Thursday, 15 June 2017

قطر جو حُقو پاڻي بند ڇو ؟ / ماهم سنڌي / ميرپورخاص .

14/06/2017

قطر جو حُقو پاڻي بند ڇو ؟ /  ماهم سنڌي / ميرپورخاص .

mahamsindhi05@gmail.com

بين الاقوامي سياست هڪ اهڙي شطرنج جي راند هوندي آهي جو ، جنهن ۾ هر پاليسي هڪ اهڙي بازي وانگر هوندي آهي جن ۾ ڪيتريون ئي سازشون هڪ وقت جوٽي پيادن کي هڪ هنڌ کان ٻي هنڌ تائين پهچايو ويندو آهي . بازي دوران پيادا هميشه بادشاهن ۽ راڻين طرفان پنهنجي مفاد خاطر محاذ جنگ تي وڙهڻ لاء آندا ويندا آهن . پوء اهي کٽين يا هاراين قربان ٿين يا فتح ماڻين ۔  پر انهن جي سوڀ جو تاج بادشاھ کڻندا ۽ انهن جي هار صرف انهن پيادن جي ئي هار هوندي آهي .  سپر پاور ملڪ آمريڪا ۾ جئين جو صدراتي اليڪشن ٿيا ۽ تنقيد جو خاص نشانو بڻيل  ڊونلڊ ٽرمپ صدر چونڊجي آيو ته ظاهر آهي ان سان اثرات سڄي دنيا تي پوڻا هئا ، جن جي شروعات وڏي پيماني تي ٿي چڪي آهي . آمريڪا اهڙو سپر پاور ملڪ آهي جيڪو پنهنجي مفاد خاطر رياستون ٺهرائي ۽ ڊاهي پٽ پڻ ڪري ڇڏي ٿو . آمريڪا پنهنجي مطلب تي وڏو ڀاءُ به آهي ته دشمن پڻ آهي . صدر چونڊجڻ بعد ٽرمپ سڀ کان وڌيڪ اوليت مسلمان ملڪ  ۽ سندس ها ۾ ها ملائيندڙ سعودي عرب کي ڏيندي 2 هفتا اڳ ان جو دؤرو ڪيو . سعودي جي گادي واري هنڌ رياض ۾ مسلمانن جي سخت مخالف ٽرمپ جي قيادت ۾ اسلامي اتحاد جي ڪانفرنس ٿي . اها ڳالھ پڻ اسين سڀ ڄاڻون ٿا ته انهي ٽرمپ ئي صدر ٿيڻ بعد مسلمانن جي  داخلا تي آمريڪا ۾ پابندي مڙهي ڇڏي هئي . ٽرمپ جي وچ اوڀر ايشيا جي  دوري دوران هڪ طرف ته عالمي پارکو حيرت ۾ وٺجي ويا گڏوگڏ اهو به سمجهي ويا ته اڳيان ٽرمپ به ٽيڙي ئي چال کيڏڻ لاء راند جوٽي رهيو آهي .
ٽرمپ هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو هيو ته “ تازو وچ اوڀر جي دوري دوران جڏهن مون چيو ته انتهاپسندي لاء فنڊنگ جي ڪا گنجائش نٿي ٿي سگهي ته سڀني اڳواڻن قطر ڏانهن اشارو ڪيو ڏٺئو !“  . ان بعد وري ٽرمپ هڪ بيان ۾ چيو ته “ قطر تاريخي طور تي دهشتگردن جي وڏي مالي معاونت پڻ ڪري رهيو آهي . ان کي جلد روڪي . اهو پڻ چيس ته دهشتگردن جي حمايتن کي جلد ختم ڪيو ويو . ان جو سڌو اشارو قطر طرف هيو جنهن پويان ظاهر آهي ايران ئي لاء چيو ويو هيو .“
اندر جي ابليس کي ٻاهر ڪڍي آمريڪا پنهنجي پراڻي اتحادي ملڪ سعودي عرب  ۾ پهتو . سڄي دنيا کي مسلماني جو پاٽ پڙهائي انتهاپسندي طرف ڌڪيندڙ سعودي عرب ۽ ان جي موجوده بادشاھ شاھ سلمان بن عبدالعزيز  جو چهرو ته هڪدم وائکو ٿي پيو جڏهن هو ٽرمپ ،  سندس زال ۽ ڌيءَ سان ايڏي عاجزي طور پيش آيو . جيڪي ڀاشن سعودي طرفان اسلامي ملڪن کي ڏنا ٿا وڃن ته آمريڪا کان پري رهن ان سان اتحاد نه ڪن اُھي سڀ ان جي ٽرمپ سان قرب ڪچهرين  دوران پاڻي ۾ لڙهي ويا . ان دوران اهي جهادي گروپ ۾ خاموش رهيا جن جيڪي پاڻ کي وڏا آمريڪا مخالف ٿا سڏرائين ۽ اڄ به  فخر سان چون ٿا ته نائن اليون واقعي ۾ سعودي شهري پڻ ملوث هيا .

