Saturday, 3 December 2016

ڏيئن واري ڏياري مبارڪ / ماھم سنڌي / ميرپورخاص

30/10/2016

ڏيئن واري ڏياري مبارڪ / ماھم سنڌي / ميرپورخاص

mahamsindhi05@gmail.com

جئين وڻ پنھنجي ڇانو جو سودو ناھن ڪندا ، جئين گل پنھنجي روح ڇڪيندڙ سڳنڌ سبب خودغرضي ڪري پنھنجيون پتيون سخت ناھن ڪندا،  جئين شفاف پاڻي ڪو به رنگ اڌار وٺي پاڻ کي رنگين ناھي ڪندو،  جئين پکي پنھنجي پَرن کي اونچي اڏام کان روڪيندا ناھن ،  تئين ئي روشني  پنھنجي اڇاڻ ۽ چمڪ کي اونداھي اڳيان ڪڏھن ناھي وڪڻندي. ڀلي ڪيڏو به گُھگھ انڌيرو حاوي ڇونه ٿي وڃي پر روشني ان اڳيان ھميشه سرخرو ٿي اڳڀري ٿي ايندي آھي.
روشني ۽ چمڪ فتح جي نشاني ھوندي آھي ۽ اونداھي کي شڪست ۽ ناڪامي تصور ڪيو وڃي ٿو. ھٿرادو ھجي يا قدرتي روشني پر انھيء کي ڪاميابي جي ضمانت سمجھيو وڃي ٿو.اونداھ ۾ اسان جا دل ڏڪجيو وڃن ٿا ، پر روشني جو ھڪ ئي ننڍڙو ڪرڻو پوري اونداھي ۽ ڊپ کي مات ڏيڻ لاء ڪافي ھوندو آھي. انساني جو فطرتي طور روشني سان مثبت لڳاءُ آھي ، تڏھن ئي ته ننڍو ٻار به اونداھ ۾ روئڻ شروع ڪندو آھي پر جڏھن  ڪابه روشني ٿيندي يا لائيٽ اچڻ سبب بلب ٻرندا ته کلڻ شروع ٿي ويندو.رات جي اونداھي اسانجي ذھن تي به منفي اثر ڇڏي ٿي،  تڏھن ئي اسان پنھنجي پريشانين سبب ڪافي نراش ۽ اداس تي وڃون ٿا ، شايد ان ۾ ھڪ سبب اھو ھوندو آھي ته رات جي اونداھي اسانکي وڌيڪ مايوس ٿي ڪري ، پر نئون ڏينھن جئين روشن ٿئي ٿو ته اسان ڪافي مثبت سوچ ذھن ۾ آڻي ڪا نئي اميد پيدا ڪري وٺندا آھيون. روشن سج ۽ روشني ھميشه نوان حوصلا ڏيندڙ ھوندي آھي. گھڻا ماڻھو ائين چوندا آھن ته جنھن مھل سج لھندو آھي ته انھن ۾ اونداھي جي اچڻ جي عجيب مونجھ پيدا ٿيندي آھي ۔ اونداھي کي ختم ڪرڻ لاء رات جو سج لٿي کانپوء اسان ان کي ڏيئن ۽ لائيٽن سان  روشن ڪري پنھنجي جيت جو اظھار ڪري اونداھ مٿان چٽو ڪريون ٿا ته،  تون شڪست کاڌل آھين. روشني طرف اسان جا روح ڇڪجيو وڃن ٿا پر انڌيرو ذھني مونجھ پڻ پيدا ڪري ٿو .

