30/03/2017
ڇونه رشوتخوري کي جائز قرار ڏجي / ماھم سنڌي / ميرپورخاص
چون ٿا ته نيڪ نامي وارو ڪم ھميشه سرعام ڪيو ويندو آھي ، جئين چرچا ٿئي ، ھر ڪو واھ واھ ڪري اوڙي پاڙي سنگت ساٿ ۾ نيڪ نامي ۽ واکاڻ ٿئي . جئين ڪو خوشامد پسند انسان فرض نماز لاء بيھندو پر آسي پاسي ۾ ماڻھن جو وڌنڌڙ ميڙ ڏسي واکاڻ جي لالچ ۾ اچي فرض نمازن کان وٺي نفعل نمازن تي زور لڳائيندو ته اھو ڪم ڪندي ڪو برائي ته ڪندو ڪونه بلڪه واھ واھ جو ئي حقدار بڻجي ويندس . اڄڪلھ جا ماڻھو ڀلي خدا سان رابطو نه به ڪن پر ھن دنيا جي لاڳاپن ۽ اتي تعريفون حاصل ڪرڻ جا ڄڻ ته سڀئي طور طريقا ڄاڻندا آھن . پر جيڪر ننڍو يا وڏو برو ڪم ھوندو آھي ته پيو لڪائجي ڪبو آھي ، جئين ڪو بدنامي نه ٿي پئي . ايتري تائين جو 5 سالن جي ٻار کي به خبر ھوندي آھي جو پاڻ جيڏي ٻار جو رانديڪو يا ٽافي کسيندو ته لڪائي ڪري کسيندو ۽ شرم وچان ڪنڌ ھيٺ نوڙيو پيو ھوندس ، ڇوته ھو به ايترو علم رکي ٿو ته ڇا صحيح ۽ ڇا نا جائز آھي . سو ڳالھ ڪيون اسان جي ملڪ پاڪستان ۽ ان جي صوبي سنڌ جي . ڪا به بيماري تيستائين حياتي لاء خطرو ناھي بڻجندي جيستائين اھا رڳن ، نسن اندر ۽ پاڙن تائين ناھي پکڙجندي . تئين ڪا رياست تڏھن کوکلي ٿيندي آھي ۽ دنيا جي قبضه گيري نظرن جو مرڪز بڻجندي آھي جڏھن ان اندر بي ايماني سامھي ۾ گھڻي وزني ٿي تورجڻ لڳندي آھي . جڏھن ڪو چيڪ بيلنس ڪو قانون ڪو اصول عمل ۾ نه اچي ته اھا رياست به ڪنھن اھڙي بيماري ۾ مبتلا ھجي ٿي جنھن جو علاج وقت گزرڻ سان اڻ لڀ ٿيندو ويندو آھي .اسان وٽ ڪجھ روايتون ائين پروان چڙھيون آھن جو ھي پھاڪو انھن تي ٺھڪي اچي ٿو ته ھڪ ٽنگي جي ملڪ ۾ وڃجي ته ٻي ٽنگ لڪائي وڃجي . جئين ڪو برو ڪم ڪا چوري ٿيندي ته ان تي آڱر کڻڻ بجاء نه صرف خاموش رھنداسين بلڪه شامل پڻ ٿي وڃون ٿا .
جيڪر اوھان ان جي ابتڙ ٻن ٽنگن تي سواري ڪندا ته اوھانجو غروري سوچ اتي ئي ڦھڪو ڪري ھيٺ ڪرندي ، ڇوته ماحول ۽ رسمن مطابق ھلڻ ۽ انھن جي غلامي ڪرڻ اسان جو پراڻو عيب رھيو آھي .
