Wednesday, 7 October 2015

ھِن جنم ھُن جنم لاءِ وچن ٿو ڪريان،مان جتي به ھجان سنڌ تنھنجو ٿيان..

#October7th    114th  #Birthday  #FatherOfSindh   #HyderBuxJatoi

ھِن جنم ھُن جنم لاءِ وچن ٿو ڪريان،مان جتي به ھجان سنڌ تنھنجو ٿيان..

شاه عنايت شهيد جي فڪر ”جو کيڙي سو کائي“ جو پرچارڪ، سنڌ جي هارين جي آجپي، وڏيرن ۽ جاگيردارن جي غلامي کان نجات ۽ آزادي جو پيغام ڏيندڙ انسان دوست، ڏاهو، فلاسافر, دانشور ،اديب ،شاعر ۽ ھارين جي حقن جي مالڪي ڪندڙ  ڪامريڊ حيدر بخش  جتوئي جنھن کي اڄ سنڌي  باباء سنڌ يعني سنڌ جو ابو (father of sindh) جھڙي معتبر نالي سان سڏين ٿا.ان جو اڄ جنم ڏھاڙو آھي.

7 آڪٽوبر 1901ع تي ڳوٺ بکي ديري، تعلقي ڏوڪري ،ضلعي لاڙڪاڻي ۾ فقير الھداد جتوئي جي گھر ۾ اک کوليندڙ حيدر بخش جتوئي،جئين جيئن وڏو ٿيندو ويو ،سندس قد بت ۽ عقل وڌڻ سميت ھن جي رڳن ۾ سنڌ جي محبت به پوري جوڀن سان  جسم جي ھر ھڪ ڪنڊ ۾ رت جي صورت ۾ ڦھلجندي وئي.
21 مئي  1970ع تي منجھند ڌاري  69 سالن جي ڄمار ۾  سنڌ جي ھن  عاشق دم ڌڻي حوالي ڪيو سنڌ جي مٽي منجھ ئي ھميشه لاء سمائجي ويو.ھن جي مڙھ کي  غلام شاھ ڪلھوڙي جي سيراندي ۾ دفن ڪيو ويو.
سندس اڻٿڪ ڪوششن ،مثالي ڪردار سبب سنڌ وارا ھن کي باباء سنڌ سڏين ٿا.جيستائين سنڌ  جئيندي رھندي باباء سنڌ به جئيندو رھندو.

جيئي سنڌ جيئي سنڌ، جام محبت پيئي سنڌ
خاص ۽ عام پيئن جام، جيئي سنڌ جيئي سنڌ.

مبارڪون ڏيندڙ: ماھم سنڌي.

2 comments: