#KarachiBleeds #SafooraChowk #CityOfLights or #CityOfBlood
روشنين جي شھر کان خوني شھر ۾ تبديل ٿيل ڪراچي...
اڄ وري اکين مان ڳوڙھا زاروقطار جاري آھن،اڄ وري ڪيترائي گھر اڄڙي ويا آھن،اڄ ماتم جو صفون وري وڇايون ويون آھن،اڄ لخت جگر،نور نظر،چينِ دل ،وري خون ۾ وھنجاريا ويا آھن.
آھ وبُڪا،رڙيون،دانھون،فريادون،نم اکيون،ٽٽل دل،ڏڪندڙ جسم،دھشت زده روح،وري ڪراچي جي روشنين کي مڪمل طرح پنھنجي اختيار ۾ آڻي ڇڏيو آھي. صفوران چورنگي جي علائقي مان گزرندڙ اسماعيلي ڪميونٽي جي بس ۾ گھڙي انڌ ڌنڌ فائرنگ ڪري ،45 قيمتي جانيون ڳڙڪائيندڙ ،24 ماڻھن کي شديد زخمي ڪندڙ وحشي خونخوار جانور انساني ويس ڍڪي ڪيترن ئي گھرن جو خوشيون کسي ويا.
6 امامي اسماعيلي شيعه فرقي کي خوفناڪ دھشت جو نشانو بڻايو ويو.9 ايم ايم سميت ٻن مختلف قسم جي ھٿيارن جو استمعال ڪندي انساني جسم جو خون جو ھڪ دريا وھايو ويو.شيعه نسل ڪشي کي ثواب اعلي سمجھندڙ تحريڪ طالبان جي گروپ جندالله ان واقعي جي زميواري وڏي فخر سان قبول ڪئي آھي جنھن کي گزريل سال جي نومبر مھيني کان اسلامي دولت آف عراق الشام ( آئي ايس آئي ايس) جي سپورٽ پڻ حاصل آھي.
ان ڪميونٽي جي ليڊر آغا خان سخت ڏک جو اظھار ڪندي چيو آھي ته اھو فرقو امن پسند ۽ ڀائيچاري کي فروغ ڏيندڙ آھي.
ڪجھ روايتي مذمتي بيان،ڪميٽيون ،ھنگامي نوٽيس،وڏن آفيسرن جون بدليون ۽ مقرريون،اسپتالن ۽ گھرن جا دورا،ڪجھ پئسن جا امدادي چيڪ،سوڳ ملھائي جھڪيل قومي پرچم،اليڪٽرانڪ توڙي پرنٽ ميڊيا تي ڪجھ سوڳ ۽ غم وارا گانا ،ساز ۽ شاعريون،فاتحون توڙي پمفليٽ ۽ٻاريل ميڻ بتيون شايد ۽ ان حادثي ۾ شڪار ٿيلن کي سڪون ۽ آٿت ڏئي سگھن.
ڀلي ڪو به ڪھڙي فرقي ۽ مذھب سان وابسته ڇو نه ھجي پر سڀ کان پھرين ته انسان ٿيو نه؟؟؟؟؟
ماھم سنڌي :-(
No comments:
Post a Comment