Sunday, 10 May 2015

منھنجي ماءُ منھنجو فخر

#May10th    #MothersDay   #LoveUAmi
توکي ڪھڙو نانءُ ڏيان،تنھنجي ڪنھن سان ڀيٽ ڪيان،توکي سجدا ڇو نه ڪيان،او امان ،او امان،او امان

جتي تعريفون کٽي وڃن،جتي پيار جي ڪا انتھا نا رھي،جتي ھڪ انسان ذاتي قربانين کان وٺي جانثاري تائين کن پل ۾ تيار ٿي وڃي،جتي لامشروط ،بي پناھ محبت ۽ خلوص ھجي،جتي خودغرضي،لالچ جي ڪا تِر جيتري به جڳھ نه ھجي،جتي جان ،مال ۽ عزت جو تحفظ ھجي،جتي قلم لکي ٿڪي پون،جتي سوچن جا دائرا وسيع ھوندي به محدود لڳن،جتي دنيا جي علم جا خزانا به کوڪلا لڳن،جتان جي گھرائي سمنڊ به ماپي نه سگھي،جٿ وسيع آسمان  جي ڦھليل چادر توڙي  زمين جي گولائي به گھٽ لڳي.اھو آھي اڻ ٽٽ ماءُ جو رشتو جيڪو سندس ٻار سان ھجي ٿو.
ھڪ ڏينھن کي ماءُ جو ڪري ملھائڻ سراسر نا انصافي آھي .سمورا ڏينھن اسان جيڪر ماءُ جي عظمت ۽ شان کي ڀيٽا ڏيندي گزاريون ته به ھن جي محبت جي پيمائش نه ٿي سگھندي.
اڄ سموري ڪائنات جي سڀ کان وڌيڪ عظيم،اھميت جي حامل،ماءُ جو عالمي ڏينھن آھي.
اُھا ماءُ جنھن جي تعريف نه ڪي ھزارين اڻ ڳڻت لکيل ڪتاب ڪري سگھيا نا ئي ڪي انسان.

منھنجي امي منھنجو فخر ،آبرو،منھنجو پھريون پيار آھي.ان سان مونکي بي انتھا پيار  ۽ لڳاءُ آھي پر لڳي ٿو اھو بنھ گھٽ آھي ان ڀيٽ ۾ جيترو ھو مونسان ٿي ڪري.منھنجي امي دنيا جي سڀ کان بھترين امي آھي.زندگي جي لاھن چاڙھن،ڏکن سُکن ،توڙي بابا جي اڻ مندائتي وڇوڙي باوجود به امي مون لاء مظبوط ڍال ئي رھي آھي.صبح مونکي جلدي اٿارڻ کان رات جو جلدي سمھڻ جي   تلقين ڪندي،سڄي ڏينھن مون ساڻ رھي ٿي.منھنجي گھر پھچڻ ۾ پنج منٽن جي ديري به منھنجي امي جي چھري جو رنگ ڌنڌلو ڪري ڇڏيندي آھي.ڪمزور جسم،ڳورو رنگ،صابرين ۽ ماٺيري منھنجي امي ھر وقت منھنجي منھن تي مرڪ وکيرڻ کي ئي پنھنجو مقصد سمجھي ٿي.
اڄ به دنيا مان جڏھن مايوس ٿيان ٿي،جڏھن به ڪو پنھنجو يا پرائو رنجائي ٿو،جڏھن به ڪو دلي دنياوي ڏک پھچي ٿو،ناڪامين جي ور چڙھان ٿي،ناسمجھي ۾ غلطيون ڪريان ٿي،غصي سبب جلدبازي ۾ فيصلن تي اچان ٿي،لڪي روئان ٿي يا وري ڳوڙھا لڪائي ڪوڙي مرڪ سجايان ٿي ته منھنجي امي پنھنجو سيڪنڊن ۾ چھرو پڙھي وٺي ٿي.زور سان ڀاڪر پائي چميون ڏئي چئي ٿي،تون فڪر نه ڪر ،منھنجي ممتا جو جيستائين تنھنجي مٿان ڇانورو ھوندو تيستائين ڪو به گرم جھولو،طوفان توکي ڇُھي به نه سگھندو.
الله سائين منھنجي پياري امي کي وڏي  حياتي ، صحت ۽ خوشيون ڏجانس.
آئي لو يو امي.ماھم سنڌي.

No comments:

Post a Comment