اڄ جي دور ۾ گھر کان قدم ٻاھر طرف کڻڻ کان ۽ شام جو واپس موٽڻ تائين مرد جو کيسو ھجي يا عورت جو پرس ، ان مان جيترا نوٽ پنھنجي ضرورت تي خرچ ڪندو ان جيترا ئي لڳ ڀڳ وڌيڪ خرچ ٿي ويندا . اھو ڇو ۽ ڇا لاء ؟ اھو سڀ اسين سمجھون ٿا پر لڪائڻ به شرعي فرض سمجھون ٿا . اسان جي ملڪ ۾ ھڪ لفظ ڏاڍو عام جام ھر زبان ۽ تلفظ ۾ استمعال ٿيندو آھي ، اھو آھي ڪرپشن يا رشوت خوري . جنھن جو مطلب اھو کڻي ڪڍجي ته ناجائز يا غيرقانوني ڪم ڪرائڻ لاء ڪجھ وڌيڪ روڪڙ يا ڪو تحفو ادا ڪرڻ کي رشوت ڪوٺين ٿا . جيڪر ڪو اجايو ضد ڪري ايمانداري جو ليبل لڳائي يا کڻي ٻاراڻو انگل ڪري ته جھٽ ۾ ، ۽ تڪڙو ان کي راضي ڪرڻ جو جيڪو طريقو آھي ان کي رشوت خوري چيو وڃي ٿو . ھونئن ته سڄي ملڪ ۾ اھا وڏي ڌوم سان بنا لڪ لڪان جي جاري آھي . پر سنڌ حڪومت ۽ ان جا سرڪاري نيم سرڪاري ادارا ، سياسي ايوان ان حوالي سان ڏاڍي شھرت ماڻي رھيا آھن . ائين کڻي چوجي رشوتخوري تي جيڪر آسڪر ايوارڊ ڏنا وڃن ته پڪ سان سڀئي ننڍا وڏا آسڪر ايوارڊ اسانجي ملڪ جو رخ ڪري ، اسانجي ملڪ ۾ موجود دولتمند اَپر ڪلاس جي گھرن جي زينت بڻجندا . ڪنھن کاتي جا منسٽر ھجن ، انھن جا صلاحڪار ھجن ، ڪو وڏو ڪامورو ھجي يا ٺيڪيدار ھجي ، يا ڪوئي ٻي عملي جو سربراھ بس وٺ وٺان لڳي پئي آھي ته جلد ئي پئسو پنھنجي ھڙ ۾ لڪايون ، پوء ڀلي چيڪ جي صورت ۾ ھجي يا روڪڙ . ناجائز پئسن جي وصولي ، چائنه ڪٽنگ ذريعي زمينون کڻڻ ، نوڪرين عيوض پئسا وصول ڪرڻ ، گاڏي بنا سبب جي چالان ڪرڻ وغيره سڀ رشوتخوري جا مشھور قسم آھن جيڪي ھتي سڀ جا سڀ ئي ملن ٿا .
نا ڪوئي ٺوس قانون جي موجودگي جنھن جو ڊپ ھجي ، نا ڪا سختي ۽ ، نا ئي ڪو شرم جو ضمير جو رسو ذھن کي جھنجوڙو ڏئي .
تازو ئي فرار ٿيل اڳوڻو صوبائي اطلاعات وزير شرجيل ميمڻ پرڏيھ کان ايئرپوٽ لٿو ۽ اربن جي ڪرپشن ۾ کيس رينجرز وارن وڃي پڪڙيو ، جنھن تي صاحب ته صاحب پر ٻين سنجيده مسئلن تي خاموش رھندڙ وزيراعلي مراد علي شاھ به پنھنجي زبان کولي خوب ڪاوڙ ڏيکاري ۽ نيٺ ضمانت تي رھائي ملي . سنڌ ۾ موجود پيپلز پارٽي جي حڪومت جا سڀئي عملدار ھڙئي پئسا ھڙپ ڪري عوام جي جھولي ۾ رڳو آسرا وجھي ۽ سکڻا نعرا ٻڌائي روانا ٿيڻ ۾ پورا آھن . ڪرپشن جي بيماري ته ڪوڙھ جي بيماري کان به خطرناڪ آھي شايد ھڪ نشو ئي آھي ، جنھن ۾ پئسن جو الڪوحل صفا ھوش ئي وڃايو ڇڏي ۽ دل دماغ صرف ھڪ ئي رٽ تي قائم ھوندو آھي .
