Saturday, 3 December 2016

جو کيڙي سو کائي /ماھم سنڌي / ميرپورخاص.

17/11/2016

جو کيڙي سو کائي /ماھم سنڌي / ميرپورخاص.
mahamsindhi05@gmail.com


“جو کيڙي سو کائي“ جو انقلابي نعرو ڏيندڙ،  صوفي ازم  ۽ انسانيت جي حقن جو پرچارڪ،  صوفي شاھ عنايت شھيد جو 3 روزه ساليانو  308ھون عرس 17 صفر کان ان جي نگري جھوڪ شريف  ضلعي سجاول ۾ شروع ٿي رھيو آھي. ٽي ڏينھن لڳندڙ ميلي دوران ان جون تياريون پوريون ڪيون ويون آھن. جنھن ۾ درگاھ جي ۽ ان جي اردگرد جي صفائي سٿرائي ۽ ايندڙ ھند ۽ سنڌ کان زائرين جي لاء مناسب بندوبست ڪرڻ جا ڪم ڪار جاري آھن.  مليل معلومات موجب درگاھ ٻاھران 300 کان وڌيڪ ٻاريون تيار ڪيون ويون آھن ، جنھن ۾ راڳي صوفياڻا ڪلام ڳائي صوفياڻي محفل مچائيندا. درگاھ جو گادي نشين عطاالله ستاري ميلي جي افتتاح دوران اڳڀرو ھوندو. اھا ھڪ حقيقت آھي،  جيڏي خاموشي ، شانتي ۽ سڪون شاھ عنايت جي درگاھ ۾ ھوندو آھي ، اھو ٻي ھنڌ ناھي ملندو. اتي ڪو مذھبي ويڇو انسانن جي وچ ۾ اچي انھن کي جدا ناھي ڪندو،  بلڪه ھندو مسلمان توڙي ٻي مذھب جا گڏجي ڪري اچي حاضري ڏين ٿا. انھي درگاھ تي خوبصورت روشنائي ٿيل ھوندي آھي ۽ صوفياڻا راڳ ڳائي راڳي سڪون قلب حاصل ڪندا آھن.

صوفي شاھ عنايت شھيد غريبن،  لاچارن ۽ ڪڙمين جو ھڏڏوکي ھيو . ان جي شخصيت سادي ۽ گھڻ رُخي گُڻن تي مشتمل ھئي.
شاھ عنايت شھيد ھارين جي ھيسيل طبقي کي ڏسندي ، ان جي لاء آواز بلند ڪيو ته جيڪي زمين کيڙي سرسبز بڻائين ٿا ، جيڪي ڏينھن رات جا اوجاڳا ڪري اوھانکي تازا فصل اپائي ڏين ٿا ، اصل ۾ پھريون حق انھن جو آھي ته پھرين ھو کائين ۽ پوء ئي اوھان کائو. ھاري ويچارا پرھ ڦٽي کان اڳ جڏھن رات جا پاڇا باقي ھوندا آھن ته،  آرامده بستري کان موڪلائي اڌ بکئي پيٽ ٻنين ۾ نڪري وڃن ٿا ۽ انھن جي سار سنڀار ڪنھن ننڍي ٻار جيان وڏي خلوص سان ڪن ٿا. زمين جي کيڙي،  ان  ۾ ٻج پوکڻ ، پوء سلا ڦٽڻ  ۽ انھن جو وڏو ٿيڻ،  انھن کي مناسب پاڻي ڏيڻ،  گُڏ کٽڻ ، انھن کي پکين  ، جيتن  ۽ مويشي مال کان بچائڻ سڀ ڪجھ وڏي محنت سان ڪن ٿا،  پر جڏھن فصل  پچي راس ٿئي ٿو ته انھن زمينن جا مالڪ پنھنجي زمين ڄاڻائي سڄي اُپت پنھنجي ھڙ ۾ جمع ٿا ڪري ڇڏين ۽ انھن جي اصل حقدار ھاري کي ان جو گھربل حصو ته ٺھيو پر اڌ به نٿو ڏنو وڃي۔  جنھنڪري ھاري ۽ انھن جو خاندان سدائين مفلسي واري زندگي گزارين ٿا. جنھن فصل لھڻ جي آسري ۾ اُھي ڏکيا ڏينھن صبر سا ڪٽين ٿا ته فصل لڻڻ بعد سکيا ڏينھن ايندا،  پر انھي فصل لھڻ بعد ھاري جو حال جھڙو جي تھڙو. اھي سڀ ناحقي ظلم ڏسي شاھ عنايت ھارين جي جائز حق لاء جاکوڙيندي ھڪ انقلابي نعرو بلند ڪيو ته جيڪو کيڙي ٿو اُھو ته کائي.
شاھ عنايت انسانيت سان محبت ڪندڙ سنڌ ڌرتي جو اھو سچو سپوت ھو جنھن امن ۽ ڀائيچاري جو پيغام پري پري تائين پھچايو.

