28/10/2015
My story published in today's kawish gallery page.
ڪھاڻي: زنگجي ويل زندگي /ماھم سنڌي.
mahamsindhi05@gmail.com
ھاڻي ان جي خوشين مٿان زنگ لڳي ويو ھو جيڪو شايد لھڻ جي آس ھو وڃائي ويٺي ھئي.
فرزانه جنھن جي جڏھن مائٽن جي رضامندي سان شادي سندن ئي ويجھي رشتيداري ۾ ٿي ته ھو تمام گھڻي خوش ۽ مطمئن ھئي.ھن جي شادي ڪنھن امير گھراڻي بجاء ھڪ غريب گھر ۾ ٿي تنھن ھوندي ھو رب جا شڪرانا ڪندي ھئي ته ان جو جيوين ساٿي غريب آھي پر ان جو ساٿ ان کي دنيا جي امير ترين عورت بڻائي ٿو ڇڏي.ھن محل محلات جي خواھش ڪڏھ نه رکي ھئي پر جڏھن به نماز پڙھ بعد دعا لاء ھٿ اُڀ طرف وڌائيندي ھئي ته فقط ايترو چوندي ھئي.منھنجي گھر جي روزي سکي ھجي.شادي بعد جلد ئي اولاد جي نعمت ان لاء دنيا جي وڏي دولت ھئي.جيتوڻڪ ان جو مڙس عدنان ھڪ سرڪاري اسڪول ۾ پٽيوالو ھيو ۽ گھٽ آمدني سبب ھو غربت واري زندگي گھاري رھيا ھئا تنھن ھوندي به ھو پنھنجي ٽن ٻارن (ٻه پٽ ھڪ نياڻي) سان ۽ مڙس سان انتھائي خوش ھئي.ھو گھٽ پڙھيل ھئڻ باوجود نوڪري ڪرڻ جي اھل نه ھئي تنھن ھوندي به ھڪ فرمانبدار ۽ ذميوار زال جو ڪردار نڀائيندي پنھنجي مڙس جو ھٿ ونڊائيندي ھئي.پاڙي وارن جو رليون سبندي ھئي.ڪڻڪ جي موسم ۾ تيلين سان دٻڪيون پڻ ٺاھيندي ھئي.ھو ھٿ جو پورھيو ڪري پوري ڪوشش ڪندي ھئي ته مڙس جي مدد ڪري.ھاڻي فرزانه کي ٽن ٻارن جي ماءُ بڻجي چڪي ھئي ۽ انتھائي خوش ھئي.پر شادي جي ڪجھ عرصي بعد ئي عدنان جي دلچسپي نه صرف زال پر ٻارن مان به گھٽجڻ لڳي. ھو بي پرواھ ٿيڻ لڳو ۽ گھڻو وقت گھر کان ٻاھر گزارڻ لڳو.مھيني وار ايندڙ پگھار مان گھر جو ضرورتون پوريون ڪرڻ بجاء ھو سڀ ٻاھر لٽائي ڇڏيندو ھو.ائين ھلندي ھلندي نيٺ چوڻ لڳو فرزانه تون مونکي نٿي وڻين مان جلد ئي ٻي شادي ڪندس.فرزانه چوڻ لڳي شڪل صورت ته الله جي ٺاھيل ھوندي آھي باقي سيرت ۾ مون ۾ ڪھڙي ڪمي رھجي وئي جو تون پنھنجي ئي گھر کي بگاڙڻ ٿو چاھين.پر ضد ۽ پاڳل پن عدنان جي سر تي سوار ھئي.ڪو جنون ان جي دل ودماغ تي ڇايل ھيو ۽ ھو پنھنجي خاندان ۽ پنھنجي ٻارن جو ئي دشمن ٿي بيٺو .فرزانه جي گھڻي سمجھائڻ کانپوء به عدنان سڀ ڪجھ اڻ ڌي ڪري ان کي ئي دٻائيندو ۽ ھيسائيندو ھيو.ھو راتين جو راتيون گھر کان ٻاھر گذارڻ لڳو.ھڪ ڏينھن جڏھن عدنان گھر ۾ آيل ھو ته فرزانه ان جا ميرا ڪپڙا ڌوئڻ لاء کنيا ته ان مان ھڪ خوبصورت ۽ ننڍي عمر جي ڇوڪري جي تصوير نڪتي.ھو جھٽ ۾ تصوير کڻي عدنان وٽ آئي ۽ پڇيائين
عدنان ھي ڪنھن جي تصوير آھي؟
عدنان ڇڙٻ ڏيندي چيو تنھنجو ان سان ڇا وڃي مان ڄاڻان منھنجو ڪم.توکي ھن گھر ۾ رھڻو آھي ته چپ چاپ رھ. نه ته پاڻ سمجھين ٿي.
فرزانه ڊڄي وئي ۽ وري پل کن ۾ ئي ھمت جوٽيندي چيائين منھنجي زندگي ته اڳ ئي خراب ڪري چڪو آھين.مان تنھنجي پيار ۽ عزت لاء عمر ڀر ترسندي رھندس پر ڪجھ خيال ڪر پنھنجن ٻچن جو جيڪي ھاڻ اچي جوان ٿيا آھن ۽ شادي جي لائق اچي ٿيا آھن. تون ھڪ پيءُ جي حيثيت ۾ سوچڻ بجاء اڃا تائين سوچن ۾ ھڪ ڇڙواڳ ۽ ڪنوارو ڇوڪرو ٿي گھمي پيو.
