12 مئي 2007 جڏھن ڪراچي جنگ جو ميدان بڻيو...
پاڪستان جي تاريخ جو ھڪ وڌيڪ ڪارو ڏينھن،جڏھن ڪراچي آڙاھ جي شعلن ۾ جلندي ۽ ڀڙڪندي رھي ....
ڪراچي جي شاھراھ فيصل تي اڄوڪي ڏينھن، 34 ماڻھن جي موت ۽ 140 زخمي ٿيل ماڻھن جي خون سان سرخ رنگ ۾ رنگجي ويئي ھئي. عدليا جي بحالي خاطر ،وڪيل برادري کي خطاب ڪرڻ ۽ احتجاج لاء ڪراچي آيل، اڳوڻو چيف جسٽس آف پاڪستان افتخار محمد چوڌري جڏھن روشنين جي شھر ڪراچي لٿو ته ،ڪاري ڪوٽن وارا وڪيل جيڪي پنھنجن حقن خاطر پنھنجن گھرن جي چائنٺ ٽپي اچي روڊ تي بيٺا ھئا ،سي ويچارا ڇڙواڳ گولين جو کاڄ بڻيا.جديد ھٿيارن جي سڄي ڏينھن کلي عام ائين نمائش ھلندي رھي ڄڻ ڪو ھٿيارن جو نمائشي پروگرام يا ميوزيم ھجي.مختلف سياسي پارٽين جا بيان توڙي الزامات، ڪجھ پيرا ساڳي چيف جسٽس ڏي به کڄيا ته ڪجھ ڪراچي تي قابض بڻيل پارٽي تي به جيڪي پاڻ کي سياسي به سڏرائين ٿيون ته عسڪري ونگ جون به مالڪ آھن ،پر نه ڪجھ ٿي سگھيو ته انھن انساني جانين سان انصاف؟
قانون جي رکوالن جو خون به جتي پاڻي ۾ لوڙھيو ويو ته عام ماڻھو ڪھڙي اميد رکي؟؟؟؟
No comments:
Post a Comment