Saturday, 3 December 2016

لال لطيف عشق ڪرڻ به سيکاري ٿو / ماھم سنڌي/ ميرپورخاص

15/11/2016
لال لطيف عشق ڪرڻ به سيکاري ٿو / ماھم سنڌي/ ميرپورخاص
mahamsindhi05@gmail.com

عشق ھڪ اڻ کُٽ ۽  اڻ مٽ جذبو آھي. چوندا آھن جنھن انسان ۾ محبت پيار ۽ عشق جو جذبو نه ھجي ته،  ائين ان جو وجود کوکلو ۽ بي مقصد آھي ، جئين ڪو خالي ڪڪر ھجي ، جيڪو نه وقت تي وسي ڌرتي جي اڃ اجھائيندو ، نه ئي تتل ڌرتي تي ڪو مھلائتو ڇانورو ڪري ان کي ٿڌاڻ بخشيندو. انسان ته ٺھيو پر ھر جاندار ، جانورن توڙي پکين ۾ به  محبت جو جذبو ڀريو پيو آھي.  پيار بنا جياپو ڄڻ ته ائين آھي ، جئين ڪا اھا واري ھجي جنھن تي ڪڏھن کان بارش جي ڪڻي نه پئي ھجي ۽ نا ڪو سائو سلو ڌرتي چيري ڦٽو ھجي.  جيڪي به انسان اڄ تائين آيا ڪي پيار کي سمجھي ديوانا ٿي ويا ، ۽ ڪي اڌ ديوانا ٿي انھي مونجھ ۾ رھندي ئي  فنا ٿي ويا ، ته ڪن پنھنجي ھستي مٽائي ته،  ڪنھن پنھنجو ظاھري ڏيک بدلائي ڇڏيو.
ٻيو ته ٺھيو پر ھن ڪائنات جي خالق الله پاڪ به پنھنجي مٺي محبوب محمد صه ۽ ان جي آل سان محبت خاطر ھي ايڏي وسيع نظارن سان ڀرپور رنگ برنگي دنيا خلقي ڇڏي.  ھن دنيا ۾ جنھن پيار ڪيو ، جيڪو عشق جي آتش ۾ سڙيو،  تنھن ئي ڄڻ ته قدرت جي رمز جو راز پروڙيو،  باقي ته اجايا آيا ۽ ائين ئي ويا ھليا. محبت ۽ عشق جو ڪو خاص درھم ناھي پر اھو جذبو ھر درھم جي بنيادي صفت آھي. ھر درھم  و دين پيار جو ئي پيغام  ڏيندو رھيو آھي.

سنڌ جو درويش صفت صوفي بزرگ ، دنيا جو امن پسند  مھان انسان،  سنڌ جو قومي  شاعر ، انسانيت جو پرچارڪ ،  ڀٽ جو ولي ، لاکيڻو شاھ عبدالطيف ڀٽائي جيڪو ھر پھلو ۾ وائکو آھي،  ھن خدا جي خلقيل ھر پوشيده ۽ نروار نظاري کي ساراھيو آھي .  ڪوڙ ڪپت ، منافقت توڙي توحيد بابت شاعري لکي جنھن لوڪ سڄي کي سمجھ ڏني،  انھي لال لطيف به پنھنجي شاعري جي لفظن ۾ عشق ڪرڻ سيکاريو آھي. اھا حقيقت آھي ته عشق سکي ۽ سوچي ناھي ڪبو پاڻھي اھا نعمت خدا جي طرفان ڪجھ ماڻھن تي نازل ٿيندي آھي،   پر شاھ لطيف جا لفظ ٻڌائن ٿا ته ھو انھيء جذبي کي سمجھڻ جي سگھ مڪمل  رکندو ھو.
شاھ جي شاعري جنھن مڪمل پڙھي پنھنجي سمجھ جي دائري ۾ آندي  اھو به ڄڻ عشق جي ع  ش  ق کان واقف ٿيو. شاھ سائين جي باري ۾ چون ٿا ته ھن پاڻ به عشق ڪيو پر ھو ڪرڻ کان وڌيڪ سيکاري ويو. ھو امن جو درس ڏيندي ڏيندي ڀٽ جي ڀر ۾ ڍنڍ جي پاسي  پنھنجي ويھڪ ۾ ، گڏوگڏ عشق جا راز به پڌرا ڪري دلين کي رستا ڏيکاري ويو. جنھن شاھ کي دل سان پڙھيو سو به ڄڻ عاشق ٿيو پوء ڀلي ان جو محبوب خالق حقيقي ھجي يا مجازي عشق ۾ ڪنھن وجود اڳيان گوڏا کوڙي دل ھميشه لاء ان جي قدمن ۾ رکي ڇڏي. شاھ سائين جو عشق ۽ عاشقي سمجھ جي دائري ۾ داخل ڪرڻ سولي صفا ناھي،  پر اھي دليون جيڪي پنھنجي محبوبن لاء مانديون آھن اُھي ڀلي ڀت لڪل راز به سمجھن ٿيون  ته ،  عقابي اکين سان صاف ڏسن به ٿيون.

