Saturday, 3 December 2016

مذھب جي نالي تي کيڏيل گندو کيڏ / ماھم سنڌي / ميرپورخاص

23/10/2016

مذھب جي نالي تي کيڏيل گندو کيڏ / ماھم سنڌي / ميرپورخاص
mahamsindhi05@gmail.com

جئين ته خدا پنھنجي ڪائنات ۾ ٺاھيل ھر شيءُ جيڪا جاندارن ۽ انسانن جي جئيڻ جو مک ذريعو آھي ،  اھا بنا متڀيد ۽ ڪنھن امير غريب توڙي ڪاري اڇي ۽ ھندو مسلمان سڀن لاء ذري فرق بنا بلڪل ھوبھو ساڳي ئي رکي آھي . اوڀر کان اونچا ڪرڻا ڪڍي جبلن پويان لڪل سج جڏھن نيري آسمان جي جسم تي وائکو ٿئي ٿو ته ، اھو ساڳي تپش،  ساڳي توانائي ۽ ساڳي روشني ھر انسان ۽ جاندار کي  بلڪل ساڳي ئي طرح ڏئي ٿو. رات جو چنڊ پنھنجي من موھيندڙ ٿڌي چانڊوڪي جڏھن ڦھلائي ٿو ته ، اھا ساڳي ئي سڀن لاء ھجي ٿي. اھو ساڳيو ئي چنڊ ھوندو آھي،  جنھن کي ڏسي مسلمان عيدون ملھائيندا آھن ۽ ھندو پنھنجا ڪرواچوٿ جا روزا رکندا توڙي ٻيا مذھبي ڏڻ ملھائيندا آھن . وري جي نظر ٿوري اڃا وسيع ڪيون ته زندگي جو سڀ کان اھم عنصر پاڻي به ته جئين بي رنگ ۽ بي بوء آھي،  اھو ڪنھن خاص مذھبي فرقي يا ڪنھن جاندار خاطر پنھنجو رنگ مٽائي پنھنجي بي رنگي دور نٿو ڪري . پاڻي جي قدرتي دستيابي ھڙئي جاندارن لاء ساڳي ئي آھي. پاڻي ڪنھن مخصوص مذھب خاطر پنھنجي بي سوادي مٽائي مٺاس نٿو آڻي ۽ نا ئي ڪنھن مذھب سان اختلاف سببان پاڻ ۾ ڪڙاڻ ٿو آڻي. اسان کي ماحول مان ملندڙ ھوا جنھن ذريعي اسان آڪسيجن کڻي جسم کي جئيندان ڏيون ٿا ، اھا به ھر انسان لاء ساڳي ئي طريقي سان موجود ھجي ٿي . ڪڏھن اھو ناھي ٻڌو نا ڏٺو ته ڪو ھوا پنھنجي شفافيت جو سودو ڪري ڪنھن مذھب جي پاسي ٿي ڪري ڪا ظاھري ڏيک ڏيندڙ شڪل اپنائي ھجي .  انھي ڏس ۾ ڏسندا وينداسين ته خدا جون سڀ نعمتون ،  ميوات جا ذائقا،  سايون ڀاڄيون،  ڪڻڪ جا داڻا،  گلن جي خوشبو ، مينھن جي ڪڻ ڪڻ ، موسمن جا ڦيرا،  مٽيء جي ڀنل خوشبو ، ماکي جي مٺاس ۽ ھر قدرت پاران ٺاھيل عنصر لادين آھي ۽ ڪنھن به مذھب جي حق ۾ بيھي ائين نه چوندو ته ٻي مذھب سان اختلاف خاطر پنھنجي اصل حالت بدلائيندس . الله تعالي پنھنجيون نعمتون مذھبن جي بنياد تي ناھن ورھايون بلڪه ائين چئي سگھجي ٿو ته اھا ورھاست چڱي بري جي وچ ۾ توازن وڃائيندي ھجي. پر ھي دنيا جنھن جي گولي تي انسانن جون لالچون انھن جي ذھنن تي ايتريون ھاوي آھن جو قدرتي قانون کي اورانگھي پاڻ کي خدا سمجھي ،  فرعوني سوچ جي ترجماني ڪرڻ لاء ھر وقت ڪوشان آھن.