اونداھي کي مات ڏئي روشنين کي فتح ڏياريندڙ دنيا جي وڏي ليکجندڙ ھندو مذھب جو سڀ کان وڏو خوشين جو ۽ جيت جو تھوار ڏياري (ديپان والي )،  وڏي مذھبي جنون ۽ جذبي سان دنيا ۾ وڏي پيماني تي ملھايو وڃي ٿو. ديپان والي جو لفظ سنسڪرت ٻولي مان ورتل آھي جنھن جو آسان ٻولي ۾ مطلب آھي ته “ سڌي صف ۾ رکيل ڏيئا“ .
ان خوشي جي تھوار تي ھندو مذھب جا مڃيندڙ ڏيئا لائيٽون ٻاري گھر توڙي مندر ۽ ٻيون عبادتگاھون روشني سان چمڪائي پنھنجي فتح جو اظھار ڪن ٿا . اھو ڏھاڙو وڏي پيماني تي قديم  وقت کان ملھايو پيو وڃي ۽ ھاڻي جئين ته دنيا جديد ٿئي وئي آھي تئين وڌيڪ جوش خروش ۽ نون طور طريقن سان ملھايو وڃي ٿو . اھو تھوار ھندو مذھب جا مڃيندڙ عقيدي جي پختگي سان ملھائين ٿا. ھندوستان ، پاڪستان ، بنگلاديش ،  نيپال ، سريلنڪا توڙي جٿي به ھندو مذھب سان لاڳاپيل ماڻھو رھن ٿا اھي ڀرپور طريقي سان ملھائي مزو وٺن ٿا.بلڪه ٻڌمت ، جين ۽ سک به انھي ڏھاڙي  کي ملھائين ٿا. اھو ھڪ قومي خوشي جو ڏھاڙو ڪري ملھايو وڃي ٿو. خريف مند ۾ جڏھن ڦٽيون ۽ ٻيو فصل لھي ٿو ته ان مند جي پڄاڻي تي ھندن جي ڪئلينڊر جي مھيني ڪارتيڪا ۾ جڏھن سرءُ جي موسم جي آمد ھوندي آھي ته اھو تھوار وچ آڪٽوبر يا وچ نومبر ۾ ملھايو وڃي ٿو،  ھن سال اھو تھوار 30 آڪٽوبر تي سڄي دنيا ۾  ملھايو ويندو. ھڪ حقيقت موجب جڏھن گرمي جي مند جو فصل لھي ٿو ته اھو ناڻي وارو فصل وڪڻي ذميندار توڙي ھاري پئسو ڪمائي پوء خريداري ڪن ٿا ۽ گھر ۾ جڏھن ناڻو اچي ٿو ته اھي چون ٿا ته گھر ۾ دولت،  لڪشمي ديوي مھربان ٿي آئي آھي .

