Thursday, 15 June 2017

نورين ڏي نياپو / ماھم سنڌي / ميرپورخاص .

10/05/2017

نورين ڏي نياپو / ماھم سنڌي / ميرپورخاص .

mahamsindhi05@gmail.com

ڀيڻ نورين (حقيقت ۾ توھانکي ڀيڻ چوڻ تي دل ذرو به نه پئي چوي ) ، تون چڱي طرح ڄاڻيندي آهين ته اسان جي سنڌو ماٿري جي تهذيب 5 ھزار ساله شاندار  سڌريل تاريخ رکي ٿي جنھن مان سدائين امن جا پرچارڪ صوفي بزرگ جنم وٺندا پيا اچن . سنڌوماٿري جي تهذيب اسانکي صفائي سٿرائي سان رهڻ ۽ سليقي سان زندگي گزارڻ جو ڏانءُ ڏنو آهي . ٿر جي وارياسي کان وٺي ڪراچي جي صنعتي علائقي تائين ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين ڦهليل اسانجي سنڌ ڌرتي فرقيورايت جي باھ کي هميشه ٿڌو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي .  نورين توکي خبر ھوندي ته سنڌ ھميشه امن پرستي ،  رواداري ۽ سهپ کي ئي فروغ ڏنو آھي . سنڌي ايترا مهمان نواز ۽ محبت ڪندڙ آھن جو هر ايندڙ کي دل ۾ جايون ڏئي خوب خدمت ڪندا آھن ۽ وڃڻ تي انھن کي اجرڪ ، لوئيون ڍڪي  مانائتو ڪندا آھن . نورين پڪ سان توکي خبر ھوندي ته اسانجي سنڌ ڌرتي جي محبت ،  پيار ،  خوشحالي ، ڀائيچاري ،  رواداري ، اھنسا جي ايڏي ھاڪ ھوندي ھئي جو ان  بابت ئي انسانيت جي علمبردار  آخري پيغمبر حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه واله وسلم جن چيو ھيو ته “ سنڌ طرف کان کيس ٿڌي ھوا ٿي لڳي ۽ بھشت جي دريائن مان سنڌو درياھ به ھڪ ھو . “  نورين توکي پڪ سان اھا ڄاڻ ھوندي ته سنڌي قوم ھر مذھبي انتهاپسندي ۽ مذھبي جنون کان پاڪ ٿي ڪري ھر مذھب کي اھميت ڏئي ملھائي ٿي . نورين تو لازمي ڏٺو به ھوندو ته سنڌ جا مسلمان ڪئين ھولي ڏياري ملھائين ٿا ۽ ڪئين هتي جا ھندو عيدن تي ٿا خوش ٿين . ۽ ڪئين ھندو مسلمان  ڪرسمس تي گڏ ڪيڪ ڪٽين ٿا . ھتي جي مٽي اھڙي آھي جو  جنم وٺندڙ  انسانيت کي محبت ۽ رواداري جو درس ڏئي ٿي  .  اسان وٽ جيڪي صوفي بزرگ ، جيڪي سياسي رهبر آيا آهن  تن صرف ۽ صرف اھو سمجھايو ته ھر قسم جي انتھاپسندي کي پاسيرو رکي پيار ، اخوت ۽ ٻڌي جي گُڻن کي اپنايو .   نورين تو پڪ سان شاھ عبدالطيف ڀٽائي ضرور پڙھيو ھوندو . تون صرف سر ڪلياڻ ۽ يمن ڪلياڻ ئي پڙھيو ھوندو ته سمجھين وئي ھوندي ته ان جو پيغام ڪھڙو ھو ؟  ڇا شاھ  جي رسالي ۾  سُر مارئي تي اک به ڪڏهن  وڌئي ؟ اُھا  مارئي به ھڪ عورت ڪنواري ڇوڪري ھئي ، جنھن پنھنجي مٽيءَ ، پنھنجي وطن ۽ پنھنجي ماروئڙن خاطر پنھنجا ارادا دولت اڳيان ۽ عمر بادشاھ اڳيان مظبوط رکيا . عمر سومرو ته ھوند سڀ سُک ڏيڻ لاء راضي ھيو ، سونا زيور ، آرامده بسترا ، بخمل جا ڪالين ،  لذيذ طعام ، شاھ سواريون مطلب ته مارئي جيڪر قبولي وٺي ھا ته وڌيڪ آرامده زندگي گزاري سگھي  پئي ،  پر مارئي دولت شھرت ۽ سُک جي نه پر پنھنجي وطن جي محبت دل ۾ سانڍي امرتا ماڻي  . ھن نيٺ تائين پنھنجي وطن سان   وفاداري ڪندي لوئي نه لڄائي ۽ اڻڀي وارن ،  ميرن پراڻن ڦاٽل ڪپڙن سان پنھنجي جنگ کٽي آئي . ھن جي ايڏي بھادري ۽ پنھنجي وطن سان وفاداري اڄ تائين پئي ڳائجي . سچل سرمست کي پڙھي سمجھڻ  جي ڪا ڪوشش ڪئيي ، جيڪو ھر ھر چوي پيو مذھبن ملڪن ۾ ماڻھو منجھايا . سچل سرمست پنھنجي شاعري ذريعي ڪيئن نه  اسانکي اھو وچ وارو رستو ڏيکاري ويو ته ،  جئين اسين ھٿ ٺوڪي ٺاھيل انھي مذھب جي وچ ۾ نه ڦاسون جنھن ۾ خدا جو ڏنل پيغام پنھنجي اصلي حالت ۾ موجود نه آھي . سچل سمجهايو ته ڪئين ڪجھ ماڻهو مذهب کي غلط استمعال ۾ آڻين پيا ۽ ان ذريعي جبر کي هٿي پيا وٺرائين .
نورين ڇو ته تو اسانجي صوفي شاعرن جي ڏنل سمجهاڻين مان ذرو به نه ڄاتو جيڪي اسانجا اصل اثاثا آهن .
نورين تنھنجي تي علم ۾ لازمي ھوندو ته  18 صدي جي شروعات ۾ وفات ڪندڙ حمل فقير لغاري ڪيڏو نه سنڌ جو وڏو سنڌي ۽ سرائيڪي شاعر ھيو  . ان جي شاعري کي اڄ به اسان پڙھون ٿا ، جنھن عشق ۽ محبت جي موضوع تي خوب ڳالھايو . تو ڪٿي ان کي لڄي ڪرڻ ته نه پئي چاھيو ؟ بدين ضلعي سان تعلق رکندڙ خليفو نبي بخش لغاري به 17 کان 18 صدي تائين پنھنجي ڪلاسيڪي شاعري ذريعي ڪيڏو نه سنڌين کي پاڻ تي فخر ڪرايو . ان ته شاعري ذريعي قومي سرويچن کي ڀيٽا ڏني سندن گُڻ ڳايا ،  توکي ڇو ڀلا ان جو ننگ نه پيو ؟ نورين تنھنجي دھشت جي پاڻي سان نپوڙيل ذھن اڳيان اھو ورجائيندي ھلان ته 1917ع ۾ جنم وٺندڙ ڊاڪٽر نبي بخش لغاري بلوچ جيڪو سانگھڙ واسي ھيو ،  ان ڪيڏو نه پنھنجي فن کي استمعال ڪندي  ، وڏو محقق ۽ اديب بڻيو جنھن لسانيات ۾ سنڌي ٻولي کي زور وٺرايو . ان پنھنجي محنت سان شاھ لطيف جي رسالي جو ترجمو لکيو ،  ھن سنڌي ادب سنڌي تاريخ ، ثقافت ۽ آثار قديمه تي پنھنجي وقت ۾ وڏي جاکوڙ ڪئي . نورين تو استاد بخاري جو نالو ٻڌو آهي جنهن مٺي ٻولي سرائيڪي ۾ وڻندڙ  شاعري ڪري سنڌ جي حقن لاء آواز اٿاريو آهي . تون به ته سرائيڪي ٻولي ڳالهائيندڙ آھين نه ته پوء ڇو تو ان ٻولي جي مٺاس جي قدر نه ڪئي . نورين تو ميرپورخاص جي ڀلوڙ شاعره گلشن لغاري ۽ ليکڪه امر سنڌو (سلمي لغاري ) جي سنڌي ٻولي ۾ ادبي سرگرمين کي ته ڏٺو ئي هوندئي  تو انهن مان ڀلا ڇو ڪجھ نه سکيو ؟  نورين ڏس تنھنجي ذات وارن ئي سنڌ جي ڪيڏي سچي جذبي سان خدمت ڪئي آھي  جيڪا صدين تائين پئي ڳائبي .