محبتن جي پيغمبر طور سڃاڻپ رکندڙ  لبنان جي عظيم ليکڪ ۽ فلاسفر پنھنجي ھڪ شاھڪار ناول “ڀڳل کنڀراٽيون“ ۾ مذھبي پيشوائين کان بيزار ٿي ڪيڏو ته درست لکيو اٿس  “ عيسائين جا پادري ، مسلمانن جا امام،  ۽ ھندن جا برھمڻ سمنڊ جي انھي رت پياڪ نانگن وانگر آھن ، جيڪي ڪنھن نه ڪنھن طريقي سان شڪار کي ڦاسائي سندس رت چوسيندا رھندا آھن “.

آڪٽوبر 13 تي خميس ڏينھن ملڪي ۽ غير ملڪي نظرن جي مرڪز بڻيل اونچي درجي جي آسيه بي بي واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. اسلام آباد ۾ موجود ملڪ جي سڀ کان وڏي ۽ عوام کي انصاف ڏيڻ جي نالي سان ٺھيل سپريم ڪورٽ ۾ اھو ڪيس اڪلايو ويو.
بئنچ جو سربراھ جسٽس ميان ثاقب نثار ھيو ۽ بئنچ جي رڪن جسٽس اقبال حميد الرحمان ان مقدمي جي ٻڌڻي کان انڪار ڪري ڇڏيو ، جنھن سبب ڪيس جو فيصلو اچي نه سگھيو. جسٽس اقبال موجب ھو اڳ ئي سلمان تاثير جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪري چڪو آھي ۽ ھي ڪيس به انھي سان سلھاڙيل آھي سو ھو سامھون نه ايندو.اھا ڳالھ ته ظاھر ظھور آھي ته ان کي ۽ ان جي خاندان کي ڪيترا  خطرا ان ڪيس ٻڌڻ سان لاحق آھن. ڪيس جي ٻڌڻي دوران
ڪورٽ ۽ ان جي خارجي ۽ داخلي رستن تي سخت پھري ھيٺ ھيء ڪيس ھليو. رينجرز ۽ شھري پوليس جي وڏي نفري جي موجودگي ۾ آسيه بي بي کي آندو ويو ، جنھن جي جان کي چويھ ڪلاڪ سخت خطرو آھي. ڪورٽ جي اندرئين احوال کان پھرين ضرورت آھي ڪورٽ جي چار ديواري جي ٻاھر منظر ڏسون ، جيڪو دلچسپ ۽ وڻندڙ  نه ھيو بلڪه مونجھارو پيدا ڪري رھيو ھيو ۽ مذھبن جي قد کان اونچي سوچ رکندڙن لاء ته کل کسيندڙ ھيو. ٻاھرين منظرنامي ۾ عورتن ۽ مردن جو احتجاج ھيو،  جنھنن جي ھٿن ۾ پوسٽر ، پلي ڪارڊ ۽ پمفليٽ جھليل ھئا. ڪنھن ۾ لکيل ھيو ته توھين رسالت ڪرڻ وارن کي ڦاھي تي ٽنگايو،  ڪٿي لکيل ھيو آسيه بي بي جي موت جي سزا بحال ڪريو،  ڪٿي ھي اکر چٽيل ھيا ته جيڪو به آسيه بي بي جو پاسو کڻي ان جي حق ۾ آواز اٿاري ٿو ته ان کي آسيه بي بي سان گڏ سولي تي ٽنگائي ڳلي ۾ رسو وڌو وڃي،  ڪٿي اھي به اکر وائکا ھيا ته جنھن به پيغمبر محمد مصطفي صہ جي توھين ڪئي ان جي سڌي سزا موت آھي. انھن سان گڏ نعريبازي به ھئي ۽ ڪيس اڪلائيندڙ بئنچ ۾ موجود ججن،  وڪيلن ۽ مددگارن کي سر عام ڌمڪيون به شامل ھيون . ھيءُ چؤ واٽو ڪو سنڌ جي ننڍي شھر جو ننڍو علائقي ۾ موجود مدرسي جو علائقو نه ھيو،  جتي اھو سڀ چوڻ جائز سمجھيو پئي ويو ، پر ھي اسلامي جھموريه پاڪستان جي راڄڌاني اسلام آباد ھئي ، جتي جو ناتو سڄي دنيا سان ڳنڍيو پيو آھي. دھشتگردن جو ڳڙھ بڻيل  ۽ ھٿيارن سان ڀريل لال مسجد مان موڪليل انھن جا ڇاڙتا انھن جي انتھاپسندي کڻي اچي وچ روڊ ۾ ھوڪا ڏيڻ لڳا،  پر ڪنھن ھڪ کي گرفتار ڪرڻ جو پري تائين ڪنھن ذڪر نه ڪيو.
سنڌي جي مشھور ليکڪ ۽ فلاسفر امر جليل جي ھڪ لکيل شاھڪار ۽ سچي ناول “ نيٺ گونگي ڳالھايو “ ۾ جڏھن قاضي محله روھڙي شريف جي گُم ٿيل محمد اسلام کي ڳولڻ لاء،  ھڪ گونگو شخص گلاب گونگو  جڏھن اسلام آباد ۾ اچي ٿو ته ،  ھو محمد اسلام کي ڳولڻ جي لاء ھٿ سان لکيل پاٺو ڪوڪن سان بانس جي ڪاٺي تي ٺوڪي،  صبح جو جڏھن آبپاره وٽ اچي بيھي ٿو ته   ڊيوٽي تي موجود سپاھي  گلاب گونگي سان ڳالھائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ، ھو ويچارو گونگو ڇا ڳالھائي سگھي. انھن سپاھين کي سنڌي ناھي ايندي   ، صرف اسلام جو نالو پڙھي اتي بيٺي بيٺي ھڪدم فيصلو ڪري ڇڏين ٿا ته ، ھي ماڻھو وڏو دھشتگرد،  تخريبڪار ۽ ھندوستاني ايجنٽ آھي ۽ پوء ان کي ماريندا ، مڪون ھڻندا گرفتار ڪري وڃن ٿا ۽ انھي کي طرح طرح جو اذيتون ڏئي زور وجھن ٿا ته تون ڳالھائي ته ھندوستان جي طرفان ڪھڙي مشن تي آيل آھين؟ نيٺ چيچيري ان جا ساھ پورا ڪري ڇڏين ٿا. ھڪ سنڌي جو اھو وچ رستي تي حال ۽ سري عام نفعرت ۽ دھشت ڦھلائيندڙن سان رعايتون ، شايد ھي ساڄو پاسو مُلن جي ڊگھي ۽ گھاٽي ڏاڙھي سبب وڌيڪ ئي وزني ھوندو؟ بھرحال ڳالھه ڪٿان جي ڪٿ کڻي آيم ، اصل موضوع بي گناھ آسيه بي بي جو ھيو ته  ھڪ غريب  مسيحي برادري سان تعلق رکندڙ  5 ٻارن جي ماءُ  آسيه بي بي ڇو ايڏي رياستي ظلم ھيٺ نچوڙي پئي وڃي؟ ڇا ھو پنھنجي مرضي سان مذھب ۽ ملڪ جي چونڊ ڪئي ھئي؟ آسيه بي بي جي دردناڪ ڪھاڻي کي ڄاڻڻ لاء اھو لازمي آھي ته اسان ان جي پوئين منظر نامي تي اک وجھي تجزيو ڪيون ته ، ڇو ھڪ بي گناھ عورت ايڏين وڏين مصيبتن جي ڄارن ۾ ڦاسي پئي؟ ايترا منجھيل ڄارا ته ڪوريئڙو به ٺاھي نه سگھندو؟

سال 2009ع جي ھاڙ جا تيز ۽ تکا ڏينھن ھئا ۽ آسيه بي بي جئين ته ھڪ غريب ۽ مزدور طبقي جي ھئي ، سو ڪم ڪرڻ لاء صبح سوير پنھنجن ٻچن کان موڪلائي نڪتي ،  ھو ڄاڻندي نه ھئي ته ھو ڪا وڏي مصيبت پاڻ تي ڪيرائڻ پئي وڃي. اتي ڪم دوران ھن ٻه مسلمان عورتن جي پاڻي جي گلاس مان  پاڻي پيتو ته جئين اڃ اجھائي سگھي،  پر اھي ٻئي پاڻ کي سچو مسلمان سڏائيندڙ عورتون آسيه کي عيسائي مذھب جو ڏسي چڙي پيون ۽ تپي باھ ٿي ويون ۽ ائين اھي آسيه سان زبان جي بدڪلامي بعد وڙھڻ لڳيون. اھي ٻه عورتون پنھنجا لڳايل الزام کڻي اچي پنھنجي قران پاڪ جي استادياڻي وٽ پھتيون ته ھڪ عيسائي برادري جي عورت اسان جي پاڻي جي گلاس مان پاڻي پيءُ اسان جي پاڪ ۽ پاڪيزه پاڻي کي حرام ڪيو اٿس ، اسان سان انصاف ڪريو .  