22/05/2017
انتهاپسندي کي هٿي ڏيندڙ قانون / ماهم سنڌي / ميرپورخاص .
mahamsindhi05@gmail.com
جئين ته اسين ڄاڻون ٿا ته مئي جي آخر ۾ رمضان جو مبارڪ رحمتن ڀريو مهينو شروع ٿيڻ وارو آھي . روزو جيڪو اسلام جو بنيادي رڪنن مان هڪ آھي ، اهو مسلمان ھئڻ ناتي هر صحتمند مرد عورت تي فرض آھي .
پر ڏسو اسانجو ملڪ پاڪستان جنهن ۾ ڪو به قانون اھو سمجهي ناهي لاڳو ڪيو ويندو ته ڪو عوام بااصول زندگي گزاري ، يا ان جي سهائتا ٿئي ۽ ان جي حقن تي ڌاڙو نه لڳي سگهي . پر اتي مذھب جي آڙ ۾ اهڙا قانون پاڻ کي مذھبي عالم سڏائيندڙن جي مشاورت سان جوڙي مڙهيا وڃن ٿا ، جن جو سڌو سنئون مقصد صرف ڪجھ مخصوص طبقي جي فردن جي ڀلائي لاء هجي ٿو ۔ جنهن ۾ اقليتن کي خاص ڪري نشانو بنايو وڃي ٿو ته انهن جي لاء وڌ کان وڏ اهنج پيدا ڪيا وڃن . سڀن جي ڀلائي بدران اھا ڳالھ نظر سامهون رکي ٿي وڃي ته ڪجھ کي فائدو ، باقي گهڻن لاء قانون جي نالي تي مسئلا پيدا ڪيا ويندا . پاڻ کي وڏو مذھب پرست سڏرائيندڙ اڳوڻو ڊڪٽيٽر ضياء الحق 1981ع ۾ پنهنجي حڪومتي عرصي دوران ھڪ بل احترام رمضان آرڊيننس ( Ehtram-e-Ramzan Bill ) جاري ڪيو هو ، جنهن موجب رمضان دوران ڪو به فرد عوامي جڳھين تي ڪا به کاڌي پيتي جي شيءَ واپرائي نٿو سگهي . قانون جي خلاف ورزي ڪرڻ تي کيس ان وقت مطابق 500 روپيه ڏنڊ ڀرڻو پوندو . اھڙي طرح ھوٽلن جي مالڪن تي به سختي سان لاڳو ڪيو ويو ته ھو ڏينهن جي وقت پنهنجو ڪاروبار بند رکن . پر هنيئر ترميم ڪندي 2017 واري بل تي
( Ehtram-e-Ramzan (Amendment) Bill, 2017 )
اهو ڏنڊ 500 مان وڌائي 25 هزار تائين وڌايو ويو آهي . ان سان گڏ جيڪو به کليل جڳھ تي کائيندو يا سگريٽ ڇڪيندو ان کي گڏوگڏ 3 مهينن جي قيد به ڏني ويندي . اگر ان قانون جي نافرماني ٽي وي چئينل ڪندا ته مٿن 5 لک تائين روپين جو ڏنڊ ادا ڪرڻو پوندو .
هاڻي عام ماڻھو جي اک سان ڏسون ته ھتي رھڻ وارا سڀ مسلمان ناهن ، مطلب ته ڪئي ئي ھندو، عيسائي ، سک ، ٻڌمت سميت ٻين ننڍن وڏن مذھبن جا رهاڪو رهن ٿا . ظاهر آھي اُھي پنهنجي مذھب مطابق هلندي روزو نٿا رکي سگهن ۽ انهن کي ته ڏينهن جو لازمي کاڌي جي ضرورت پوندي . اھو ڪهڙي طرح درست آھي ته اسان پنهنجو فرض نڀائيندي روزي دوران ٻين جي به کائڻ پئيڻ تي پابندي لڳايون ، ڇا اھو غلط نه ٿيندو ته پاڻ هڪ روزيدار جي حيثيت سان اسان ٻين کي ڏکيو ڪريون . ٻيو ته پوڙھا ، بزرگ ، بيمار ۽ ننڍا ٻار جيڪي روزو رکڻ جي قابل ڪونه آھن انهن تي به هروڀرو اهو لازم ڪجي ته اوهان ڏينهن جو ڪٿي ٻاهر ڪا شيء نه کائو ۽ ٻاهر ڀلي اڃ ۾ تڙپندا رهو ، پر متان جو پاڻي کي ھٿ لڳايو اٿو ، ڇوته ان سان پاسي وارا روزيدار سڪندا ۽ اوهان تي گناھ پوندو . اگر اسان جو ايمان ايڏو ڪمزور آھي جو ڪنهن کي شربت پئيندي ڏسي يا ماني کائيندي ڏسي ترڪڻ لڳي ٿو ، ۽ اسان جو وات سامهون واري کي ڏسي پاڻي سان ڀرجي اچي ٿو ته پوء ضرورت ئي ڪھڙي آھي روزي رکڻ جي ؟ روزو ته اصل ۾ بکين ، پياسن ، غريبن جو احساس ڪرڻ لاء رکبو آھي ، پر جيڪر اسين شام تائين به پنهنجي ايمان ۽ نيت کي سؤ دفعا ترڪڻ کان بچائڻ ۾ لڳا پيا آھيون ته پوء واريءَ مثل اونچو ٿيل ايمان ڪيستائين ته بيهندو . هاڻي واري ترميم ٿيل بل ۾ سينيٽ جي مذھبي امور واري قائمه ڪميٽي تبديلي آڻيندي وڌيڪ سختي ڪرڻ جو حڪم ڏنو آھي . جنهن سان سراسر مذھب کي غلط رُخ ڏانهن ڇڪڻ جي روش ظاهر پئي ٿئي . ترميم ڪيل قانون موجب جيڪر ڪو غير روزيدار ڏينهن جي وقت ٻاهر پاڻي به پيئي ٿو ته ان کي 3 مهينا جيل جي لوهي سلاخن پويان انهي ڏوھ ۾ گزاراڻا پوندا ته ، ان ٿڌو پاڻي يا شربت يا لسي جو گلاس پيتو .
ڪنهن ليکڪ سچ لکيو هيو ته رمضان دوران حڪومت پاڪستان کي گهرجي ته پاڪستان جي سڄي جھنڊي جو رنگ سائو ڪري ڇڏي ، ڇوته اڇو رنگ اقليتن جي حقوق کي ظاهر ڪري ٿو ۽ ان مقدس مهيني ۾ جنهن ۾ انسانيت جي خدمت ڪرڻ گهرجي ، ان ۾ ٻين مذهبن جي عام حقن تي به راتاھو ھڻي انهن لاء اهڙو سخت قانون ٺاهيو پيو وڃي جنهن سان انهن لاء وڌيڪ مشڪلاتون اينديون . ڇا ان قانون ذريعي اھا ڪوشش پئي ڪئي وڃي ته زبردستي ھر مذھب جي ماڻھن کي اسلام طرف آندو وڃي . پر اسلام ڏنڊي جي زور تي مذهب قبول ڪرائڻ جو ته ڪٿي به ذڪر نٿو ڪري . رمضان جو احترام ڪرڻ اسان سڀني تي فرض آهي پر اسان پاڻ ڀلا ڇو انهي ڳالھ پويان آهيون ته ٻين کي درد پهچايون . رمضان جو احترام ڪندي اسان بي پهچ غريبن جي مدد ڪري سگهون ٿا کين سٺي تعليمات کان آگاھ ڪري سگهون ٿا . اهو پڻ سمجهائي سگهون ٿا ته کاڌي پيتي جي زيان کان پاسو ڪن . صفائي سٿرائي جو خيال رکن . روزيدارن سان سٺو رويو رکن وغيره ...
ٻيو ته سڀ کان وڌيڪ انتهاپسند ڏيک ڏيندڙ پاڪستان ۾ توهين رسالت جو قانون (Blasphemy Law) آھي ، جنهن جي شڪل ايڏي خوفناڪ ترتيب ڏني وئي آهي جنهن سان هر عام انسان پري ڀڄي ٿو . پاڪستان پينل ڪوڊ تحت قانون توهين رسالت جو قانون آندو ويو يا ٻين لفظن ۾ ائين چئون ته اگر ڪنهن فرد کي چند ماڻهو ڪفر جو نالو ڏئي ڇڏين ته اهو سزا جو حقدار ٿي ويندو . ان قانون تحت سوين ماڻهو جن ۾ اقليتي هئا اهي ان ظالم قانون جو کاڄ بڻجندا رهيا . 1990ع کان 2014ع تائين 62 کان وڌيڪ ماڻھن جو قتل ان نام نهاد قانون جو نالو وٺي پڻ ڪيو ويو . 1300 کان وڌيڪ ماڻهو ان دائره ڪار ۾ آڻي گهڻن کي سزائون ڏنيون ويون . پاڪستان جو وجود اسلامي مملڪت جي نالي تي ٺھڻ جي ڪري اتي انتهائي سخت توهين رسالت جا قانون لاڳو ڪيل آهن ، جنهن جو سڌو سنئون مقصد قوم وچ ۾ ويڇا وڌائي فرقيواريت جي باھ ۾ تيل وجهڻ آهي . اها ڳالھ اسين ڇو ٿا نظر انداز ڪريون ته انهيء آئين ۾ موجود آرٽيڪل نمبر 33 ۾ ان ڳالھ تي ڏاڍو زور ڏنل آهي ته انهي قانون جو نالو ڪنهن به فرقيواري ، قبيلائي ۽ ذاتي دشمني جي بنياد تي ڦهليل نفاق کي انجام تائين پهچڻ لاء ڪتب آڻڻ کان سخت منع آهي . عام شهرين کي اهڙن فسادن کان بچڻ ۽ ٻين کي بچائڻ جو پڻ چيل آهي . ڇوته ان قانون جي غلط استمعال سان ڪيترائي مسلمان ۽ ٻيا مولوي غير مسلمن کي ڌمڪائيندي ڪوڙا الزام پڻ لڳائين ٿا . پوري ڄاڻ نه ھئڻ سبب ذاتي دشمني ڪڍڻ لاء به انهي قانون جو ناجائز فائدو گهڻن هنڌن تي ورتو ويو آهي .
