11/04/2017
سرگوڌا ۾ ورھائجندڙ جنت جون ٽڪيٽون / ماھم سنڌي / ميرپورخاص .
انسانيت جو جڏھن کان وجود ٿيو آھي ته ان پنھنجي خوف ۽ خواھشن جي پورائي خاطر اھڙا ته طور طريقا ۽ عقيدا اپنايا آھن جيڪي پاڻ انسانيت لاء خطرا بڻجي پيا آھن . جھالت ۽ لاعلمي جي باعث اوائلي دور جا توڙي اڄ جا به انسان لوڙي رھيا آھن . ھڪ طرف با اثر ماڻھن پنھنجي زور آزمائي ۽ چالاڪي سبب پنھنجو ڌاڪو اھڙو ڄمايو آھي جو ھو ماڻھن کي پنھنجي تابع پيا ڪن ، ته ٻي طرف ڪمزور انسانن انھي کي مجبوري ۾ منظور ڪرڻ ئي بھتر سمجھيو آھي . شروع ۾ جڏھن انسان ڌرتي تي آيو ته ڪجھ طاقتور شين کان ڊپ ، ۽ ڪجھ انھن شين کان ڊپ جيڪي سمجھ ۾ نه اينديون ھيون انھن کي انسان پاڻ کان سرس طاقت ور سمجھي پوڄيو آھي . چنڊ سج جو علم نه ھجڻ ، طاقتور جانورن کان ڊڄڻ ۽ بُت ٺاھي پوڄڻ اھي سڀ لاعلمي جو نتيجو ھيا . پر جئين وقت وڌيو ته بااثر ڌرين اھو خوف وڌائي مخصوص فردن تائين محدود ڪيو ۽ اھڙو نظام آندو ويو جنھن ۾ ھڪ غلام ۽ ٻيا آقا سڏجڻ لڳا . جنھن سان اٻوجھ ۽ ھيڻين ۾ اھو يقين ويھاريو ويو ته جيڪر اسانجي ھيٺ ٿي ڪري حڪمن جي پورائي ڪندؤ ته سمجھيو توھانجو ڇوٽڪارو آھي . اڄڪلھ ته ڪاري علم ۾ ملوث جعلي ڀوپن ، مولوين ۽ پادرين جو اھڙو ته راڄ آھي جو اُھي غلط ۽ حرام تي ٻڌل عمل ڪرڻ ۾ ڪيٻائڻ بدران انھي کي پنھنجو ڌنڌو بڻائي ڇڏيو آھي .
جنت دوزخ جا فيصلا ڪرڻ جو اختيار صرف خدا جي واحد ذات کي آھي پر طاقتور شيطان جيڪي اڄڪلھ انساني روپ ڌاري گُمھي ڦري رھيا آھن اُھي جنت جون ٽڪيٽون ورھائڻ جو پڻ واعدو ڪن ٿا .
2 اپريل تي پنجاب جي ضلعي سرگوڌا ۾ چڪ 95 شمالي ڳوٺ ۾ ، درٻار محمد علي گجر جي مقبري تي ان جي رکوالي ڪندڙ ھڪ 50 ساله شخص عبدالوحيد ، جيڪو پاڻ کي وڏو پُھتل الله وارو سڏرائيندو ھيو ان سر عام ماڻھن کي نشا ڏئي انھن تي لٺين ۽ چاقن جا پنھنجي چار ساٿين سان گڏجي بي رحماڻا وار ڪيا، جن ۾ 4 عورتن سميت 20 ماڻھو چچرجي مارجي ويا . مرندڙن ۾ درگاھ جي اڳوڻي پير محمد علي جو پٽ آصف به ھيو .