انھي استادياڻي جو مڙس محمد سالم مسجد ۾ پيش امام طور ذميواري  نڀائيندڙ ھو،  انھي جي ڪنن تائين جو ڳالھ پھچي ته ھٿرادو طور ڳالھ مان ڳالھڙو ٺاھي چيلھ تي سندرو ٻڌي اسلام مذھب  ۽ ان جي آخري پيغمبر  حضرت محمد صه جي اڪيلي سر حفاظت ڪرڻ لاء گھران نڪتو ۽ اچي آسيه کي نشانو بڻائي بي بنياد الزام لڳائڻ لڳو. الزام به اھڙا جنھن جو نه منھن نه مٿو.  اڪيلي سر انھي مسجد جي مُلي توھين رسالت جو الزام لڳائي ، پنجاب جي ضلعي ننڪاڻه وٽ ڪيس داخل ڪرائي انھي مظلوم عورت جي پويان پنھنجي سڄي طاقت صَرف ڪري مذھب کي بچائڻ ۾ لڳي ويو ۽ 2010ع ۾ عوام کي انصاف مھيا ڪرڻ لاء قائم ڪيل لاھور ھاء ڪورٽ بي بنياد الزامن کي مڃيندي آسيه بي بي کي موت جي سزا ٻڌائي ،  سزا ٻڌائڻ وارن  جي اھا پنھنجا پاڻ سان وڏي ۾ وڏي ويساھ گھاتي ھئي . ان بعد پنجاب جي اڳوڻي گورنر سلمان تاثير ان ظلم خلاف آواز اونچو  ڪري چيو ته آسيه بي بي ڪو ڏوھ ناھي ڪيو ۽ ان کي رھا ڪرڻ جي اپيل داخل ڪرائي وئي . پر انھي جي انھي حق سچ جي آواز کي دٻائڻ لاء  سلمان تاثير جي مخالفت ڪندي ڪيترن ئي ملن ان کي واجب القتل قرار ڏنو ۽ ان جي ئي گارڊ ممتاز قادري سري عام 4 جنوري 2011ع تي  انھي کي گوليون ھڻي قتل ڪيو ۽ جرم قبول ڪيائين ته ان آخر ڇو آسيه بي بي جي حق ۾ ڪجھ ڳالھايو؟ انھي کي ڦاسي اچڻ گھرجي . ھاڻي ممتاز قادري به نڪري پيو اسلام جي ۽ نبي جي حفاظت لاء  ۽ پوء ان کي انھي قتل جي ڪيس ۾ 2016 ۾ ڦاھي تي ٽنگيو ويو. ھيء ته اڳتي وڃي خدا اڳيان سرخرو ٿيو ھوندو ته اسلام کي بچائڻ لاء ھڪ شخص جو قتل ڪيو اٿم ۽ الائي ڪيترا انھي مذھب جي نالي تي ڪُڌا ڪم به ڪيا اٿم،  خير اھو ته ٿيو خدا ۽ ان جي وچ جو معامرو سو پاڻھي نبيريندو. سال 2014ع تي لاھور ھاء ڪورٽ جي ٻه رڪني بئنچ آسيه جي رھائي جي اپيل خارج ڪندي موت جي سزا بحال ڪرڻ جو فيصلو ٻڌايو.
