Sunday, 25 October 2015

پوليو فري پاڪستان ڪڏھن بڻجندو؟؟؟/ماھم سنڌي

#October24th    #WorldPolioDay
پوليو فري پاڪستان ڪڏھن بڻجندو؟؟؟/ماھم سنڌي/ميرپورخاص
mahamsindhi05@gmail.com
24 آڪٽوبر تي پوليو جو عالمي ڏھاڙو آھي.24آڪٽوبر تي روٽري انٽرنيشنل اھو عالمي ڏھاڙو ملھائڻ جو اعلان ڪيو ۽ اھو ڏينھن جوناس سالڪ جو جنم ڏڻ آھي .جوناس سالڪ پھريو  شخص ھيو جنھن پوليو جي خلاف ٺاھيل ٽيم جي اڳواڻي ڪئي جنھن ۾ وئڪسينون ۽ ڦڙاپياريا ويا ھئا.روٽري انرنيشينل پوليو خلاف بين الاقوامي تنظيم آھي ۽ مفت۾ ھر ھنڌ ڦڙا پھچائي ٿي.ٻين ملڪن سميت پاڪستان ۾ به ان جو برانچون ضلعي سطح تي آھن.اتي ھفتيوار ميٽنگس ڪري صورتحال تي ويچاريو وڃي ٿو.ان تنظيم ھيٺ ٻارن جي پڙھائي لاء مفت اسڪول پڻ ھلن ٿا.ان جي سرپرستي ھيٺ دل جي سوراخ جي مريضن کي پرڏيھ پڻ اماڻيو وڃي ٿو.سنڌ ۾ آيل 2010ع جي مھا ٻوڏ دوران به انھي تنظيم طرفان امداد ورھائي وئي ھئي.24آڪٽوبر جو اھو ڏينھن عوامي موڪل جو ناھي پر ان ھوندي به انھي جي بي انتھا اھميت ھئڻ جي ڪري انھي بابت بحث مباحثا ۽ ويچار ھر حلقي ،ھر ھنڌ ٿيندا آھن.عالمي طور تي پوليو جي خاتمي لاء ڪوششون 1988ع کان ورتيون ويون.جنھن ۾ WHO، يونيسيف ۽ روٽري فائونڊيشن اڳواڻي ڪري رھيون ھيون.انھن جي ورتل ڪوششن جي ڪاميابي ۾ جتي انھي سال ۾ 350,000 ڪيسن جي شناخت ٿي ھئي اھي 2001ع تائين گھٽجي سون تائين وڃي پھتي جيڪا وڏي ڪاميابي ھئي.سپر پاور آمريڪا کي 1994ع ۾ پوليو فري طور قبوليو ويو .يورپ کي 2002ع ۾ پوليو فري جو سرٽيفيڪٽ ڏنو ويو.2012ع ۾ انڊيا به پنھنجو نالو پوليو فري جي لسٽ ۾ لکايو.اھو ڏھاڙو سنڌ سميت سڄي پاڪستان ۽ دنيا ۾ ملھايو وڃي ٿو.اسڪول ۾ موجود استاد پڻ ٻارن کي پوليو بابت سجاڳي ڏين ٿا.