اتان ٿيندي ٽرمپ وچ اوڀر ايشيا جي ٻين ملڪن جا پڻ دورا ڪيا . سعودي عرب ته ٽرمپ جي ها ۾ ها ملائي ان کي روانو ڪري ڇڏيو . سعودي ۾ موجودگي دوران ٽرمپ  سعودي کي ايران سان تعلقات ختم ڪرڻ جو ۽ ان کي هيڻو ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو . حالانڪه سعودي ايران جا شيعه سُني فساد سبب اڳ ئي ڪو تعالق بهتر ناهن رهيا .
پر ٽرمپ جي ٿورن سان اهو شيشو ضرور صاف ٿيو ته  مذهب اسلام جي نالي تي قائم مسلمان رياستن جو پاڻ ۾ ڪيتري قدر اتحاد آهي  . سعودي عرب ان دوري بعد سڌو نشانو ان ملڪ کي بڻايو جنهن جو گهڻو دارومدار سعودي عرب تي هلي ٿو . 2022ع جي فٽبال ورلڊ ڪپ جي ميزباني جو اعزاز حاصل ڪندڙ مسلمان ملڪ قطر سان تازو ئي ڇھ اسلامي ملڪن سعودي عرب ، يمن ،  متحده عرب امارات ، مصر ،  بحرين ۽ ليبيا سفارتي لڳاپا ختم ڪرڻ جو چتاءُ ڏنو آهي .
جنهن جو الزام هڪ هيڪ ٿيل ويب سائيٽ تان ڪجھ معلومات کڻي ان جي بنياد تي لاڳايو ويو آهي . قطر لاء سڀ کان وڌيڪ سنجيدگي جي ڳالھ اها آهي ته ان جي زميني سرحد صرف سعودي عرب سان ملي ٿي جنهن ڪري کاڌخوراڪ جي آمدروفت روزمره جي بنياد تي ٿئي ٿي . قطر 80 سيڪڙو فروٽ ۽ ٻيون شيون امپورٽ ڪري ٿي . سعودي عرب جي سرحد بند ڪرڻ سان قطر ۾ کاڌي پيتي جو سخت بحران پيدا ٿئي پيو بلڪه انهن پابندين بعد قطر ۾ بحران جي شروعات ٿي چڪي آهي  . هن وٽ بحري توڙي هوائي رستو آهي پر ان لاء به جيڪي ملڪ ان کي پنهنجون فضائي حدون پار ڪرڻ کان روڪيندا ، ان سان ان جو ٻين ملڪن سان مفاصلو ٻيڻو ٿي ويندو جنهن ڪري مهانگائي ۾ پڻ اضافو ٿيندو . قطر تي الزام هنيو ويو آهي ته هو دهشتگردن جي حمايت ڪري ٿو ۽ ايران سان پڻ ان جا لاڳاپا برقرار آهن . آمريڪا سعودي عرب جي مدد سان ڪنهن به اسلامي ملڪ کي اسرڻ ناهي ڏيندي . شام توڙي عراق ، يمن  ۾ تباهي بعد ايران ٽيون ملڪ انهي پٽيءَ ۾ اچي پيو . ايران جي موجوده  افرادي قوت ۽ ان جا چئلينج توڙي ترقي ان خطي جي آقا بڻيل ملڪن ملڪن خاص ڪري سعودي عرب ، متحده  عرب امارات لاء ڪنهن به قيمت ۾ قابل قبول ناهي . جنهن ڪري ان خلاف وڏي پيماني تي سازشون جوٽيون ويون آهن . ان وچ ۾ اگر ڪو ايران جو اتحادي ٿئي ٿو يا ان جو پاسو ٿو وٺي ته اهو به ڏوهي سمجهيو وڃي پيو . قطر  ايران جو اتحادي هئڻ سان گڏ هڪ ترقي ڪندڙ ملڪ بڻجندو پيو وڃي . ايندڙ اڌ صدي تائين ان وٽ تيل جا وڏا زخيرا موجود آهن . ان کان سواء صدي تائين جي ان وقت گئس جي پنهنجي موجودگي هوندي . ان حوالي سان اهو ملڪ با اختيار آهي . گڏوگڏ دهشتگردي جو توڙي قدرتي آفتن جي رسڪ کان بچڻ لاء هن  ملڪ  وٽ سڀ وسيلا موجود آهن . قطر جي آبادي بنھ ٿوري 27 لکن تائين جي آهي . قطر جون پنهنجون پروازون قطر ايئرويز نالي سان آهن . گڏوگڏ حماد هوائي اڏي کي دنيا جي ڀلي هوائي اڏي جو خطاب پڻ مليل آهي .