شاھ جي رسالي جي ٻي سُر يمن ڪلياڻ ۾ شاھ ايڏو ته گھرو لکيو آھي جو ، انسان جو عقل عشق اڳيان ھار کايو وڃي. پاڻ چئي ٿو،
“ عاشق عزاريل  ٻيا مڙيئي سڌڙيا
منجھان سڪ سبيل لعنتي لال ٿيو. “
سادن اکرن ۾ اھو ته عاشق ته ابليس ٿيو جنھن محبت جي ڪري ئي ھميشه لاء لعنت ۽ ڦٽڪار قبول ڪئي.
شاھ سائين ڪٿي خالق حقيقي کي پنھنجو پرين ٺاھيو آھي ته ، ڪٿي مجازي خدا جي ساراھ ۾ سڪ سان ڀريل لفظ سرجيا اٿس. ھونئن به شاھ صاحب جي بيتن جي سمجھاڻي لاء ان کي ٻن حصن ۾ ورھائبو آھي،  ھڪ ته اھو جيڪو ظاھري لفظ ڏيک ڏين ٿا ۽ ٻيو ان جو لڪل پاسو جنھن ۾ رھنمائي به شامل آھي ۽ ڪٿي وري تنقيد به ڪئي اٿس .
شاھ لطيف عشق کي آسان ۽ سولو جذبو چوڻ بجائي اھو چيو آھي ته عشق ڪا ٻارن جي راند ڪونھي،  بلڪه ھن ۾ گرفتار ٿيڻ بعد رڳو تڪليفن ۽ اذيتن جا اونچا پھاڙ آھن.
ٻيھر سر يمن ڪلياڻ ۾ لکي ٿو،
“محبت جي ميدان ۾ سر جو ڪر مَ سانگ
سوريءَ سُپيرين جي چڙھ ٿه ٿئين چانگ
عشق آھي نانگ خبر کاڌن کي پوي.“
شاھ سائين چوي ٿو : عشق جي ڪرين ٿو ته زندگي جو جوکم کڻڻ سک ۽ سر جو سانگو لاھي اڳتي نڪري وڃ ، عشق ڪا عام شيء ناھي بلڪه ھڪ ڪاريھر نانگ مثل آھي ۽ ان ڪاريھر نانگ جي زھر جي شدت بابت صرف انھن کي سُڌ آھي،  جنھن کي ھن ڪکيو آھي باقي ٻيا صرف ڳالھيون ڪري من وندرائي سگھن ٿا،   محسوس ڪرڻ انھن جي وس جي ڳالھ ڪونھي.
شاھ لطيف سُر کنڀات ۾ ايڏا ته رومانس سان ڀرپور لفظ رچيا آھن ، جيڪي عام ماڻھو ڀلي سمجھ ۾ نه آڻي سگھي پر عاشقن جو ھئنيون پار ٿا ڪري ڇڏين. شاھ لطيف پنھنجي محبوب کي چوڏھين جي چنڊ کان به وڌيڪ خوبصورت ۽ چمڪندڙ ٿو سمجھي،  ۽ وري انھي چاندي جھڙي چنڊ کي پنھنجو قاصد ڪري پرين ڏي پيار ڀريا سنيھا ٿو اماڻي ته،  جئين چنڊ آسمان تي سڀن کان مٿي آھي سو منھنجي پرين کي به ڏسندو ھوندو تنھنڪري رات جي پھر ۾ منھنجا سنيھا منھنجي سڄڻ تائين رسائيندو.
سُر کنڀات ۾ لکي ٿو،
“چنڊ تنھنجي ذات پاڙيان نه پرين سين
تون اڇو ۾ رات سڄڻ نت سوجھرو.“
چوي پيو ته اي چمڪندڙ چنڊ ! توکي مان ھرگز منھنجي مٺي محبوب جي مٽ نٿو سمجھان.  تون صرف رات جي پھر ۾ چمڪين ۽ سج جي نڪرڻ کان اڳ ئي غائب ٿيو وڃين ،  پر منھنجو محبوب ايڏو ته حسين آھي جو ھر وقت پيو چمڪي ۽ توکان وڌيڪ سھڻو ۽ روشن آھي. تنھنجو حُسن صرف اونداھي ۾ چمڪي ٿو ، پر منھنجو پرين اک ڪڍنڍڙ تيز سج کي به روشني جَھڪي ڪرڻ تي مجبور ڪريو ڇڏي. جھڙو تون سڄي عمر ٿو چمڪين تھڙو چمڪڻ منھنجي پرين جي پل جو چمڪڻ ۽ روشن ٿيڻ آھي.
شاھ لطيف پنھنجي امر ۽ عظيم شاعري ۾ اھڙا ته چونڊي چونڊي عشقيه داستان لکيا آھن جيڪي رومانس سان ڀرپور آھن. ماڻھو چون ٿا ته شاھ صاحب رڳو صوفي شاعر ھيو،  پر جھڙو شاھ عشق کي سڃاتو تھڙي پرک ٻين ۾ ڪٿي؟ سنڌي شاعري ۾ ٻيا به اھڙا شاعر ٿي گزريا جن عشق جي سونھن قلمن ذريعي سرجڻ چاھي ۽ حُسن جي نازڪي کي نرم پنن تي اُڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر شاھ سائين ته عشق ڪيو به سھي،  ته ڪرڻ سيکاري به ويو. جيڪو شاھ جي مڪمل شاعري پڙھي ۽ پوء به چوي ته ھي عشق ڇاھي ؟  ته سمجھو ان شاعري صرف زبان سان پڙھي ۽ شاعري زبان  توڙي اکين جي رستي تان دل تائين پھچڻ ۾ ناڪام ٿي وئي.
شاھ لطيف جو والد شاھ حبيب ھڪ حڪيم به ھو،  جنھن کي ماڻھو علاج لاء گھر گھر وٺي ويندا ھئا. ڪوٽڙي شھر جو مرزا مغل بيگ ، شاھ حبيب کان ھميشه دعا ڦيڻو ڪرائيندو ھو. ھڪ ڏينھن ان جي ڌيء جي طبيعت ناچاڪ ٿي پئي،  ساڳي وقت شاھ حبيب به بيمار ٿي پيو ، سو پنھنجي پٽ شاھ لطيف کي وڃڻ جي ھدايت ڪيائين. شاھ سائين جئين ئي پير داخل ڪري گھر ۾ دستڪ ڏئي پھتو ته مغل جي ڌيءُ جو حسن ۽ خوبصورتي ڏسي عاشق ٿي پيو ۽ ان جي ئي آڱر کي پنھنجي ھٿ ۾ زور سان قابو ڪندي  تاريخي لفظ چيائين “  جنھن جي آڱر سيد جي ھٿ ۾ تنھن کي لھر نڪو لوڏو“.

