذھانت ۽ عقل کي ڇنڊي ڦوڪي نروار ڪرڻ وارو اسانجو استاد ئي ھوندو آھي.ھڪ استاد جي جيتري عزت ڪجي اوتري گھٽ آھي.اڄوڪي انھي ڏھاڙي تي مان پنھنجي سڀني ٽيچرن کي سلام ٿي پيش ڪيان ۽ مونکي فخر آھي ته اھڙا بھترين مونکي استاد مليا جن جي موجودگي مون لاء باعث فخر آھي.منھنجو پھريون استاد،مونکي پين جھلي لکڻ جا طريقا سيکارڻ وارو،مونکي اي بي سي کان الف ب سمجھائڻ وارو منھنجو بابا سائين ھو.جيڪو مونکي بھترين انداز ۾ سڀ ڪجھ سمجھائيندو ھيو.پياري بابا سائين کي لکين سلام ۽ دعائون.
Love you Baba and all teachers.
Proud student: Maham Sindhi
No comments:
Post a Comment