اھڙو وقت اچي بيٺو آھي جو ھڪ پٽيوالي کان وٺي وڏي آفيسر تائين جي ٻولي ۾ رڳو قائداعظم محمد علي جناح جو فوٽو ٿو اثر ڪري ، باقي ٻيا سڀ حربا کوکلا ٿا لڳن . اڳ ته سفارش سميت ٻين ذريعن کان ڪنھن ۾ ڪو ڪم پوندو ھو ته ڪرائي وٺبو ھيو ، پر ھاڻي ڪو اھڙو واءُ لڳو آھي جو جائز ۽ مناسب ڪم لاء به ڪيش رقم ادا ڪرڻي ٿي پوي . ٽريفڪ پوليس سان منھن لڳي ته بنا سبب جي به گاڏي چلان ڪري پئسا ھڙپيندو . بورڊ آفيس مان ڊوبليڪٽ سرٽيفيڪٽ ڪڍرايو ته ھڪ جائز پئسا ٻي مٿان وري خرچي ادا ڪرڻي پوندي . جيڪڏھن زمينن جا کاتا مٽائڻا ھجن ، نئون گھر وٺڻو ھجي ته ايجنٽن جي نالي تي ڪيتري ئي رشوت ڏيڻي پئي ٿي . نئي گاڏي خريد ڪيون ته ڀلي کڻي مرسيڊيز جھڙي خوبصورتي نه ھجيس ، ڇونه اھا کڻي ٿرپارڪر موٽرس جي مھراڻ ڪار ھجي پر اضافي پئسا ادا ڪرڻا پئجيو وڃن ٿا . نوڪري جي بدلي ڪرائڻي ھجي ، ڪا نوڪري جي مقرري ھجي ته به ڪرڪرا نوٽ تيار رکڻا پون ٿا .
اگر ڪنھن ڦُر يا چوري جو دانھين ٿي حد واري ٿاڻي ۾ وڃجي تب سڄو عملو پئسا ھڙپيندو ۽ پوء ٻي گفتگو تي راضي ٿيندو .
پئسن جي عيوض امتحانن ۾ پوزيشن ماڻڻ به انھي ڪري سولي ٿي پئي آھي ڇو جو پئسن عيوض ڀلي بي گريڊ جو مارڪون ڇونه ھجن پر شاگرد اميدوار جو فوٽو اخبار ۾ پوزيشن ماڻيندڙ جي حيثيت سان ڇپجندو آھي .
اگر ڪنھن ڪاموري ۾ ذرو به ڪم ڦاسي ٿو ته بنا روڪ رقم جي اھو نٿو ٿئي . ايستائين جو امتحاني رزلٽ شيٽن تي اگر تعلقي ايجوڪيشن آفيسر جي صرف ھڪ صحيح لڳڻي آھي ته ڪم ٿيندو ھڪ ئي طريقي سان . ڪڏھن ائين چيو ويندو پئٽرول جا پئسا ته ادا ڪريو ، ڪڏھن چيو ويندو مٺائي ته کارايو ، ڪڏھن چيو ويندو چانھ پاڻي ته پياريو ، مطلب ته لفظ ادا ڪرڻ جو جڳھٽو باقي مقصد ھڪ ۽ صاف وڃي نڪري ٿو .
پوئين سالن کان وڌيڪ اسانجو ملڪ ان رشوت خوري ۾ وڏي ترقي جي بلندين تي پھچي رھيو آھي . اڳ ۾ اھو سڀ لڪ لڪاءُ ۽ لحاظ سان ٿيندو ھيو پر ھاڻي بنا پردي جي سڀ ڪجھ عام جام آھي .
صحافي حضرات به لفافن جي عيوض پنھنجا پروگرام ھڪ ڌُر جي تعريف سان منسوب ڪريو ڇڏين . اھڙيون ڪيتريون ئي اھم خبرون رپورٽ ٿيڻ کان صرف تڏھن ئي رھجيو وڃن جو ڪي نمائندا خبر پھچائڻ جي وصولي چاھيندا آھن . مطلب ته الف ب کان وٺي ي تائين ذرڙو يا وڏڙو ڪم ھجي ، اڄڪلھ جي دور ۾ بنا پئسي جي ٿيندو ئي نه ڀلي ڪيڏا ھٿ پير ھڻجن ، آفيسن جا چڪر ڪاٽجن ، پگھر وھائجي يا جتيون گسائجن پر ورندو صرف تڏھن جڏھن ڪجھ ڏيتي ليتي ٿيندي .