شايد شاھ لطيف تي پنھنجي عشق جو به اثر ھيو جو ان تي عشقيه داستانن حد کان وڌيڪ اثر ڪيو. سھڻي ۽ ميھار جي عشق لامحدود کي به شاھ گھڻو ئي ساراھيو آھي . شاھ کي سھڻي جو اھو انداز ڏاڍو وڻيو جو ٿڌي يخ برف جھڙي سرد پاڻي ۾ به ، ھن ھڪ ڪچي گھڙي جي سھاري لھندي دير نه ڪئي۔  اصل عشق ته اھو ئي چئبو جٿ گرمي سردي، تتي ٿڌي اثر نه ڪري. موسمن جا اثر ۽ دنياوي راحتون ھڪ عاشق اڳيان بي مول آھن،  انھن لاء ته انھن جو سڄڻ ئي سڀ کان اونچو ۽ سر جو تاج آھي.
سُر سھڻي ۾ ذڪر آھي ته،
“ جان جان ھُئي جئري ورچي نه ويٺي
وڃي ڀون پيٺي سڪندي کي سڄڻين.“
جيستائين سھڻي جي ساھ جي تند اٽڪيل ھئي ۽ جيستائين ھو جئيرن ۾ شمار ھئي ، ھو ھڪ پل لاء به ڪڪ  ۽ بيزار ٿي نه ويٺي ۽ پنھنجي زندگي عزيز ڪري پوئتي ھٽڻ جو بھانو نه ٺاھيائين.  ھو ميھار جي بانسري جي سڏ تي ترندي وڃي پاڻي جي ھيٺانھين تري ۾ لٿي ۽ ختم ٿي وئي پر پنھنجي پيار جي امرتا ۽ سچائي ثابت ڪري وئي . ھن کي صرف ميھار جي عشق جي ڇڪ ھئي،  ھن پاڻي جي ٿڌاڻ ۽ ڪچي گھڙي کي رات جي تاريڪي ۾  شڪست ڏئي پنھنجي جان پنھنجي مٺي محبوب تان گھوري ڇڏي.