قطر جي ايران جي حق ۾ بيهڻ سان ايران جي پوزيشن ۾ پڻ بهتري ايندي ڇو جو هڪ ترقي يافته ان جي پاسو جهليو بيٺل هوندو .
قطر علم ادب جي حوالي سان پڻ سڀن کان اڳيان اڳيان بيٺل آهي . جيتوڻڪ ٽرمپ جي دوري دوران ان قطر جي امير کي هٿيارن جي فروخت ڪرڻ جو پڻ معاهدو ڪيو ، پر هاٿي جا ڏند کائڻ جا هڪڙا ڏيکارڻ جا ٻيا هجن ٿا .  سعودي عرب جيڪر مڪمل طور زميني سرحد بند ڪري ٿو ته ان جو سڌو اثر قطر جي عوام ۽ ان جي معشيت تي پوندو ،  نتيجي ۾ قطر ۾ بحران ٿيندو . هئينر ته ايران توڙي ترڪي گڏ بيٺل آهن پر اهو اتحاد ڪيستائين هلي  ان بابت ڪجھ چوڻ وقت کان اڳ هوندو . کاڌي پيتي جي بحران بعد ايران امداد طور 5 جهاز قطر پڻ اماڻيا آهن  هر هڪ جهاز ۾ 90 ٽن جو سامان موجود آهي .
قطر تي اهو الزام پڻ آهي ته هو ايراني شيعه نسل وارن جي پڻ حمايت ڪري انهن جي پويان پيو هلي . اهو به چيل آهي ته هي القاعده کي هٿي پيو ڏئي . مشهور ٽي وي چئينل الجزيره جو پڻ خليجي ملڪن پاران بائيڪاٽ ڪيو پيو وڃي . قطر جو امير تميم حماد الثاني ۽ ان جو پيءُ سعودي پاليسين جي مخالفت وڏي عرصي کان ڪندا پيا اچن .
۽ اُهي نه پيا چاهين ڪو سعودي ۽ اماراتي جي اشارن تي پنهنجو پاليسيون ترتيب ڏجن پر گڏوگڏ انهن لاء سعودي جو ساٿ پڻ وڏي اهميت جو حامل آهي . قطر جي حماس ، اخوان المسلمين جي حمايت پڻ سعودي کي چيڙائي وڌو آهي . سعودي سان گڏ بيٺل ٻيا خليجي ملڪ پڻ ان جي اڇي ڪاري ۾ برابر جا حمايتي تي بيٺل آهن . آمريڪا سعودي ۽ ٻيا ان جا اتحادي هڪ طرف اهو مقصد پڻ رکي سگهن پيا ته قطر کي اڪيلو ڪري ان جي سياست ۾ مداخلت ڪريون ۽ ان جي موجوده امير کي هٽائي پنهنجي پسند جي حڪومت ويهاريون جيڪو اسان جي هر حڪم تي لبيڪ چئي .  ٻي طرف مخالفن جو مقصد قطر تي پابنديون وجهي ان کي ايترو سوڙهو ڪرڻ به ٿي سگهي ٿو ته جئين قطر پنهنجي پرڏيهي پاليسي ۾ غورفڪر ڪري ۽ ايران سان پنهنجا مثبت تعلقات ختم ڪري .  ان سان عليحدگي ڪري جئين ايران کي پٺڀرائي ڪندڙ اسلامي ملڪ نه هجي ۽ ايران کي خطي ۾ اڪيلو ڪري ان خلاف اڃا وڌيڪ سازشون جوٽي سگهجن ، جن جو اثر ايران  جي گادي واري هنڌ تهران ۾ پارليامينٽ توڙي انقلابي اڳواڻ امام خميني جي مزار تي حملن جي صورت ۾ پڻ ظاهر ٿي  چڪو آهي .

ڀلي هن وقت قطر تي ڏکيو  ۽ عرب ملڪن اندر  اڪيلائي جو وقت آيل هجي  ، پر  جيڪر قطر  جرت ڏيکاريندي پنهنجي  تيل گئس جي ذخيرن جي مدد سان ۽ يورپي ملڪن سان مدد تحت سعودي کي کُتو جواب ڏئي ان اڳيان جهڪڻ کان انڪار ڪري ٿو ته،  في الحال ان لاء مشڪلاتون ته ٿينديون پر ان سان قطر جو با اختيار هئڻ جو جواب سعودي ۽ ان جي پيءُ آمريڪا ڏانهن هليو ويندو ۽ هو ٻيهر قطر کي يرغمال بڻائڻ کان اڳ ان جي همت ياد ڪندا . ان سان قطر جي ٻين مخالفن ۽ حمايتن ڏي پڻ جواب هليو ويندو ته قطر کو يمن يا شام ناهي جو جنهن مهل چاهي حملو ڪري سگهجي .

No comments:

Post a Comment