2012ع ۾ سنڌ ۾ صحت کاتي ، تعليم کاتي اندر موجود آسامين کان وڌيڪ ڀرتيون ڪيون ويون ۽ ان جو سبب اھو ظاھر ٿيو ته وڌيڪ سيٽن تي جيڪي ڀرتيون ٿيون سي ته پئسن عيوض ٿيون . پي پي پي جي اڳوڻي دور ۾ تعليم واري وزير پير مظھر الحق جعلي ڀرتيون ڪري ڪيتري ئي دولت ڪٺي ڪئي . ان کان علاوه ٻيا به انھي ڪم ۾ اڳڀرا آھن .اسانجو ملڪ توڙي صوبو سنڌ تعليم ، صحت کاتي يا ٻي ڪنھن کاتي ۾ ترقي ڪري نه ڪري پر ان رشوت ۾ روان دوان آھي . ڪرپشن کي روڪڻ لاء اھڙو انوکو کاتو جوڙيل آھي جنھن ۾ ڪرپشن کي روڪٿام لاء اينٽي ڪرپشن کاتي جو عملو به شفاف ناھي .
ڪرپٽ ملڪن جي رينڪنگ ڪندڙ ٽرانسپرينسي انٽرنيشينل جي انڊيڪس موجب سال 2013 ع ۾ پاڪستان 175 نمبر تي آيو . جاري ڪيل لسٽ ۾ جٿي پاڪستان جو نمبر پوء وڌي 126 تي آيو ، اھو ترقي جون منزلون طئي ڪري سال 2016ع ۾ 116 نمبر جي چوٽي پڪڙي چڪو آھي . ھڪ ٻن سالن اندر ايڏي رشوت خوري جو وڌڻ ڪنھن ملڪ لاء سٺو سنئوڻ ڪونه چئبو . صاف لفظن ۾ ائين کڻي ڪاغذ تي لکجي ته جڏھن جٿ جھڙي ھنڌ ڪا به پئسن جي نيڪالي ڪنھن فنڊ ذريعي ، ڪنھن نئين ٺيڪي ذريعي ، ڪنھن نئين پراجيڪٽ جي لاڳت ھجي ، ڪنھن کاتي ۾ نوڪرين جي ڀرتي ، پر جٿان پئسي جي شمع اڃان ٻرندي ئي ناھي ته ڪرپشني پروانا مٿان لامارو ڏيڻ لاء لھي ايندا آھن پوء جنھن کي جيترو پھچي ٿو ھڙپ ڪيو وڃي . ائين ئي ڪنھن به ڪم لاء جاري ڪيل پئسي جو اڌ کان مٿي حصو وڏن مانگرمڇن ۾ ورھائجيو وڃي ۽ پوئتي بچيل رقم مان ناقص ميٽريل جي خريداري کي اھميت ڏئي ڪاغذي ڪاروائي بنا ڪنھن ڀُل چڪ جي پوري ڪئي وڃي ٿي . اگر نوڪريون مليون به ته پھرين جاري ڪيل ڇھين مھيني پگھار مان ھڪ پگھار جائز حق ڄاڻي اتي جا اداري وارا ورھائي کڻندا ، جنھن کي ھو پنھنجو جائز ۽ قانوني توڙي اخلاقي حق سمجھن ٿا . شايد اٿن به سھي . . .
سال 1999ع ۾ ھڪ آرڊينس جاري ڪيو ويو جنھن کي نيب (قومي احتسابي اداري ) جو نالو ڏنو ويو . جنھن ۾ چيو ويو ته وفاق جي ماتحت اھڙو ادارو جيڪو پاڪستان اندر ٿيندڙ ڪنھن به گھوٻي کي ظاھر ڪري ڪاروائي ڪندو . نيب کي تفتيش جا ، ڇاپن جا ۽ گرفتاري جا به اختيار ڏنا ويا ته جٿي به پئسن جي يا ٻين معامرن جي ڦير گھير ٿيندي نيب سڌو ھٿ وجھي سگهي ٿو . پر نيب جي کاتي جو سربراھ ته ٺھيو پر چار ڊائريڪٽر جنرل پڻ شفاف ناھن جنھن جو معامرو اڄڪلھ اٽڪيو پيو آھي . ڪرپشن جي روڪٿام لاء نيب ، فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي (ايف آئي اي ) ، ۽ سنڌ اينٽي ڪرپشن اسٽبليشمينٽ کي اھي اختيار آھن ته ھو ڪنھن به وقت ڪنھن به ڪرپشن جي شڪ ۾ گرفتاريون ڪري سگھن ٿا . پر کڙ تيل ڪو نه نڪري سگھيو .