شاھ لطيف سسئي پنھون جي عشق جي اٿاھ کي ۽ انھن جي فراق کي پڻ وڏي پيماني تي بيان ڪيو آھي. پنھون جو سسئي سان پيار ۽ پوء شادي ، ان جي درد ڀري جدائي شاھ کي دلي طرح ڇھيو آھي. شاھ لطيف سر سسئي ۾ چوي ٿو،
“ساجن ڪاڙڻ سڃ مر قبولي سسئي
اندر جنين اڃ پاڻي اڃيو ان کي.“
شاھ چوي ٿو ڀلي سسئي جھڙي عاشقياڻي اوکو ۽ اڻانگھو سفر ڪري پنھون ڪاڻ،  جنھن وٽ پنھون جي پيار جو سچو جذبو آھي . اھڙي سڪايل ۽ اڃايل لاء خود پاڻي به اڃايل آھي. سچائي ۽ شفافيت شفاف شين کي پاڻ ڏانھن چقمقي ڇڪ ذريعي ڇڪي ٿي. تنھن ڪري ئي سسئي سچي عشق جي اڻانگھي ڪنڊن ڀرئي واٽ تي ھلڻ ۾ دير نه ڪئي.
سُر حُسيني ۾ لکي ٿو ته،
“منجھان منھنجي روح جي جي وڃي ساجن وسري
ته مر لڳي لوھ ٿر ٻاٻيھو ٿي مران !“
ٻاٻيھو پکي کي مثال بنائيندي لطيف چوي ٿو ته ٻاٻيھو پاڻي جي تلاش ۾ ريگستان اندر پاڻي لاء تڙپي ٿو ، پر جڏھن خدا جي رحمت وسي ٿي ته پھرين ئي بوند سان ٻاٻيھو مري وڃي ٿو. سسئي جو چئي لکي ٿو ته مان منھنجي سچي عشق  پنھون جي سار پنھنجي روح مان پل به ڪڍي ذھن بدلايان ته،  منھنجو حشر به ان ٻاٻيھي جيان ٿئي ، جيڪو تڙپي ۽ ترسي به پاڻي لاء ٿو ۽ وري فنا به انھي پاڻي ڪري ئي ٿيو وڃي.
ٿر جي وارياسي علائقي جي سورمي مارئي جنھن پنھنجي مڱينتر ۽ پنھنجي ماروئڙن جي عشق ۾ عمر جا عيش ٿڏي ڇڏيا ، اھا مارئي به شاھ سائين جي ذڪر ۾ سدائين رھي.
سُر مارئي ۾ لکيل آھي ته،
“محلين ماندي مارئي ڏٺيم منھن ملور
اڻڀا سڻڀا ڪري سونھن وڃايس سور
پيس لوه لطيف چئي لٿس ڪوڏ ڪپور
چت جنين جا چور سي مکي مرڪ نه ڪنديون.“
شاھ سائين شاعري ۾ پنھنجي راء ڏيندي چوي ٿو ته مون شاندار عمر سومري جي محل ۾ مارئي کي پريشان ۽ اداس ڏٺو. ھن کي پنھنجي ديس سان ۽ پنھنجي ٿيڻ واري ور سان ايڏو چاھ آھي جو ، ھو محل ۾ وارن کي تيل ھڻي سڻڀا ڪرڻ بجاء اڻڀا وار ڪيو ويٺي آھي. ھو ڪا  به ٺاھ ٺوھ نٿي ڪري، بلڪه ھن جي نظر ۾ آھي ته  ھو سڀ سورنھن سينگار وڃي پنھنجي ور اڳيان ڪندي،  جنھن سان ان جو عشق آھي باقي ھو عمر سومري کي پيار جو دشمن سمجھي ٿي ۽ ھتي محلن جا سُک ۽ آسائشون ان لاء عذاب مثل آھن.
نوري ڄام تماچي جي قصي کي به شاھ سائين خوب ساراھيو آھي ۽ تعريف ڪئي اٿس.
انھي رومانس ڀرئي ماحول جي منظر ڪشي ڪري  سُر ڪاموڏ ۾ شاھ لکي ٿو،
“ھيٺ جر مٿي جر پاسي ۾ وڻراه
اچي وڃي وچ ۾ تماچي جي ساءَ
لڳي اتر واءَ ڪنجھر ھندورو ٿئي.“
سردار ڄام تماچي ھڪ  ميرن ڪپڙن واري مھاڻي تي عاشق ٿي ان کي پنھنجي راڻي بڻايو ۽ اھا ئي راڻي ان جي عشق جي امتحانن تي پوري لٿي ، جنھن سان اڄ ڪينجھر ڍنڍ ۾ ٻيڙي تي چڙھي سير پيو ڪري ۽ نوري جي سادگي ۽ نوڙت تماچي جي روح کي به ريجھائي ڇڏيو آھي.
مومل راڻي جي عشق جي ڪھاڻي به شاھ کي متاثر ڪيو آھي. راڻي جو رسڻ ۽ پوء ٻنھي جو آخر ۾ فنا ٿيڻ ، انھن جي عشق کي خاص ۽ اُتم ٿو بڻائي.
سر مومل راڻو ۾ لکي ٿو،
“ھلو ھلو ڪاڪ تڙين جتي گھڙجي نينھن
نه ڪا رات نه ڪا ڏينھن سڀڪو پسي پرين کي.“
شاھ لکي ٿو ته بنا ڪنھن ويچار جي ڪاڪ محل ھلو،  جتي ھر وقت نينھن پيو گھڙجي  اتي رات ڏينھن جي ڪا حد مقرر ناھي،  ھر ڪو پنھنجي پرين کي ھر وقت نظر سان ڏسي اکين جون سڪون لاھي سگھي ٿو.