مجرم جي بيان موجب اھي ماڻھو جيڪي ان جعلي ۽ خُوني پير تي انڌو اعتماد ڪندا ھئا سي ان کي سازش تحت مارڻ لاء آيا پئي جيڪو نسورو ڪوڙ لڳي پيو . ان درندي صفت ماڻھو جو ڏيک به ڄڻ ائين ھو جو ڏسڻ سان ان جي وحشت ۽ ظلم جو اندازو ڪري سگھجي پيو . ان مجرم کي علائقائي پوليس سندس ٽي ساٿين محمد آصف ، ظفر علي ۽ ڪاشف سميت حراست ۾ ورتو . پوليس موجب وڌيڪ دير ٿئي ھا ته حلاڪتون اڃا وڌيل ھجن ھا . زخمين مان ھڪ زخمي موجب ته اسانکي فون ڪري گھرايو ويو ھيو ۽ اھا درگاھ قائم ٿئي ٻه سال مس ٿيا آھن . ھڪ ٻي زخمي موجب ته جئين آياسين ته پڇيو ويو ته پاڻي پئيندا ؟ جئين پاڻي پيتو ته مٿو چڪرائجڻ لڳو ۽ نيم بيھوشي ۾ ڏاڍو ماريو ويو ۽ ڪنھن جو آواز آيو ته ھي مَري چڪو آھي ، تڏھن مونکي مُئل سمجھي اتي ڦٽي ڪري جوبدار ھليا ويا . مقامي رھواسين سبب اھو درندو صفت مرُشد مريدن کي ڪپڙن کان آجو ڪري باھ ڏيندو ھو ۽ مار ڪُٽ ڪندو ھو . پڇڻ تي دعويٰ ڪري چوندو ھيو ته ان سان اوھان جسماني طرح پاڪ ٿيندا ۽ ڏوھ ڇڻندا جنھن سان خدا راضي ٿيندو . پر سوچو ته ھڪ گندو انسان ۽ گندگي سان ڀريل انسان ڪئين ته ڪنھن کي پاڪيزه ڪري سگھندو ، سو به اھڙي اخلاق کان ڪريل طريقي سان جنھن جو قرآن ۽ سنت ۾ سختي سان منع آھي .
عبدالوحيد جي پراڻو لاھور وارو گھر جنھن مان ھو واقعو ڪرڻ کان اڳ فرار ٿي ويو ھيو ، اتي جي رھواسين موجب ھي شخص محفلون رچائيندو ھو ۽ ان جي اڏي تي ھميشه رول ۽ اخلاق کان لٿل ماڻھو شريڪ ٿيندا ھئا . ھن شخص ۾ ڪا به اھڙي صفت نه ھئي جو لڳي ته ڪنھن درگاھ جي گادي سنڀالي ڪو چڱا ڪم ڪندو ھوندو .
پنجاب صوبي اندر اھڙا ڪئي ئي واقعا ۽ پيرن فقيرن جي نالي تي درندن جون خبرون نجي ٽي وي چئنيلز تي رپورٽ ٿينديون رھن ٿيون . جن ۾ ماڻھو انھن درندن اڳيان يرغمال ٿي غلامي ڪري رھيا ھوندا آھن . گڏوگڏ اھي جعلي پير خاص ڪري عورتن تي بُري نظر رکي انھن جي عزت آبرو جو ڪو ذرو خيال ناھن ڪندا . ظاھري ڏيکاءُ ۾ تسبيح جو ورد جاري رکندڙ اھڙا وحشي انسان ماڻھن کي رڳو ايذائي رھيا ھوندا آھن گڏوگڏ پئسن جي ڦُر ڦُران لڳي پئي ھوندي آھي . علم جي روشني کان ۽ ھن جھان جي مالڪ رب جيڪو رحمن رحيم آھي ان جي اعلي ذات کان مايوس ٿي ڪجھ ماڻھو انسان نامي شيطانن جي ڪوڙيئري واري چنبي ۾ ڦاسي ڪري انھن جي ڄار ۾ وڪوڙجي ويندا آھن . اھي جعلي پير ڪڏھن به اوھانکي ڪنھن جائز ، حلال ۽ پاڪيزه عمل جو ڏس ناھن ڏيندا . نماز جي پابندي ، قران پاڪ جي تلاوت تي ايڏو زور ئي نه ڏيندا بلڪه انھي عمل کان پري ڀڄائي غلط راھ تي ھلڻ تي مجبور ڪري رھيا ھوندا آھن . اھي جعلي پير قبرستانن تي وقت گزاري حرام جانورن کي قربان ڪري ، ڪڏھن مٿي جا وار ته ڪڏھن ڪپڙا چورائي ، ان تي ڪارو علم پيا ڪندا آھن جيڪو ڪرڻ وڏو ڏوھ آھي . اھڙا جعلي پير ڪنھن کي نقصان ڏيڻ ۽ ڪنھن کي جان سان مارڻ جا مڪمل وعده ڪري صرف نقصان ئي پھچائين ٿا . پاڻ ائين چوندا ته دشمن کي مارڻ چاھيو ته فلاڻو عمل ڪيو ؟ ڇا ائين ڪري اسين پاڻ خوني نه ٿي وينداسين ؟ جنھنن اھڙن جعلي پيرن وٽ پھرين حاضري ڏني سمجھو انھن جي قبضي ۾ اچي ويو . اڄڪلھ انھن جو ڪاروبار سرعام زور شور سان جاري آھي . جنھن سان اھو ظاھر ٿئي ٿو ته ماڻھن ۾ مايوسي سبب ڪيڏي جھالت آھي . اھي جعلي بابا جيڪي اوھان جي عزت ۽ آبرو جا ليڪا لتاڙي وڃن ، جيڪي جن ڀوت ڪڍڻ بھاني اوھانسان غير انساني رويو رکن ، جيڪي اوھانجي معصوم ٻارن کي بيماري ڪڍڻ جو چئي تشدد ڪندا رھن اھي ڪھڙي طرح ته اوھانجو ڪجھ ڀلو ڪري سگھندا ؟ پئسا توڙي سونا زيور نذرانو سمجھي ڦريندڙ اھڙا شخص ڪئين ته اسانجا مسئلا حل ڪري سگھندا جنھنن کي حل ڪرڻ بجاء اسان ٻين جا غلام پيا ٿيون ؟
اھو انھن جعلي پيرن کان وڌيڪ ڏوھ اسانجو آھي ته رب پاڪ جي عظيم ذات جي رحمت کان پاسو ڦيري ، اسان جاھلن جي ور چڙھيو وڃو ٿا جيڪي ڪجھ ڏيڻ بدران اسانکي کوکلو ڪري ٿا ڇڏين . جعلي پيرن جي ور چڙھي انھن جي ھر بُري عمل جي تائيد ڪرڻ ھڪ ڳنڀر نفسياتي بيماري آھي . اسان پنھنجي نفس کي ايڏو بي قابو ڪري ڇڏيو آھي جو ڪنھن بيماري ڪنھن مسئلي جي حل لاء اسان ان جو حل ڳولھي لھڻ تي زور ڏيڻ بجاء ، انھن وٽ پيش پئون ٿا جيڪي پاڻ کي ھن دنيا جو خدا سمجھي اھو فيصلو به ڪري ڇڏين ٿا ته اسانجي لاء برو ڀلو ڇا آھي ۽ اسين جنتي آھيون يا دوزخي ؟ انھن جي نظر ۾ جيترا به بُرا ھجون پر انھن جي پوئيواري ڪيون ته اسانجي جنت ، حورون توڙي غلطان پڪا . انھن جعلي پيرن جا جن ۾ ھندو ، مسيح ۽ مُلا ھجن ٿا تنھنن جا اشتھار پڻ ٽي وي تي ۽ اخبارن رسالن ۾ ملن ٿا جنھن ۾ اھڙيون ئي دعوائون ڪيون وڃن ٿيون جيڪي ڪاري علم سان ئي ممڪن بڻجي سگھجن ٿيون .