پوليو ھڪ خطرناڪ قسم جو مرض آھي جيڪو ننڍي عمر جي ٻارن تي گھڻو اثر انداز ٿئي ٿو.اھو ھڪ وائرس آھي جنھن جي جسم اندر داخلا بعد ان کان بچاءُ مشڪل ٿيو پوي.اھو وائرس ھڪ کان ٻي ٻار ۾ منتقل پڻ ٿئي ٿو.ان جي ڦھلجڻ جا ذريعا ڪيترائي ئي آھن جئين ته منھن ذريعي ،کاڌي ھوا يا پاڻي جي رستي اندر جسم ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ خطرناڪ اثرات ڇڏي ٿو.اھو نروس سسٽم ۾ داخل ٿي انھي جسم کي معذور بڻائي ٿو جنھن سبب ٻار جي ھڪ ٽنگ ڪم نه ڪندي آھي ۽ پوليو جي ڪري ھو بيساکي جي سھاري تي اچي ويندو آھي.ان جي شروعاتي نشانين ۾ بدن ۾ ٿڪاوٽ ،بخار،مٿي جو سور،اُلٽي ڄنگھن ۾ سور ڳچي ۾ تڪليف سان ٿئي ٿي.انھي بيماري جي ٿيڻ بعد بچاءُ ناممڪن آھي.پر اڳواٽ ۾ ان لاء جوڳا قدم وٺي ان کان بچي سگھجي ٿو.پوليو نا صرف ٻار کي جسماني  طور مفلوج  بڻائي ٿو پر انھي مرض جي نحوست ان کي سماج ۾ به رسوا ڪري ٿي.عام زندگي خصوصي طور ٻارن جي زندگي جي جائزي وٺڻ دوران اسان سڀني جي علم ۾ اھو با آساني اچي ويو آھي ته ٻن ڏينھن جو بخار به ھڪ ٻار لاء اذيت ڏيندڙ ھوندو آھي پوء اندازو لڳائڻ مشڪل نه ٿيندو ته ھڪ ٻار ذھني ۽ جسماني طور معذور ٿي ڪيئن ٿو نظرون ملائي سگھي؟ھونئن به وڏن جي ڀيٽ ۾ ٻارن ۾ احساس ڪمتري وڌيڪ ٿئي ٿي.ھو صرف پنھنجي ھم عمر ٻار کان امتحان ۾ توڙي ڪلاس ۾ روم ۾ ٿيل روزانه ٽيسٽ ۾ به ٻه مارڪون گھٽ ٿا کڻن،ياراند دوران شڪست ٿا کائن ته به اداس ٿي ٿا وڃن.ٻار ۾ مقابلو ڪرڻ ۽ ٻين کان اڳتي وڌڻ جي سوچ ۽ سگھ وڏن جي ڀيٽ ۾ بنھ گھڻي ھوندي آھي.تڏھن ئي ته ٻارن کي مستقبل جو آئيندو سڏين ٿا.ڇوته صحت مند ۽ خوشحال ٻار ئي اچڻ واري وقت جي ضمانت ھوندا آھن.
غربت،حقن جي تلفي ۽ نا انصافي وانگر اسان جي سماج ۾ جھالت ۽ لاشعوري به سدائين کان الميو رھيو آھي.جنھن سبب اسان ماڻھن ۽ ترقي يافته ملڪن جي ڊوڙ ۾ سدائين پوئتي رھيا آھيون.سنڌي ۾ چوڻي آھي ته اڻ ڄاڻائي وڏي بدقسمتي آھي. جيڪا ھر طرح سان حقيقت جي عڪاسي ڪري ٿي.پوليو جھڙي موذي مرض جنھن کان بچاءُ لا اسانکي حڪومت جي تعاون سان اقوام متحده طرفان ڦڙن جي صورت ۾ مفت گھر ويٺي علاج ملي رھيو آھي پر ڪٿي ڪٿي اسان گھر آيل نعمت کي به ٺڪرايون  ٿا،جيڪو اسانجي ڪم ظرف ھئڻ ۽ تنگ نظري جو چٽو نمونو آھي.اڄڪلھ ته شھرن توڙي ٻھراڙي ۾ ليڊي پوليو ورڪر ۽ ھيلٿ ورڪر گھر ويٺي پوليو جا ڦڙا ٻارن کي مفت ۾ پياري وڃن ٿا.جيڪر اسان ڪاٿو لڳائي پنھنجو پاڻ انھي علاج جو خرچ کڻون ته اھو ڪيترو نه وڌيڪ ھوندو.پر مونکي ڏسي ۽ ٻڌي دلي افسوس ٿيو ته اڃا به ڪي ماڻھو ۽ ڪي فرد پوليو جي ڦڙن پيارڻ کان انڪار ڪن ٿا ۽ پنھنجن مدي خارج سوچن کي پنھنجي ايندڙ نسل تي مڙھي انھن کي ھميشه لاء ھڪ بي حس ماحول ۾ ڌڪين ٿا.جيتوڻڪ پوليو نا پيارڻ واري خبر ڪافي ھنڌن مان ٻڌي ضرور آھي پر منھنجي ذاتي تجربي مونکي انتھائي گھڻو حيران ڪيو. سال پھرين جي ٻڌل لفظن کي اڄ به منھنجو دماغ دھرائي اداس ٿئي ٿو.