سر بروو سنڌي ۾ چيائين،
“ڪَڙو مَنجھ ڪڙي جيئن لُھار لَپيٽيو
منھنجو جي جڙي سپيريان سوگھو ڪيو“
شاھ سائين لوھار جي مثال ڏيندي چوي ٿو جئين زنجير ٺاھڻ وقت لوھار ھر ھڪ ڪڙي کي ٻي سان ملائي ٿو ۽ سوگھو قابو ڪري ٿو ته ، جئين زنجير ڪٿان ڍري  ٿي اُکڙي نه پوي ، تئين منھنجي جان منھنجي مٺڙي محبوب سان اٽڪيل آھي ۽ قابو لڳي پئي آھي.
سُر آسا ۾ ھي سٽون آھن ته،
“نيرانا ئي نيڻ نيئي آڇ پرين کي
ستر کاڌا کيڻ جه ڏٺو منھن محبوب جو.“
چوي ٿو بنا ڪجھ ڏسڻ جي جيئن ئي اک کوليو ته نيراني ئي پنھنجين اکين سان پنھنجي پرين کي ڏسي صبح جو آغاز ڪريو، پوء جڏھن پرين کي اکين ڏٺو ڄڻ ته انھن ستر کاڌا کائي ڇڏيا . پرين جي ديدار بنا ڪنھن ڏي نه ڏسو بلڪه  ھر نئي صبح جي آجيان پنھنجي محبوب جو مُک ڏسي ڪريو.