مون پاڻ نوٽ ڪيو آھي ته اڪثر ڪري جيڪي به عورتون بيماري ۾ وڪوڙبيون ، يا بي اولادي ، بي روزگاري سبب جعلي پيرن جو رُخ ڪنديون آھن ته ، اھي پھريون ئي حساب لڳائي اھو چوندا ته اوھان تي ڪو پنھنجو قريبي رشتيدار ڪارو علم ڪري پيو ۽ اوھانکا خوشيون کسي پيو . بنا ڪو نالو کڻي ھو پھريون ڪم اھو ڪندا آھن ته اسانکي پنھنجي ئي گھر ڀاتين ۽ ويجھي مائٽن بابت شڪ ۾ وجھي ڇڏين ٿا ، جنھن تي ترت اسانجو دماغ ابتا سبتا اندازه پيو لڳائيندو ته فلاڻو يا فلاڻي مونسان ساڙ کائي ٿي پڪ سان اھا ئي ھوندي . مطلب ته الله ھو الله ھو جو ورد جاري رکندڙ جعلي پير بابا اسانکي شروع ۾ ئي نفعرت ۽ حسد ۾ مبتلا ڪن ٿا . ٻي ڳالھ ته اولاد نه ٿيڻ ڪا جسماني بيماري به ٿي سگھي ٿي جنھن جو علاج ڪرائي سگھجي پيو . بي روزگاري دوران اسانکي نوڪري جعلي پير ته نه ڏيندا ان لاء اسانکي ھٿ پير لازمي ھڻڻا پوندا . بيشڪ اسين مسلمان قراني نسخن تي پورو يقين رکون ٿا ۽ رکڻ به گھرجي ، پر اسين اندر جھاتي پايون ته سڄو ڏينھن قران کڻي نه ڏسندڙ اسانجا عقيدا انھي جعلي پيرن جي ڳالھين تي ڇو اڀري ايندا آھن جيڪي الله ۽ نبي صه جي نالي تي ڦُرلٽ مچايو ويٺا ھوندا آھن . اھو ڪئين ته ٿيندو ته ڪنھن به بيماري جي تشخيص بعد اسان ان جو صحيح علاج ڪرڻ بدران اھڙن جعلي ڀوپن جا چڪر ڪاٽيون جيڪي اسانکي ڏنڀ ڏيندا رھن ، عزت نيلام ڪندا رھن ۽ جسماني تشدد ڪندا رھن .
ھندو ۽ بنگالين ۾ به اھو رواج عام جام آھي . جڏھن ڪا به دماغي ، نفسياتي يا کڻي جسماني بيماري ھوندي ته سڌو ڀوپن ۽ پنڊتن جو رخ ڪندا ۔ اھي ھڪدم چوندا ته ان تي ڪنھن ڀٽڪيل روح يا ڀوت جو سايو آھي . اھي ھڪدم ئي مريض کي ايذاء توڙي ڏنڀ ڏئي ڏئي اڌ مئو ڪري ڇڏيندا اگر ان دوران ھن جي جان وئي به ھلي ته به چوندا ڀوت جو ان تي پورو قبضو ھو جيڪو ان کي کائي ويو . اسين عقل جا انڌا انھن جي ڳالھين تي اعتبار ڪري انھن جي مڪاري قبولي وٺندا آھيون . نتيجو اُھو ئي ٿو نڪري جيڪو ھنئير سرگودھا ۾ ٿيو يا اھڙا واقعا جيڪي ميڊيا تي اچي ئي ناھن سگھندا .
حيرت جي حد اھا به آھي ته ان خوني واقعي بعد جنھن گھر جا وڌيڪ ڀاتي قتل ٿيا ھئا ۽ ان سان گڏ ٻين مقتولن جا وارث مجال آھي جو چپ چورين . اھڙي طرح ته جزباتي بنيادن تي ھو يرغمال آھن جو انھن اھڙو خاموشي جو روزو رکيو جو ڪنھن ٻڙڪ ٻاھر نه ڪڍي . ايڏي وڏي واردات بعد به سواء زخمين جي ٻي ڪنھن به نفعرت ڀري ٻاڦ ڪڍڻ جي جُرت نه ڪئي . جنھن سان اھو چٽو ٿو ٿئي ته ھو ڪيتري قدر انڌن عقيدن سبب ھڪ مٽي جي پُتلي کي مڃي ان جي غلامي ڪري رھيا آھن ۔ اگر انھن جو اڌ يقين به رب جي ھستي تي ھجي ھا ته ايڏو انڌو عقيدو دل ۾ نه پالين ھا . انھن جي اھڙي بي وسي ۽ جاھلت ڏسي ھڪ طرف ته انھن جي لاء آواز اٿارڻ تي دل دانھون ٿو ڪري ٻي طرف ظلم خلاف انھن جي خاموش رضامندي ڏسي اھا به سوچ اچي ٿي ته انھن جي مرشد عبدالوحيد درست ڪيو . ھو پاڻ کي مھان ھستي سڏائي انھن سامھون پاڻ کي اھڙو معتبر مرشد بڻائي چڪو آھي جيڪو مريدن جا گناھ گھٽائي مارڪُٽ ۽ خون ڪري نيڪيون عطا ڪري جنت جو ٽڪيٽون به ورھائي ٿو . تنھنڪري ان کان ٽڪيٽن جي وصولي ضرور ڪن چاھي موت ئي ڇو نه ملي .
Daily appeal and daily Sarwan Published it .
No comments:
Post a Comment