ھر ھڪ تھوار پويان ان جو تاريخي پس منظر ھوندو آھي جنھن کي ياد ۾ آڻيندي اسين انھي تھوار تي خاص پروگرام ڪريون ٿا .  15 قبل مسيح ۾ ھندن جو ڀڳوان راما  پنھنجي زال سيتا ۽ ان جي ڀاء لکشمڻ سان 14 سال جي قيد بعد جڏھن ھندو راڪشس راون کي شڪست ڏئي جيت جو تاج پائي پھتو ته انھن جي پھچڻ جي خوشي ۾ ڳوٺاڻن ڳوٺ جي سڀ رستن ۽ ڳلين تي روشني سان چراگاھ ڪري جشن ملھايو ۽ مٺايون ورھايون. جئين ئي ڀڳوان راما سختيون سھي واپس پھتو ته ايندي ئي جٿي ڪٿي ڏيئا ۽ لالٽين ٻريل ڏٺائين ۽ سڀ آسپاس وارا ان کي انھي جي حاصل ڪيل ڪاميابي تي مبارڪون ڏئي جشن ملھائڻ لڳا. انھي وقت کان اھو ڏياري جو جشن ملھايو پيو وڃي.
ڏياري جو جشن پنج ڏينھن ملھايو وڃي ٿو ، جنھن ۾ الڳ الڳ مذھبي پروگرام ۽ پوڄا پاٽ رکيل ھوندي آھي .  پھريون ڏينھن ڌنترش چئي ملھايو وڃي ٿو،  انھي تي ڏياري جي پروگرامن جي شروعات ٿئي ٿي. پھرين ڏينھن تي عام ماڻھو توڙي ڪاروباري ماڻھو سڀ پنھنجي گھر جي صاف صفائي ڪري گھر سجائيندا آھن ، جئين ته گھر مان ڪچري جي صفائي ، سامانن کي ترتيب ۾ رکڻ ،  بسترن کي ڌوئي وڇائڻ،  گھر ڇنڊڻ ،  گھر ٻاھران ۽ اندر گلن جي سجاوٽ ڪرڻ ، بتيون لڳائڻ ، ڏيئا ٻارڻ ۽ دروازي جي سامھون رنگولي ( مختلف رنگن سان ٺاھيل سھڻا گُل ) ٺاھڻ وغيره. انھي ڏينھن تي لڪشمي جو جنم ڏڻ چئي ڪري اھا دعا ڪندا آھن ته لڪشمي انھن جي گھر اچي،  جنھن جي اچڻ سان گھر ۾ دولت ۽ خوشحالي ايندي  ،  انھي ڪري ھو انھي رات جو گھر جون در  ۽ دريون کولي رکندا آھن ته رات جو ڪنھن به وقت لڪشمي اچي سگھي ٿي ۽ ان جي اچڻ سان گھر ۾ پئسو ايندو ۽ پريشانيون رفع دفع ٿينديون. انھي پھرين سڄي رات گھر ڏيئن ۽ لائيٽن سان روشن ٿيل ھوندو آھي ، انھي ڏينھن تي ماڻھو سون ۽ چاندي جي زيورات جي خريداري پڻ ڪن ٿا ۽ شام جو لڪشمي جي پوڄا ڪندا آھن ۔  ڏياري جو ٻيو ڏينھن ننڍي ڏياري يا نارڪا چتردسي جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو،  انھي ڏينھن تي به رنگولي ٺاھي وڃي ٿي ، گھر ۾ مٺا طعام ٺاھيا وڃن ٿا ۽ ڇوڪريون ھٿن تي ميندي لڳائين ٿيون ، گھر ۾ خوشي جو سماء لڳو پيو ھوندو آھي.تاريخ موجب انھي ڏينھن ڀڳوان ڪرشنا پنھنجي مخالف ھڪ شيطان کي ماري ختم ڪيو ھيو. ٽيون ڏينھن لڪشمي پوڄا طور ملھايو وڃي ٿو ، انھي ڏھاڙي تي سڀئي نوان جوڙا پائي تيار ٿيندا آھن.  ان تي لڪشمي جي پوڄا ڪئي وڃي ٿي ۽ سڄو گھر ڏيئن سان سجايو وڃي ٿو.ڏيئن ۾ تيل وجھي اھي چؤطرف ٻاريا وڃن ٿا. انھي رات گھر جي درين ۽ دروازن تي ڏيئا ۽ ميڻ بتيون ٻاري لڪشمي جو آڌرڀاءُ ڪندا آھن ۽ انھن مطابق رات جو ڪنھن به وقت لڪشمي ديوي گھر ۾ ايندي ۽ پاڻ سان گڏ خوشحالي ۽ دولت کڻي ايندي،  انھي رات خاص طور تي در دريون کليل رکبيون آھن ۔ رات جي پوڄا بعد سڀ گھر ڀاتي گھرن ٻاھران گھٽين تي ڦٽاڪا ، ڦل جھڙيون،  راڪيٽ ، سوتلي بم ، انار ۽ ٻيون ڪيتريون ئي لائٽين واريون شيون ٻاري مزا وٺن ٿا.  چوٿون ڏينھن زال مڙس جي وچ ۾ پيار ۽ ساٿ نڀائڻ جو ڏينھن ڪري ملھايو وڃي ٿو،  اھو ڏينھن شادي شده جوڙن لاء ھجي ٿو. مڙس پنھنجي زالن کي تحفا  ۽ سرپرائز ڏئي خوش ڪندا آھن ۽ سدائين ساٿ ڏيڻ جو وچن ورجائيندا آھن.  پنجون ڏينھن ڀينرن ۽ ڀائرن لاء مخصوص آھي ، جنھن کي ڀائي دوج چيو وڃي ٿو . پراڻي زماني ۾ جڏھن پري رھندڙ ڀاءُ سفر ڪري اچي گھر رسندا ھئا ته ڀيڻيون خوش ٿي اھو ڏينھن ملھائينديون ھيون. انھي ڏينھن تي شادي شده عورتون پيڪن وڃي پنھنجي ڀائرن سان پيار ونڊينديون آھن،  اھو ڏينھن به رڪشا ٻنڌڻ وانگيان ئي آھي ۽ ڀاءُ پنھنجي ڀيڻين کي گفٽ ڏين ٿا ۽ ڀينرون سٺا کاڌا ڀائرن لاء ٺاھين ٿيون. 
اھي پنج ئي ڏينھن ھندو مذھب جا پوئلڳ مذھبي خوشي جي تھوار تي ڀرپور انداز ۾ ڳائي وڄائي ملھائين ٿا. جھڙي طرح اسلام مذھب ۾ مسلمانن جون ٻه وڏيون عيدون عيدالفطر ۽ عيد الضحٰي ھونديون آھن ۽ جئين مسيحي مذھب وارا ڪرسمس جو ڏھاڙو پوري مذھبي خوشي سان ملھائين ٿا،  ائين ئي ھندن جا ٻه وڏا خوشي جا ڏڻ ھولي ۽ ڏياري ھوندا آھن . ھندوستان ۾ انھن عيدن تي عام موڪل ھوندي آھي،  پر پاڪستان ۾ صرف اھا موڪل انھيء ڏينھن تي ھندن لاء مخصوص ھجي ٿي. انھي عيد تي حڪومتن طرفان خاص ھدايتون جاري ڪيون وينديون آھن ته،  بارود سان ڀريل ڦٽاڪن کي  وڄائڻ ۾ احتياط ڪن ۽ ٻارن کي پاسيرو رکن،  ڇوته ڪيترائي سڙڻ جا ۽ گھرن کي باھ لڳڻ جا واقعا پيش اچن ٿا .
سنڌ جي سرواڻ شاھ لطيف پنھنجي سُر سامونڊي ۾ به ڏياري جو ذڪر ڪيو آھي جنھن ۾ چيو اٿس :  