حالانڪه عشق جو موضوع ته وسيع کان به وڌيڪ وڏو ۽ ويڪرو آھي  ، ڄڻ ڪو آسمان ھجي جو اک کٽي،  دماغ منجھي ، پر نيراڻ نه ختم ٿئي .ڄڻ ڪو سمنڊ ھجي جنھن جي اونھائي جي شدت جو ڪو اندازو ئي نه ھجي.  پر شاھ جي شاعري دل سان پڙھجي ته سچ پچ عاشق ئي ڪريو ڇڏي.
سنڌ جي صوفي شاعر ۽ امن جو پيغام ڏئي دنيا سميت سنڌ لاء دعا ڪندڙ گھوٽ لال لطيف جو ساليانو 273ھون عرس 14 صفر کان 16 صفر تائين ڀٽائي جي نگري ڀٽ شاھ ضلعي مٽياري ۾ شروع ٿي رھيو آھي،  جنھن ۾ ڀٽائي جا لاتعداد عاشق اچي ميڙ ڪندا.
ھن دفعي ڀٽ شاھ جي ميلي ۾ نواڻ آڻڻ لاء نوان قدم کنيا ويا آھن . ثقافت واري صوبائي وزير سردار علي شاھ ۽ ثقافت کاتي جو سيڪريٽري اڪبر لغاري جي صدارت ۾ ڀٽ شاھ ريسٽ ھائوس ۾ گڏجاڻي ٿي. ميلي جي پھرين ڏينھن تي سورٺ راء ڏياج جو اسٽيج ڊرامو پيش ڪيو ويندو. ٻئي ڏينھن  ۾ عالمي ادبي ڪانفرنس “ لطيف منھنجي نظر ۾ “ جي عنوان ھيٺ مذاڪرو ٿيندو. روحاني راحت ڏيندڙ روح جي غذا موسيقي به ٽئي ڏينھن لاڳيتو ھوندي ، جنھن ۾ راڳ جي راڻي عابده پروين لطيف جا ڪلام ڳائي لطيف جي پانڌيئڙن کي جھومائيندي.  ميلي جو افتتاح پي پي پي سنڌ جو صدر ايم پي اي نثار کھڙو ۽ گادي نشين سيد وقار علي شاھ  ۽ اختتامي تقريب ۾ وزيراعلي مراد علي شاھ ھوندو.
شاھ جي ميلي تي ھر سال جيان ھن سال به لطيف جا لکين پانڌيئڙا اچي شاھ جي نگري پھچي اچي رنگ رچائيندا،  ۽ ان جي ڪئي عاشق اچي پنھنجي عشق ۽ محبوب جي سلامتي لاء دعائون گھرندا. ھن سال جي عرس ۾ دعا آھي ته شاھ جا عاشق سدائين پنھنجي پرين سامھون سُرخرا رھن.

No comments:

Post a Comment