منھنجي ئي پري جي مائٽي جي ھڪ بزرگ عورت جنھن جي عمر لڳ ڀڳ 80 سالن جي ھوندي.ھن جي گفتگو ۽ رايا مان خاموشي سان ٻڌنڌي ۽ حيران ٿيندي ويس.جڏھن پوليو جي ٽي ڏينھن جي مھم جو واروآيل ھيو ته ڳوٺ جي ماين سان گڏ ويٺي ويچاري رھي ھئي ته آخر اھي پوليو جا ڦڙا ٻارن کي ڇوٿا پياريو.اھي انگريزن جا موڪليل نسخا پنھنجن ٻارن تي نا آزمايو.اسان پنھنجي دور ۾  ڪڏھن اھي استمعال نه ڪيا پر ڏسو اوھان سڀن کان وڌيڪ طاقتور ھئاسين ۽ ھر ڪم ۽ پورھيو وڏي ڪشالي ڪٽڻ بعد انھن کي  انجام تائين پھچايوسين ۽ ان سڀ جي باوجود به اسان صحتمند رھياسين.ھن جي چوڻ موجب اھي ڦڙا اڄ جي ماڻھن کي بيمارين ۾ مبتلا ڪن ٿا ۽ ڪمزوري آڻين ٿا.ھڪ عجيب دعوي اھا به ڪيس پئي ته اڳ نياڻيون پرڻيون ۽ سال اندر مائرون بڻجي وينديون ھيون پر اڄ ڏسو پرڻجڻ بعد پنج پنج سالن تائين بي اولاد ٿي ڪري اسپتالن ۽ درگاھن جا چڪر پيون ڪاٽين پوء وڃي ٿو ٻار جو سُک نصيب ٿين ٿو.اھي ڦڙا ۽ ٽُڪا جيڪي ٻارن کي ڄمڻ بعد لڳن ٿا اھي لازمي ڪونھن بس پڙھيل ليکيل ۽ سڌريل ٿي اڄ جا جوڙا ٻار کي ڄمڻ شرط ئي اھڙا ٽُڪا ۽ ڦڙا پياري اذيت ڏين ٿا.اڳين زماني ۾ ته جند ئي ڇٽل ھئي.ٻار ڄائو ۽ اتي گھر ۾ ئي ان جي پرورش ٿيندي ھئي تنھن ڪري چاڪ چڱا ڀلا ھوندا ھئا.اھا بزرگ عورت جنھن جي مان حالانڪه تمام گھڻي عزت به ڪيان ٿي پر ان جون اھي صلاحون ۽ طنز ٻڌي مونکي لڳو پئي ته اسان واقعي اڃا پٿر جي دور ۾ رھندي اھي سڀ عادتون ئي پاڻ سان گڏ رکڻ چاھيون ٿا.اھي سوچون ۽ ويچار ڪري ڪيترائي ماڻھو پوليو جا قطرا پيارڻ کان لنوائين ٿا جنھن جو سڌو سنئون اثرانھن جي ٻارن تي پوي ٿي ۽ جيڪر اھڙو ڪو مرض وڏي ٿيڻ بعد ٿئي ٿو ته قسمت کي ڏوھي قرار ڏئي چون ٿا بيماري ۽ معذوري قسمت ۾ ھيس تڏھن ٿيس.جھالت ۽ ڪم عقلي سميت ھڪ ٻيو سبب به آھي جنھن سبب  اسان کي پوئين سالن ۾  پوليو خلاف جنگ ۾ ناڪاميون مليون.
2 مئي 2011ع تي اسلام آباد ۾ اسامه بن لادن جي مارجڻ بعد اھا خبر پڪي ٿي ته ايبٽ آباد ۾ پاڪستاني ڊاڪٽر شڪيل آفريدي جيڪو  پوليو ٽيم سان لاڳاپيل ھيو ان خفيه طريقي سان پوليو مھم جي بھاني سان ان جي جاسوسي ڪري ان کي ڳولھي لڌو ۽ آمريڪي فوجين اوچتو حملو ڪري ان کي ماري وڌو جنھن سبب  پوليو ٽيمن کان طالبانن ۾ ڏھڪاءُ پکڙجي ويو ۽ ھو ھر پوليو جي ٽيم کي آمريڪي جاسوسن جي نظر سان ڏسڻ لڳا .انھي خوف جو اثر سڌو سنئون وڃي عام پوليو ٽيمن تي پيو ۽ 2012ع تائين 66 پوليو ورڪر طالبان پاران قتل ڪيا ويا جنھن ۾ عام ورڪر انھن جا گارڊ ۽ ڊرائيور پڻ ھئا.انھن جي جٿي سرپرستي ھئي اتي انھن پوليو ورڪرن جي داخلا تي پابندي ھڻي ڇڏي.اتر وزيرستان ۾ اتان جي مقامي طالبانن جي اڳواڻن فتوي به جاري ڪئي ته جيستائين آمريڪي ڊرون حملا نٿا رڪجن انھن جي داخلا تي پابندي آھي.انھي سلسلي ۾ وال چاڪنگ توڙي بينر ڇپائي گھر گھر ورھايا ويا ۽ ڌمڪايو به ويو ته جيڪر اوھان پنھنجن ٻارن کي ڦڙا پيارا ته سنگين نتيجن جا ذميوار پاڻ ھوندا.