نورين  اھو ھرگز نه سمجھجان ته تو ھڪ جي گناھ سبب ڪو اسين سنڌ واسي سڀ تنھنجي نظريي ھيٺ پرکيا وينداسين . سنڌ جي نمائندگي ڪو ھڪ راھ ڀٽڪيل نه ، بلڪه اھي ساڃاھ وند ۽ سچا سپوت ڪن پيا جن لاء سنڌ ماءُ مثل آھي . جنھنن وٽ قوت برداشت ،  صبر  ، عدم تشدد جي روايت آھي . تو ھڪ جي دشمنن سان ملڻ  ۽ ھنسا کي فروغ ڏيڻ سان سنڌ سموري تي ڪو داغ لڳو به ته سنڌ جون ھزارين  محب وطن ناريون اهو ڌوئڻ جي سگھ رکن ٿيون . ڇوته سنڌ جا سنڌي انھن کي ڌڪاري ڇڏين جيڪي غداري ڪن ٿا ،  جيڪي ويڙھ تشدد ۽ ھنسا جا مائٽ بڻجن ٿا . سنڌ پنھنجي بهادر نياڻين کي فخر سان ڳلي لڳائي ٿي پر تون انهي قطار ۾ ڪٿي به ڪونه آهين .

نورين ميڊيا وارا سڀ ٻڌائين پيا ته تون لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشورو (لمس ) ۾ ٻي سال جي شاگردياڻي  آھين . ھي اھا ئي يونيورسٽي آھي نه جٿان نوجوان شاگرد شاگردياڻيون  قابل ڊاڪٽر بڻجي نڪرنديون آھن . مون ته ھميشه اھو ٻڌو آھي ته ڊاڪٽري مسيحائي پيشو آھي . ڇوته اھو مسيحا بڻجڻ کان گھٽ ڪونھي ته اوھان ڪنھنجي تڪليف ، درد ، سور پيڙا ۾ ڪنھنجي واھر ڪري ان جو علاج ڪريو . جيتري تائين مونکي سمجھ آھي ته ڊاڪٽري جي پڙھائي لاء اسان جا وڏا استاد اسانکي صرف اھو پڙھائين به ٿا ، تجربا به ڪرائين ٿا ته ڪيئن ھن ڌرتي تي رھندڙ بيمارن جو علاج ڪجي . جيستائين مان سمجھان ٿي نورين توکي ته اھو سيکاريو ويو ھوندو ته ڪيئن ڪنھن جسماني بيماري جي چڪاس ڪري علاج ڪبو آھي . نورين جيڪر تون دل جي اسپيلشسٽ ٿي پئين ھا ته ڪيترا ئي مريض تو وٽ دل جون تڪليفون کڻي حاضر ٿين ھا . تون اکين جي اسپيشلسٽ ٿي پوين ھا ته هوند  ڪئي  ئي اکين جا مرض کڻي ھلندڙ تنھنجي مدد سان ڪجھ سولا ٿي پون ھا. ڪيترائي ئي نابينا ٿيڻ کان بچي پون ها ۽ سنڌ جا ست رنگ پنهنجي اکين سان پسي سگهن ها . ناڄاڻ ڪيترا ئي اھڙا بيمار ھجن ھا جن کي شفا تنھنجي ھٿن مان ملي ھا  ۽ دل ئي دل ۾ توکي کوڙ ساريون دعائون ڏين ھا ۽ چون ها ،  ڊاڪٽر نورين لغاري ڏاڍي سٺي ڊاڪٽرياڻي آھي سندس ھٿ ۾ شفا آھي .تون دعائن بدران پٽن پاراتن جو رستو ڇو ورتو ؟ تون ڊاڪٽر ٿي علاج ڪرڻ نه پئي چاھيو ته گھٽ ۾ گھٽ اھو طريقو ته نه اپنائين ھا . تو ڇو ائين چاھيو ته عام  ماڻھن  کان انھن جا پيارا کسي انھن کي نه ڀرجندڙ زخم ڏجن جيڪي سڄي حياتي ھو عذاب سان گزاريندا رھن .  نورين تو مسيحائي پيشو چونڊي ان جو مزاڪ ڇا لاء اڏايو ؟ ته ان سان سنڌياڻيون ڊاڪٽر بڻجڻ ڇڏي ڏينديون يا وري ان سان لمس يونيورسٽي ويراني جو ڏيک ڏيندي ؟ اھا ته وڏي ڀُل ھئي تنھنجي ته تون مظلومن کي مارڻ جي راھ اپنائيندي ته ٻيون به تو جيان . . .