2015ع جي سنڌ اينٽي ڪرپشن جي رپورٽ موجب جيڪا سنڌ حڪومت سامھون آندي ھئي . ان ۾ ڄاڻايو ويو ته 52 کان مٿي سرڪاري آفيسر پئسن کائڻ جي ڪري حراست ۾ ورتا ويا آھن . ڪراچي اندر 4 کان مٿي ڇاپا ھڻي سرڪاري ڪامورن کي سوگھو ڪيو ويو ٽوٽل 26 جڳھين جون ايف آئي آر داخل ڪيون ويون . ضلعي ميرپورخاص ۾ 7 جڳھين تي ، شھيد بينظير آباد ۾ اوچتا ڇاپا ھڻي 20 کان مٿي سرڪاري کاتن ۾ رشوت وٺندڙن کي قانون جي دائري ۾ بظاھر آندو ويو . لاڙڪاڻي ۾ 8 آفيسر گرفتار ٿيا ۽ ڪيترائي انھي جي زد ۾ ملوث نڪتا . سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جا امتحان به وائکا ٿي پيا ته انھن ۾ پنھنجن کي نوازيو ويندو . ان ۾ ڦيراگھيري تي نتيجا پڻ روڪيا ويا .
پر سڀ کان وڏو جيڪو ڪرپشن جو ڪيس سامھون آيو ، اھو ھيو آصف زرداري جي ويجھڙي رھندڙ اڳوڻي وفاقي پيٽروليم وزير چئيرمين سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪميشن عاصم حسين جو ، جنھن خلاف 460 بلين جي ڪرپشن ڪرڻ جو ڪيس سامھون آيو ۔ جنھن سنڌ سميت سڄي ملڪ اندر پي پي پي ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو . عاصم حسين سان گڏ ان جو اڳوڻو پيٽروليم سيڪريٽري اعجاز چوڌري به انھي الزام ھيٺ آيو . جيڪي پھرين نيب جي تحويل ۾ رھيا ۽ ڪيس اڃا تائين سامھون ھلن پيا . پي پي پي جي ايڏي خاص ماڻھو خلاف ايڏي وڏي ڪاروائي سڄي پارٽي کي ڪاوڙائي وڌو ۽ سڀ ان جي حفاظت ۾ جنبي ويا . آيان علي جي غير قانوني طور ڊالرن جي منتقلي مني لانڊرنگ به وڏو ھُلان مچايو . سرڪاري سياسي وڏيرن جو ائين پئسا ھڙپ ڪرڻ ۽ انھن کي سپورٽ ڪندڙن جو وڏو تعداد ايڏو سامھون آيو جيترو مخالفت ۾ نه آيو . تازو ئي ميرپورخاص ايجوڪيشن آفيس جي سپريڊنٽ جي حيدرآباد گھر تي ڇاپو ھنيو ويو ۽ خبر پئي ته ٿرپارڪر واسي ھڪ غريب خاندان سان وابسته بچو مل ڪئين ته ڪروڙين روپين جو مال ملڪيت جو وارث بڻيو . بچو مل ته اھا ڳالھ مشھور آھي ڀلي جائز ڪم ئي ھجي پھرين پئسن جي ڳالھ ڪندو پوء ڪم ڪندو .