ھلندڙ سال بلوچستان صوبي ۾ پوليو جا 6 نوان ڪيس ظاھر ٿيا آھن جن جي صوبائي صحت کاتي پاران تصديق ٿي چڪي آھي.جڏھن ته 4 ڪيس سنڌ ۾ ،خيبرپختونخواھ ۽ فاٽا ۾ ٽوٽل 23 ٿيڻ سان سڄي پاڪستان ۾ ھن سال 32 ٻارڙا اھڙا آھن جيڪا اڃا تائين پوليو جھڙي مرض ۾ مبتلا آھن.جڏھن ته 2014ع سال جي مقابلي ۾ 70 سيڪڙو تائين گھٽيا آھن پوئين سال ڏسبو ته 306 ڪيس ظاھر ٿيا ھئا.جيتوڻڪ دنيا ۾ پاڪستان ۽ افغانستان ئي وڃي بچيا آھن جيڪي اڃا تائين پوليو فري نه بڻجي  سگھيا آھن.ورلڊ ھيلٿ آرگناميزيشن WHO  ته اھو به چيو آھي ته جلد ئي نائيجيريا کي پوليو فري سرٽيفڪيٽ ڏئي ڪلئير قرار ڏنو ويندو.ھي اھي  ئي ھنڌ آھن جٿي 20 سال اڳ سال ۾ 1000کان مٿي پوليو ڪيس ايندا ھئا جيڪا سڄي دنيا مان سڀ کان وڏي ۽ ڇرڪائيندڙ تعداد ھئي.ھڪ رپورٽ موجب گزريل سال جي جولاء ۾ اتي آخري ڪيس ظاھر ٿيو ھيو.ان بعد ڪو ڪيس نه آيو آھي.
ھاڻي پاڪستان ۽ افغانستان جن جون سرحدون پڻ ملن ٿيون اھي ئي جئين ته  اڃا تائين دھشتگردي، مذھبي انتھاپسندي،طالبانائيزيشن  مان آزاد نه ٿياآھن اھڙي طرح ھي پوليو به اھي ملڪ ڇڏڻ لاء تيار نظر نه پيو اچي.26 سيپٽمبر تي نيورياڪ ۾ وزيراعظم نوازشريف جي بل گيٽس سان ملاقات ٿي جنھن تي پوليو خلاف جنگ کي ڪامياب بڻائڻ لاء اُپاءُ ورتا ويا.ھن پاڪستان جي مدد ڪرڻ  تعاون ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ۽ خواھش جو اظھار ڪيائين ته اسان پاڪسان کي پوليو فري ڏسڻ چاھيو  ٿا.
پاڪستان ۾ پوليو جي ڦڙن جي باقاعدگي سان شروعات 1994ع ۾ ٿي جڏھن بينظير ڀٽو ملڪ جي ٻي دفعا وزيراعظم بڻيل ھئي ۽ ان پنھنجي ننڍي نياڻي آصفه ڀٽو زرداري کي پوليو جا ڦڙا پياري سڄي ملڪ ۾ ان مھم جو آغاز ڪيو.ھاڻي آصفه ڀٽو پوليو جي پاڪستاني سفير پڻ مقرر ٿيل آھي ۽ ھو پڻ پوليو فري پاڪستان لاء ڪوششون وٺي رھي آھي.وزيراعظم سميت ٻين اڳواڻن سان ملاقاتون ڪري ان بابت جائزو وٺندي رھي ٿي.سندس چوڻ آھي ته منھنجي امڙ بينظير ڀٽو جو خواب ھيو ته پاڪستان جو ھر ٻارڙو پوليو کان آجو ھجي ۽ مان ان جي مشن ۽ اڻپوري خواب کي تعميراتي طور تي مڪمل ڪرڻ لاء جدوجھد ڪري رھي آھيان.سنڌ صوبي ۾ ڪاٿي موجب 4 ملين ٻارڙن کي ڦڙا پياريا ويندا جن جي پنج سال کان عمر گھٽ آھي.سنڌ ۾ آڪٽوبر ۾ شروع ٿيل مھم مرحلن ۾ طئي ڪئي وئي ھئي.