ان قانون موجب اگر ڪو به مسلم غير مسلم فرد اسانجي نبي محمد مصطفي صه جي شان ۾ گستاخي ڪري يا گھٽ وڌ ڳالهائي ٿو ته ، ان کي وفاقي شرعي عدالت بنا حساب ڪتاب جي موت جي سزا سڻائيندي ، جنهن تي جلد عمل ڪيو ويندو . اُھي مذھبي عالم جيڪي پاڪستان ۾ انتهاپسندي ڦهلائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا هئا انهن جي نگراني ۾ ان قانون کي آخري شڪل ڏني وئي هئي . جنهن موجب ان جو غلط فائدو کڻندي ڪيترن ئي غير مسلم ماڻھن کي نشانو بڻائي پنهنجي ذاتي ۽ مذهبي آڙ ڪڍڻ لاء فقط ايترا لفظ چيا وڃن ٿا ته ، ان توهين رسالت ڪئي آهي . ان بعد نه داد نه فرياد ، نه معافي نه عرض ، بس ھڪ ٽڪ لڳائي وڃي ٿي ته ان کي موت جي سزا ڏني وڃي . جنهن سبب غير مسلم ان انتهاپسندي واري قانون جي ڪري سخت پريشاني جو شڪار آهن . عجمي نسل جو مجتهد امام ابو حنيفه (نعمان بن ثابت ) جي اصلي حالت ۾ مليل اسلامي قانون ۽ قاعدن جي مجموعي حنفي فقه جي اصولن مطابق ، اگر ڪو فرد سر عام نبي صه جي شان ۾ گستاخي ڪري ٿو پر بعد ۾ پنهنجي گستاخي تي معافي گهري ٿو ته ان کي ڪا سزا ڏيڻ نه گهرجي ۽ ان جي معافي کي قبول ڪرڻ گهرجي . پر نائين صدي جي حنفي فقه جي پوئلڳ امام البزازي بحث ڪندي توهين رسالت جي بابت چيو ته ان ۾ معافي هرگز قبولڻ نه گهرجي . ان جي دليلن کي همٿائيندي ڏکڻ ايشيا جي وڏي اسڪالر امام ابن عابدين پڻ ان ڳالھ جي ڳجھي نموني تائيد ڪندي ھڪ وڏي غلط فهمي پيدا ڪري ورتي ۽ انهن ٻنهي جو ان تي وڏو بحث هليو ۽ بعد ۾ زوري تسليم ڪرايو ويو ته ان قانون ۾ ڪا معافي ناهي ، جيڪا اصل قانون جي بلڪل ابتڙ ڳالھ هئي . انهي غلط فهمي جي بنياد تي پاڪستان اندر ۾ اهو قانون آندو ويو جنهن جو شڪار اڄڪلھ ھر اهو غير مسلم آهي جنهن کي قرآن حديث ۽ رسالت بابت ڪا ذري ڄاڻ نه ناهي . اگر اهي اڻ ڄاڻائي ۾ ڪا غلط ڳالھ ڪريو وڃن ته سڌو انهن لاء موت جا دروزا کوليا وڃن ٿا . اھو قانون جنهن ۾ اڃا تحقيق جي ۽ ڦير گهير جي تمام گھڻي ضرورت آهي ، انهي کي پراڻي غلطين جي بنياد تي لاڳو ڪري اهو ظاهر ڪيو پئي ويو ته ڪنهن غلطي ، گستاخي جي بنياد تي به ڪنهن کي موت جي سزا ڏئي سگهجي ٿي . اهو قانون پاڪستان ۾ سيڪيولر ۽ آزاد ذهن رکندڙ ڌرين طرفان چئلينج به ڪيو پيو وڃي پر افسوس ان مسئلي تي بحث مباحثي لاء ھڪ ئي سوچ جا ماڻهو ويهاريا ٿا وڃن ، جن سڀن جو آخري متن ساڳيو هوندو آهي .