ڏٺي ڏياري سامونڊين سڙه سنباھيا
وجھيو ور ونجھ کي روئي وڻجاري
ماريندء ماري ! پره سور پرين جا.
ھن بيت ۾ شاھ سائين وڻجارن بابت لکيو آھي ته،  ڪئين وڻجارا سمنڊ مان موتي ڳولڻ لاء سامونڊي سفر تي نڪري ويا آھن ۽ پويان انھن جون ونيون انھن جي راھ پيون ڏسن. جڏھن ڏياري ويجھي ٿي آھي ته ونيون پنھنجي مڙسن جي اچڻ جي آس کنيو ڪناري تي بيٺيون آھن ته من ڪو پري کان سامونڊي ٻيڙا نظر اچن ۽ ھنن جو ور انھي ۾ ھجي ۽ ان سان گڏجي خوشي ملھايون. سنڌ اندر ڏياري وڏي خوشي سان ملھائي وڃي ٿي جنھن جو ذڪر سڀ شاعر توڙي اديب پنھنجي قلم ذريعي ڪن ٿا . امن جي ڌرتي سنڌ ۾ ھندو مسلمانن سان گڏجي اھو ڏينھن ملھائين ٿا . مان پاڻ جڏھن اڃا ننڍڙي ھيس ته ڏياري جي موقعي تي کوڙ سارا ڦٽاڪا گھرائي ڪري وڄائي خوشي ڪندي ھيس،  نه صرف مان پر منھنجا آسپاس جا مائٽ سڀ ملھائيندا ھئا . منھنجو بابا سائين خاص ڪري وڏا ڦٽاڪا وٺي ايندو ھو ،  جنھن جي وڄائڻ سان اسانکي خوف چڙھندو ھو ۽ پوء  بابا پاڻ اڳيان ٿي وڄائيندو ھو. ھئينر به شاگرد طبقي جا ڇوڪرا مسلمان توڙي ھندو اھو ڏھاڙو خوب ملھائين ٿا . سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ ته خاص ڪري شاگرد وڏا پروگرام رکي اھو ھندن جو مذھبي ڏڻ ملھائين ٿا .

انفرادي طور ھر فرد کي بنيادي حق حاصل آھي ته ھو جنھن به مذھب سان تعالق رکي ٿو ان کي پوري  آزادي سان ملھائي،  پر پاڪستان ۽  اسان جي پاڙيسري ملڪ ھندوستان ۾ مذھبي انتھاپسندي ايڏي عروج تي پھتي آھي ، جو اسان پنھنجي مذھب کي نه صرف بلڪل درست سمجھون ٿا پر سامھون واري جي مذھب تي چٿرون ڪڍي ان کي ان جي مذھب بابت ھلڻ کان روڪيون ٿا. سنڌ اندر جئين ڪجھ مذھبي گروھن انتھاپسندي ڦھلائڻ شروع ڪئي آھي،  تڏھن کان ھندو مذھب کي سڌو نشانو بڻايو پيو وڃي . انھن کان ڦُر جا واقعا ،  جبري طور مذھب مٽائڻ،  انھن جون نياڻيون اغوا ڪري کڻي وڃڻ ، انھن کي ڌمڪيون ڏئي سنڌ ڇڏڻ تي مجبور ڪرڻ ، جھڙا ڳنڀر مسئلا ڳڻتي جو سبب بڻيو بيٺا آھن. امن جو پيغام ڏيندڙ سنڌ جي مھان ڌرتي تي دشمن عنصر اھڙو ته ڄار وڇائي رھيا آھن ، جئين مذھبن جي بنياد تي انسان پاڻ ۾ ھڪ ٻي سان جنگ جوٽي فساد برپا ڪن . اسان سنڌين کي انھي ڳالھ جي ضرورت آھي ته مذھب کي فساد جي بنياد نه بڻايون بلڪه پنھنجي ھندو ڀائرن ۽ ڀينرن سان پيار وڌايون ۽ گڏجي سنڌ کي ھر قسم جي انتھاپسندي کان پاسيرو ڪريون.
آخر ۾ سڀني ھندو ڀائرن ۽ ڀينرن کي ڏياري جون کوڙ ساريون واڌايون قبول پون.  شل ھر ٻرندڙ ڏيئو امن جي روشني کي وڌيڪ ۾ وڌيڪ ڦھلاءُ ڏيئي ۽ ان ۾ پيل پيار جو تيل ڪڏھن ختم نه ٿئي.

No comments:

Post a Comment