سنڌ ۾   8,  9  ,10 آڪٽوبر تي پوليو ڪمپئن جو پھريون مرحلو شروع ڪيو ويو ھيوجنھن ۾ ڪراچي جو ٽارگٽ مڪمل ڪرڻو ھيو.اتي جي آفيشل بيان موجب انھن چيو ته  اسان کي وڏيون اميدون ھيو ته ڪراچي ھن دفعي پوليو کان آجو ھوندو پر موجوده ڪيس ڏسي ائين پيو لڳي جئين سڄي محنت ضايع ٿي وئي آھي .ٻي مرحلي  ۾ سنڌ جي 12 ضلعن ۾ پوليو مھم ھلي ھئي جيڪا  12کان 15  آڪٽوبر تائين  ھلي .سنڌ جي صحت جي صوبائي وزير ڄام مھتاب ڏھر  جي بيان موجب ته ان مھم دوران 40 لک ٻارن کي حيدرآباد ،لاڙڪاڻو ،دادو ،ڄامشورو ،سانگھڙ ،سکر گھوٽڪي، شڪارپور ،جيڪب آباد ،ڪشمور ،نوشھروفيروز ،شھيد بينظير آباد ،خيرپور ۽ قمبر ضلعي ۾ پياريا ويندا.
پنجاب ۾ سخت سيڪيورٽي ۽ انتظامن ھيٺ 13 آڪٽوبر کان شروعات ٿي ھئي.جتي صرف لاھور صوبي ۾ ئي 6 لک ٻارڙا پنج سال جي عمر کان گھٽ آھن.جنھن لاء 1919 جي تعداد تي ورڪرن جي ٽيم ٺاھي وئي ھئي.بلوچستان ۾ به 13 آڪٽوبر کان شروعات ٿي جنھن ۾ چيو ويو ته 11 ضلعن ۾  سخت سيڪيورٽي ھيٺ شروعات ڪئي وئي ھئي .صحت کاتي موجب 13620 ٻارڙن جي پوليو وئڪسين ڪئي وئي ھئي ۽  27000 افغاني پناھگير ٻارن کي پڻ پوليو ڦڙا پياريا ويا.صوبي خيبرپختونخواھ ۾ 10 آڪٽوبر کان شروع ڪئي وئي ھئي .جنھن ۾ 30 لک 28 ھزار ٻارن جو ڪاٿو لڳايو ويو.جنھن لاء  9 ھزار 8 سئو 75 ماڻھن تي ٻڌل ٽيم ٺاھي وئي جيڪا لکن جي تعداد ۾ ٻارڙن کي ڦڙا پياريندي.حالانڪه ھن دفعي اھا اميد ۽ ڀرپور ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته ٻي سال تائين اھو تعداد نه ھئڻ جي برابر ٿي وڃي.پر ھن دفعي جي ناڪامي پڻ افسوسناڪ آھي.32 جي تعداد تي ڪيس سامھون اچڻ غير يقيني واري صورتحال پيدا ڪري رھي آھي.ٻين ڪوششن سان گڏ ھڪ اھم مسئلو جھالت ۽ دھشتگردي پڻ آھي.جن جي ڪري جٿي اسان ٻين مڙني مسئلن ۾ ڦاٿل آھين اتي اسانجي مستقبل جا معمار پڻ صحت جي رسڪ کي منھن پيا ڏين.پوليو جي عالمي ڏينھن تي ان مسئلي بابت سجاڳي لاء ڪيترائي ميڙاڪا مجمعا ٿيندا پر ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته اھا سجاڳي انھن ذھنن کي به منور ڪري جن ۾ اڃا انڌھيري جا پاڇا پختا بيٺل آھي.ھن دفعي پوليو فري بڻجڻ جو سڀ ڪوششون رائيگان ويون پر پوء به ھمت ھارائڻ بجائي ارادن ۾ وڌيڪ پختگي آڻڻ سان نئي سر بھتر اميد ڪري سگھجي ٿي.
http://www.sindhexpress.com.pk/epaper/PoPupwindow.aspx?newsID=130323687&Issue=NP_HYD&Date=20151024

http://www.onlineindusnews.com/2015/10/پوليو-فري-پاڪستان-ڪڏهن-بڻجندو/
http://dailyjeejal.com/e-paper/2015-10-23/news/page4/1%20(3).htm

http://farm6.staticflickr.com/5774/21769011464_d0f0d98ae3_o.jpg

No comments:

Post a Comment