پاڻ ھڪ ھنڌ فرمائي ٿو ته
“سر در قدم يارفدا شد چه بجا شد،
اين بارگران بود ادا شد چه بجا شد.“
ترجمو: “حق جي راهه ۾ سر قربان ڪرڻ سان زندگي جي بنيادي مقصد پوري ڪرڻ جو ذمو لهي وڃي ٿو.“
شاھ عنايت چوي ٿو ته منھنجو سر منھنجي جان منھنجي يار (حق جي راھ) تان جيڪر صدقي ٿي ته سمجھو اُھا ڪامياب وئي ڇوته جان اچڻي وڃڻي آھي ۽ ھي جسم ھڪ ڏينھن فنا ٿيڻو آھي ، سو منھنجو جيڪر حق جي راھ  ۾ ناحق سان وڙھندي دم نڪري ٿو ۽ ظلم خلاف آواز بلند ڪندي اگر ساھ سسي مان نڪري ٿو ته مان سمجھندس ته منھنجي حياتي جا ھڙئي مقصد پورا ٿيا ۽ مون اُھا منزل حاصل ڪري ورتي ، جنھن ڪاڻ انھي جنت جھڙي ڌرتي سنڌ ۾ آيو ھئس.

ٻي ھنڌ ارشاد اٿس ته
“مُلا تون مسجد لاء،
پني ڪرين ٿو لک،
سجدي جي سڪ لاء،
نرڻ وڇهائي تو نڪ،
هتي ماڻهو مرن بک،
توکي فڪر فردوس جو.“