چيو وڃي ٿو ته ڪنھن به ماڻھو جي وڏي نيڪ عمل جي انعام ۾ ان کي ڪنھن تحفي سان نوازيو ٿو وڃي . ڪم بنھ وڏو چڱو ڪندو ته انھي رعيت جا ماڻھو کيس سونا تاج به پارائين ٿا . سوني تاج جو حقدار ڪھڙي قسم جو ماڻھو ٿي سگھي ٿو ؟ ڇا اھو ئي جنھن جي ڪرپشن ۽ جنھن جو بد ڪردار ھنڌ هنڌ مشھور ھجي . سچ ئي چوندا آھن کير جي رکوالي ٻلي کي سونپي ويندي ته ڇا باقي کير بچندو ؟
سو آچر 26 مارچ تي انتھا جي ڪرپشن ڪندڙ اڳوڻي اطلاعات وزير کي حيدرآباد ۾ ، سندس تڪ اندر جلسي دوران ڪيل ڪمن جي ۽ ڪرپشن جي عيوض انعام طور سونو تاج ڏنو ويو ته وٺ ھيءُ به پائي ڇڏ ، ڇو ته ان تي تنھنجو حق آھي . ڪيڏي نه اڄ جي دور جي افسوس جھڙي ڳالھ آھي ته سزا ، تفتيش ۽ قانوني طور عدالت کي گھربل نام نھاد سياسي ماڻھو تاجن جا مستحق آھن . ھي ته سنڌ صوبي جي بي وسي ٿي مٿي نظر ڦيريون ته وزيراعظم جي ڪرسي جنھن لاء ھر قسم جي ساک ھئڻ لازمي آھي ، ان تي ويٺل اسانجي وزيراعظم جي پٽن ۽ ڌي جو تصويرن سميت نالو پناما پيپرز ۾ آيو آھي . ھي پيپرز ڪا تعليمي قابليت جي سَند ناھي بلڪه اھي ڪاغذي پنا آھن ، جيڪي صاف ٿا ٻڌائن ڪئين اوھان پردي جي پويان وڏي صاف صفائي سان ائين پئسا کائي جمع ڪيا آھن جئين ڪو فلم جو ھدايتڪار وڏي چالاڪي سان اھڙا منظر فلمائي ٿو جو ڏسڻ وارا تماشائي سمجھن ٿا ھيرو ته وڏا ايڪشن ڪري ولين کي ماري ڊاھي ڇڏيو آھي ، پر اصل ۾ ولين جو سَر به سلامت ۽ ھيرو جي منھن تي مٽي ۽ ھٿ ۾ ھٿيار ٻئي اصلي ناھن ھوندا . ڪيترائي وفاقي وزير انھي ڪرپشن ۾ نالو ڪمائي رھيا آھن پر آھن ھر حساب ڪتاب کان آجا .
جيڪر سوچجي ته اسانجي ملڪ ۾ رشوتخوري چوٽ ائين چڙھي آھي جو ڪاميابي جي بلندين تي آھي . ائين رياست جي پاڙن ۽ ٿُڙن ۾ نپائي وئي آھي جو نڪرڻ جو ڪو حل ئي نٿو اچي . ھڪ ايماندار آفيسر ڪيترو ته ان ماحول ۾ ساھ کڻندو جٿي رشوت جي ڪاربان ڊاء آڪسائيڊ چارئي پاسان خارج ٿي رھي آھي ۽ اتي سڀ موجود ماڻھو ٻوٽن وارو روپ ڌاري ڪاربان ڊاء آڪسائيڊ جذب ڪري جئيندان پيا حاصل ڪن . حد کان وڌيل رشوتخوري ۽ پئسا خوري خلاف نه ڪو قانون عملي طور تحرڪ ۾ پيو اچي نه ڪو ادارو ان خلاف سختي سان ڪم پيو ڪري . اھڙي روش اختيار ڪئي وئي آھي ته مٺي به ماٺ ته مُٺي به ماٺ . مطلب ته چپ چاپ سڀ ڪجھ ڀلي پيو ھلي . ان سان ته سڄو پئسو ڪنھن جائز طريقي سان خرچ ٿيڻ بدران اميرن کي سرس امير ۽ غربت کي وڌائي رھيو آھي . ادارن جي اندر انھن جا سربراھ اھا روڪٿام ڪندا آھن پر ھتي سڀئي پئسن جي معامرن ۾ ھڪٻئي جا سؤٽ ماسات لڳا پيا آھن . جئين ڪو ڪنھن جي چغلي نه کڻي . اھڙي ملڪ ۾ ڇو نه پوئي ڪرپشن کي جائز قرار ڏجي ، جئين ڪو انھي ڳالھ تي سَر منھن پٽي اجائي واويلا نه ڪري ته ڪو اسانجو ملڪ ۽ ماڻھو ڪرپٽ آھن . ڇو ته جائز قرار ڏيڻ سان ڳالھائڻ واريون به چپ چاپ ۽ ساڄي ڌر توڙي کاٻي ڌُر ٻئي راضي رھنديون .
Daily Mehran , Daily Barkha ,Daily Sarwan ,Daily appeal published it