نورين تو اُھي وڊيوز ڏٺيون ھيون جيڪي پشاور آرمي پبلڪ اسڪول ۾ حملي بعد جاري ٿيون ھيون . ڪيئين نه  بي گناھ معصوم ٻارڙا ۽ نئي جواني کي ويلڪم ڪندڙ شاگرد رت ۾ وھنجاريا ويا ھئا . ڇا تنهنجي نظر ۾ اھي صاف يونيفارم ۾ ملبوس پتڪڙن ذهنن  وارا ٻار ڏوهي هئا   ؟ نوراني شاھ جي درگاھ تي بم ڌماڪن سان غريب ۽ حاجتون کڻي ايندڙ مظلومن کان حياتي کسي وئي . ڇا انهن جون  منتون تنهنجي نظر ۾ ڪفر هيون ؟ سنڌ جي سيوھڻ ۾ قلندر جي ڌرتي کي رت سان غسل ڏنو ويو . ۽ پڪ سان  اھا تصوير ڏٺي  ھوندئي  جنھن ۾ ھڪ صغير ٻار جي فيڊر تي رت جا داغ لڳا پيا ھئا . توکي اھو سڀ ڏسي اھي قھر ڪندڙن سان آخر ھمدردي ٿي به ته ڪئين ٿي ؟ همدردي ته پري پر تون يزيد صفت ماڻھن مان متاثر ٿي پئين . اول ۽ آخر ظلم ۽ جبر وارن لاء ته جئيري مُئي عذاب لکيل آھن .  تون ڇو انھن عيسائين کي ايسٽر ڏھاڙي تي مارڻ پئي گھريو ؟ ڇا انھن توکي تنھنجي فيملي کي ڪو نقصان پھچايو ھيو ؟ ھو ته پنھنجي مذھب مطابق ھلي رھيا ھئا ته پوء توکي ڪھڙي ٿي تڪليف .؟ اسلام مذھب ۾ ڪنھن کي زبردستي شامل ڪرڻ جو ته ڪٿي ناھي چيل پوء ڇو ته تون انھن جي گروپ ۾ شامل ٿئين ،  جيڪي  لا اله الله محمد رسول الله جي مقدس ڪلمي ھيٺيان ظلم جي انتها ڪري ٿا ڇڏين . انھن داعشي درندن ته شام ملڪ ۾ پنھنجي بربريت قائم ڪرڻ لاء عام انسانن تي   بيان نه ڪرڻ جھڙا ظلم ڪيا آھن . انھن عراق جي عوام کي نه بخشيو . انھن ته فرعون ۽ نمرود کي به شڪست ڏني آھي . پوء به تون انھن جي قائل ٿي انھن ڏي رواني ٿي وئين . جن وٽ نه عورت ذات جو احترام آۡهي نه اھي کير پياڪ ٻارن تي ڪو رحم ڪن ٿا .

نورين تون 10 فيبروري کان جيئن سنڌ جي سرزمين کان موڪلايو آهي تڏھن کان سمجھ سنڌ به تنهنجي وارثي ڪرڻ ڇڏي ڏني آهي . نورين تو  ملڪ شام پهچي وڏا اعلان ڪيا ته تون خلافت جي سرزمين تي پهچي پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي وئي آهين ، مطلب تو انهي ظلم ۾ شامل به ٿي وئي آهين جيڪي هڪ انسان ۾ شيطاني صفتون ظاهر ڪن ٿا . تنهنجو بابا عبدالجبار لغاري سچ پچ ته تنهنجي دهشتگردي ۽ تشدد کي فروغ ڏيندڙ ارادن ۽ ذھني سوچ تي سنڌ سونهاري اڳيان معياري ٿيندو هوندو . نورين جيڪر هاڻي تون واپسي جي راھ به وٺين ته به تنهنجا اهي ڪلور اسانکان ڪين وسرندا . نورين تنهنجي ته چهري مان سنڌي ھئڻ جو نُور اڀرڻ گھربو هيو پر تو پنھنجي اھا راھ وٺي سنڌ کان پنھنجيون راھون ھميشه لاء جدا ڪري ورتيون آھن . نورين تون ڪنهن به شعبي ۾ سنڌ جي خدمت ڪرين ها ، جيڪر انسانيت جي ھڏڏوکي ٿي پئين ها ته تون سچ پچ ته ڪا سنڌ جي سورمي ، ڪا سنڌ جي بهادر نياڻي ، ڪا سنڌ جي سگهڙ عورت ٿي پوين ها ۽ تون صدين تائين پئي سنڌين جا   سرخ سلام جهلين ها . نورين هاڻ جيڪر واپسي به ڪرين پئين ته اهو بي معني ۽ غير اهم  ۽ ڪريل مزاڪ چئبو . تنهنجو هنسا جي فروغ لاء پڙھايل ذهن ڪنهن مهل به اٿل کائي پنهنجي غلط عمل طرف اچي سگهي ٿو . تون پنهنجي مڪروھ مقصد ۾ ناڪامي کي پنهنجو پڇتاو ظاهر نه ڪر . توکي سنڌ هاڻ ڪئين ته ڀاڪر ۾ ڀريندي جنهن جي دامن مان داعشي بوء اچڻ لڳي آھي . ڇا خبر ڪٿي ۽ ڪهڙي تنهنجي قدم ڪنهن انسان کي ڪيترو ڏک ڏنو هوندو ؟  نورين اهو ياد رکجان سنڌ ۾ نياڻي جي اھميت ست قرآن مثل آھي پر تنھنجي لاء ڪنھن وٽ ذرو  پيار به ناھي ڇوته تون ھاڻي سنڌي نه پر داعشي  آھين .

No comments:

Post a Comment