عدنان پنھنجي ضد تان نيٺ نه لٿو ۽ فرزانه جون سڀ ڳالھيون اڻ ٻڌيون ڪري انھي تصوير واري ڇوڪري سان شادي ڪرڻ جو پڪو پھ ڪري ڇڏيائين.نيٺ اھو سج به اڀريو جنھن ڏينھن فرزانه جا سڀ حق ڪنھن ٻي عورت جي ھٿ ۾ وڃڻا ھئا.عدنان ڀر واري شھر ۾ ڌام ڌوم سان ڳائي وڄائي شادي ڪئي.جنھن جي ڪوٺ سڀن کي ھئي.بس پابندي ھئي ته فرزانه ۽ ان جي ٻارن تي.
20 سالن جي ڇوڪري رخسار جڏھن عدنان وٽ پرڻجي آئي ته سوين نخرا ۽ ناز ڪرڻ لڳي.عدنان جنھن وٽ صرف پٽيوالي نوڪري کانسواء ٻيو ڪو ڪمائي جو ذريعو نه ھيو.ھو اھو مھيني وار پگھار پنھنجي نئي ڪنوار تي لٽائڻ لڳو.عدنان شھر ۾ گھر ڪرائي تي وٺي ان کي رھائڻ لڳو.۽ پنھنجي پھرين زال ۽ پنھنجي ٻارن کي صفا وساري ڇڏيائين.ھو سيڌو سامان به نه ڏيندو ھو نا ئي ان جا پئسا ڏيڻ ضروري سمجھندو ھيو.عدنان تي سڄو ڏينھن رخسار جي ويس وڳن بابت ئي سوچيندو ھيو.فرزانه ويچاري تي فاقه ڪشي جا ڏينھن اچي ويا ھئا.پورھئي لاء ڪم نه ملندو ھئس ته شرمندا ٿي پنھنجي مائٽن کان ماني کڻي ايندي ھئي.جنھن ڪري ڀاڄائين جا طعنا مھڻا ته ملندا ھئس پر ھو ليکيندي نه ھئي.ھڪ دفعو رخسار کي گھمائڻ لاء عدنان جڏھن ڳوٺ وٺي آيو ته گھر جو ھڪڙو ڪمرو جيڪو فرزانه ۽ انھن جي ٻارن لاء ھيو اھو به کسجي ويو ھيس.رخسار کي پھچڻ جي ھمت ته فرزانه ۾ ھئي پر مڙس جي دڙڪن سبب ھو چپ ھئي.ان کي ٻارن سميت ٻاھر اڱڻ تي تڙي ڪڍيو ويو.فرزانه جي مزاحمت تي عدنان رخسار کي خوشي ڏيندي فرزانه تي ھٿ کڻي ان کي مارڪُٽ پڻ ڪئي.اھو سڀ ڪجھ فرزانه لاء ايذائيندڙ ھيو پر ھو پنھنجي مزاجي خدا اڳيان بنھ مجبور ھئي.ڇوته ان لاء لاپرواھ رھندڙ عدنان ئي ان جو واحد سھارو ھيو.ھو پنھنجي مڙس ۽ ان جي زال اڳيان فقط ھڪ نوڪرياڻي بڻجي وئي ھئي.ان جي ٻارن جي پڙھائي اڌ ۾ رُلي وئي ھئي.ان جا ٻار عيد بارات تي نون ڪپڙن جي آس ته رکندا ھئا پر ملندا نه ھئا.مھيني ماسي عدنان ڳوٺ صرف رخسار کي سير وتفريح ڪرائڻ لاء ايندو ھو ۽ ان کي باغ ۽ ٻنيون گھمائيندو ھيو.ھن ته پنھنجن ٻچن جي سار لھڻ ئي ڇڏي ڏني ھئي.جھڙي طرح فرزانه جي خوشي واري شادي شده زندگي بي رنگ ٿي وئي ھئي ته ان جي ٻارن لاء به ڪي رنگ زندگي ۾ باقي نه رھيا ھئا.ھو نماڻا ۽ ويچارا ڏسڻ ۾ ايندا ھئا.آسپاس ۾ موجود مردن جو پنھنجي اولاد ۽ زالن سان محبت ڏسي ھي شرمنده ٿي ويندا ھئا ته اھڙي زندگي اسان کي ميسر ڇو نه آھي.
ھڪ دفعي چانڊوڪي رات ۾ فرزانه جا ٽئي ٻارڙا ان سان اچي گڏ کٽ تي ويٺا.ڪو جھولي ۾ سمھي پيو ته ڪو ان جي ٻانھن تي.ان جي ماءُ روز ائين ئي انھن کي جھولي ۾ آکاڻيون ٻڌائي سمھاريندي ھئي.ان جي وڏي پٽ لاشعوري ۾ سوال ڪيو ته امان اوھانجي ٻڌايل آکاڻي ۾ ته شھزادي جي ڏکئي وقت بعد ان کي ان جو شھزادو ملي ويو ھيو ۽ ھو خوشحال زندگي گزارڻ لڳا ھئا.اسان وٽ اھڙا خوشي وارا ڏينھن ڪڏھن ايندا جڏھن بابا اوھان سان ۽اسان سان محبت ڪندو.پاڻ سڀني کا ڀائيندو ؟
فرزانه ھيڪر ڪاري رات جيان بلڪل خاموش ٿي وئي ان جا چپ ڄڻ ته ڪنھن اچانڪ پڇي ويندڙ سوال سان سبجي ويا ھئا.پوء ڪجھ ساعت ۾ ڊگھو ساھ کڻندي چيائين منھنجا پيارا ٻچڙا اسانجي خوشي کي ته زنگ لڳي ويو آھي!!!
http://www.thekawish.com/beta/epaper-details.php?details=2015/Oct/28-10-2015/Page5/P5-3.jpg