ان قانون جا رکوالا بڻيل انتهاپسند فسادي ذهنن جا مالڪ سر عام ڪنهن کي ماريندي ناهن بخشيندا . پنجاب جو اڳوڻو گورنر سلمان تاثير انهي آڙ ۾ پنهنجي ئي گارڊ ممتاز قادري هٿان قتل ٿي ويو . ان جي آڙ ۾ آيل مسيح برادري سان وابسته آسيه بي بي اڃا تائين آزاد ناهي ٿي . تازو ئي اپريل ۾ عبدالولي خان يونيورسٽي مردان ۾ ھڪ نوجوان مشال خان کي ھڪ هجوم پوليس جي موجودگي ۾ ماري ، ان بعد ان جي لاش گيهلي سروٽن ۽ ڏنڊن سان تذليل ڪندا رهيا ۽ اهي توهين رسالت جي قانون جا رکوالا بڻيل رهيا . انهن جي الزامن موجب ته مشال سماجي رابطن واري ويب سائيٽس تي رسالت جي شان خلاف ڪجھ مواد پوسٽ ڪيو هيو ۔ پر ڏسجي ته مشال جو خاندان الله ۽ نبي صه تي ايمان آڻڻ وارو آهي . پر ڪجھ غلطين ۽ ذاتي توڙي اجتماعي رنجشن سبب مشال جھڙي خوبصورت نوجوان کي هميشه جي لاء بنا ڪنهن مقدمي ۽ سنوائي جي موت جي منهن ۾ ڌڪيو ويو . ڇا اهو سڀ اسلام مذھب جو اصل منطق آهي ؟
عام فهم جي ڳالھ آھي جيڪو قانون قتل وغارت فساد ۽ انتهاپسندي کي ھٿي ڏيئي اهو به ڀلا ڪو قانون ٿيو ؟
وڌيڪ ته ٺھيو پر رڳو پرائمري ڪلاسن جا ڪتاب پڙھڻ سان خبر پوي ٿي ته ڪئين ته مڪي جا ڪافر نبي صلعم تي ظلم ڪندا هئا ، پنهنجا ٻار بڇيندا هئا ، جيڪي پٿر اڇلائيندا هئا ۽ نبي صلعم کي زخمي پڻ ڪري ڇڏيندا هئا . پر اسانجي نبي محمد صه انتقام وٺڻ ۽ انهن جو قتل ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ بدران انهن لاء عام معافي جو اعلان ڪيو هو . ڪئين نه هڪ پوڙهي عورت حضرت محمد صه جي گھٽي تي روز ڪچرو اڇلائيندي هئي ، پر اسانجي نبي جڏھن هڪ ڏينهن ان جڳھ تي ڪچرو نه ڏٺو ته فڪرمند ٿي پيو پوء نيٺ ان عورت کان خيريت دريافت ڪرڻ لاء پاڻ تشريف فرما ٿيو . اسانجي آخري پيغمبر ۽ ان جي آل اولاد جي سيرت ۽ سلوڪ هميشه محبت ڀائيچاري کي فروغ ڏيندڙ آھن پر اڄوڪو پنهنجي پسند مطابق ٺاهيل اسلام جو ڏيک بلڪل ڊيڄاريندڙ بڻجي چڪو آهي .
پاڪستان جو وجود مسلمان قوم جي بنياد تي ٿيو آهي تہ ، ان جو مطلب اهو هرگز ناهي تہ ڪو غير مسلم انسانن جا حق پيرن هيٺيان چپاڙيا وڃن . هتان جي قوم ۽ وڏن منصبن تي ويٺل مذهبي رکوالن کي گهرجي ته اسلام جي اصل شڪل جا قانون لاڳو ڪن جن سان صرف مسلمانن جو نه بلڪه سموري انسان ذات جو ڀلو ٿئي ۽ ڪو به اھڙو قانون اسلام جي نالي تي لاڳو ڪرڻ کان پاسو ڪن جيڪو انتهاپسندي ، فساد ڦھلائي اقليتن جي حقن تي راتاهو هڻي .
No comments:
Post a Comment