ان بعد آسيه بي بي جي رھائي جي  فائنل اپيل لاء اھو ڪيس سپريم ڪورٽ جي حوالي ڪيو ويو ته ، ڪيترائي ٽوئيٽر تي ھيش ٽيگ ۽ جمعي جي خطبن ۾ ، توڙي پاڻ کي مذھب جا رکوالا سڏائيندڙ ملن جون فتوائون جاري ٿيڻ لڳيون ته،  پنج ٻارن جي ماءُ عيسائي مذھب سان تعالق رکندڙ آسيه بي بي بي جي موت جي سزا بحال ڪريو،  جنھن به انھي جي حق ۾ ڳالھايو اھو به جان تان ھٿ کڻي. جج ۽ وڪيلن لاء ڌمڪيون ۽ ھر آسيه جي حق ۾ ڳالھائيندڙ ماڻھو لاء ڌمڪيون،  آسيه بي بي جي حق ۾ انساني حقن جي تنظيمن  ۽ عيسائين جي روحاني پيشوا پوپ فرانسيس به انھي جي رھائي جي پڻ اپيل ڪئي آھي . اھو معامرو ڦھلجي ڪري بين الاقوامي سطح تائين وڃي پھتو آھي ته آسيه جو ھڪ مسلمان عورت جي گلاس مان پاڻي پيئڻ جو ڏوھ ايڏو سنگين نوعيت جو نه ھو،  جو ھو 2009ع کان ھر وقت وڏي اذيت سان پنھنجي ٻچن کا پري پئي گزاري.
ھنئير سپريم ڪورٽ ۾ آخري اپيل دائر ڪرائي وئي آھي ته آسيه بي بي کي آزاد ڪريو. خدانخواسته جيڪر آسيه جي اپيل رد ٿي ٿئي ته نه صرف پاڪستان اندر پر سڄي دنيا اڳيان پاڪستان جو معيار ڪري پوندو ته ھڪ اقليتي برادري جي عورت جي حفاظت پاڪستان جو قانون نه ڪري سگھيو ۽ ان کي ڪمزور سمجھي اڪيلو ڪيو ويو. پھرين ئي پاڪستان بابت ماڻھن جا منفي رايا گھڻا آھن،  پر اقليتن جي حقن جي حفاظت جو دعوي ڪندڙ پاڪستان اگر ھن وقت مذھبي انتھاپسندن اڳيان ھار مڃي ويھي رھيو ته اھو سڀني اقليتن لاء وڏو ھاڃو ھوندو . اڳ ئي پاڪستان ۾ مذھب جي اڪثريت ڄاڻائي مسلمان ھندن ۽ عيسائين سان ويڌن ڪيو ويٺا آھن ، انھن کي ھر طرح سان ھيسائين ٿا ۽ آسيه بي بي جي ڪيس انھي ڳالھ کي وڌيڪ پڌرو ڪيو آھي. پر رياست پنھنجي رٽ قائم ڪندي اگر انتھاپسندن اڳيان جھڪڻ کان انڪار ڪري ۽ آسيه بي بي خلاف بي بنياد ڪيس کي خارج ڪري ان کي آزاد ڪري ته ھوند مُلا ته سڀ سڙي پوندا ۽ ردعمل ۾ شايد ڪجھ غلط ڪري ويھن،  پر ان سان سڀني اقليتن ۾ ، انساني حقن جي لاء ڪم ڪندڙن ۾،  انسانن جي عزت ڪندڙن ۾،  ھڪ خوشي جي لھر ڊوڙي پوندي ۽ اميد جاڳي پوندي ته اڃا به ڪي حق سچ جي پوئواري ڪرڻ وارا ۽ انسانن کي مذھبن کان مٿي سمجھڻ وارا ماڻھو باقي آھن.

No comments:

Post a Comment