ھن ٽن سٽن واري بيت ۾ شاھ عنايت مذھبي پيشوائي ڪندڙ مُلن کي تنقيد بڻائي اھا ھدايت ٿو ڪري ته ، اوھان انسانيت جي قدر ڪري انھن جي وڌ ۾ وڌ مدد ڪريو باقي انسانيت کي نظر انداز ڪري خدا کي خوش ڪرڻ جو سوچيو به نه. احمق نه ٿيو بلڪه خدا جي خلق کي خوش ڪرڻ کي ترجيح ۾ رکو.
شاھ عنايت پنھنجي لفظن ۽ ڪردار ذريعي سدائين امن،  ڀائيچاري،  محبت کي ساراھيو آھي. تاريخي حوالن ۾ آھي ته شاھ عنايت جا وڏا عراق جي گادي جي ھنڌ بغداد جا ھئا. شاھ عنايت جي والد فضل الله جن جا ابا ڏاڏا اتان بغداد جا رھاڪو ھئا ، جتان اُھي لڏ پلاڻ ڪري اچي پنجاب جي شھر اُچ شريف ۾ رھيا ۽ ان بعد سنڌ جي ڳوٺ نصريه ۾ رھڻ لڳا ۔  پوء ميران پور ۾  اچي ترسيا جيڪو ھاڻوڪي جھوڪ شريف جي اوڀر ۾ واقع آھي.
صوفي عنايت شاھ جو ميران پور  ۾ جنم  1066 ھجري بمطابق 1654-55ع ۾ ٿيو. ھن عربي فارسي جي تعليم حاصل ڪئي ۽ پوء حيدرآباد دکن ۾ شاھ عبدالملڪ برھانپوريء جي صحبت ۾ 5 ورھيه گزاريائين.  شاھ عبدالملڪ ھڪ ڳاڙھو خرقو ترار ۽ ٽوپي ڏيئي صوفي جي لقب سان نوازيو ۽ ان کي سنڌ جي سھڻي ڌرتي تي وڃڻ جي ھدايت ڪيائين. ھي واپسي تي اچي ميران پور ۾ آباد ٿيو ۽ اتي اچڻ سان ان جي فقيري ۽ درويشي ڦھلجڻ لڳي ۽ ماڻھن جي دلين شاھ عنايت جو مزاج ۽ سادگي گھر ڪرڻ لڳي.  ھن ايندي ئي غريبن ۽ ھارين جي حمايت ۾ آواز اٿاريو ۽ انھن جو ساٿ ڏيڻ لڳو. پر جئين ئي 1128ھجري سن 1715ع ۾ ٺٽي جو گورنر نواب اعظم خان ٿي آيو ته ايندي ئي ويڌن مچايائين ۽ اچي باھ ٻاريائين ۔  شاھ عنايت ۽ ان جي عقيدتمندن کي جھڪڻ جو  ۽ ڍَل ڏيڻ جو مطالبو ڪيائين. پر نواب اعظم شاھ عنايت جي انڪار تي يار محمد ڪلھوڙي جا ساٿ سان وڏو لشڪر ڪاھي اچي ميران پور ۾ ڪاھ ڪئي ۽ ويڙھ دوران ڇھ مھينه تائين گھيرو جاري رھيو ۔  پوء 17 صفر 1130ھجري بمطابق 1718ع تي شاھ عنايت ھارين ۽ ڪُڙمين خاطر وڙھندي شھيد ٿي ويو.هي شعر پڙهيائين:
“رهائيندي مرا از قيد هستي
جزاڪ الله في الدارين خيرا.“
ترجمو: “تو مون کي حياتيءَ جي قيد مان آزاد ڪري ڇڏيو. الله توکي ٻنهي جهانن ۾ ان جو بدلو ڏئي.“
جلاد جي ترار جڏهن سندس ڪنڌ تي ڪِري ته پاڻ چار تڪبيرون چئي، پنهنجي جان، جان آفرين جي حوالي ڪيائين. انا الله و انا اليہ راجعون . . . .
ڪن ڪتابن ۾ ذڪر آيو آهي، ته ميان نور محمد ڪلهوڙي شاه صاحب کي شهيد ڪرائي، سندس سسي دهليءَ ڏانهن اُماڻي هئي. اُنهيءَ سسي مان هيٺيون بيت ٻڌو ويو:
”جنت، جوکيو، نومڙيو، ٽيئي ليکي مان لاهه؛
ڪلهوڙاڻي باهه؛ ڪا نه ٻرندي ڪڏهين.“

صوفي شاھ عنايت جيڪو غريبن جي حقن لاء وڙھندي شھيد ٿي ويو،  سو ويندي ويندي سنڌ ڌرتي سان سچو ساٿ نڀائي ويو. اڄ کان جھوڪ جي نگري ۾ شاھ عنايت شھيد جي ميلي جي شروعات ٿي رھي آھي ۽ ان جا ڪيترائي  عقيدمند پھچي حاضريون ڏئي صوفياڻا راڳ ڳائيندا. سنڌ جي اصلي روايت اھا ئي آھي ته ھر وقت امن ۽ شانتي قائم ھجي ۽ سيڪيولر سنڌ ڪڏھن به مذھبي انتھاپسندي ۽ انتشار جي ور  نه چڙھي. اسان سڀني سنڌين کي انھي ڳالھ جي شدت سان ضرورت آھي ته پنھنجي سونھاري سنڌ ۾ امن جي دائمي قيام لاء صوفين جي پيار ۽ ڀائيچاري واري روايت اپنائي پنھنجي ڌرتي جي حفاظت پنھنجو فرض سمجھي انھي ۾ جُنبي وڃون.



No comments:

Post a Comment